خاصنئون

2019 ۾ سنڌ جي ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي ڪارڪردگي نمايان رهي

آگسٽ 1987 کان نومبر 2019 جي دوران گدلاڻ پکيڙڻ وارا 230 سرن جا بٺا ۽ بيٽريون ري سائيڪل ڪرڻ وارا ڪارخانا بند ڪيا ويا. 100 کان وڌيڪ صوبي اندر سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن جي ماحولياتي نگراني ڪئي وئي. فيڪٽرين، اسپتالن ۽ ٻين ادارن کي ماحولياتي آلودگيءَ تي نوٽيس جاري ڪيا ويا، وڌيڪ دونهون ڇڏيندڙ 600 گاڏين مان 250 گاڏين تي ٽريفڪ پوليس ڏنڊ لڳايو. سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته سنڌ اندر انهن پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳائي وئي جيڪي گهڻي عرصي تائين ڳري نٿيون سگهن. تفصيل مطابق اِي پي اي سنڌ 595 صنعتون، اسپتالون، تعميراتي منصوبا ۽ ٻين ادارن کي ماحولياتي قانون جي خلاف ورزي تي نوٽيس جاري ڪيا بعد ۾ انهن مان 302 کي ذاتي شنوائي جو موقعو فراهم ڪيو ۽ انهن کي پنهنجي ماحولياتي معاملن کي درست ڪرڻ لاءِ چيو.