حڪومت نيب ترميمي آرڊيننس 2019 آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

هن آرڊيننس مطابق محڪمي جي نقصن تي سرڪاري ملازمن خلاف نيب ڪارروائي نه ڪندي. اهڙن ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي جن جي خلاف شاهديون هونديون ته انهن اهڙن نقصن مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سرڪاري ملازمن جي ملڪيتن کي عدالتي حڪم نامي کان بنا فريز نه ڪري سگهبو، سرڪاري ملازمن جي اثاثن ۾ اجائي اضافي تي اختيارن جي ناجائز استعمال ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ مهيني ۾ جيڪڏهن نيب تحقيق مڪمل نه ڪئي ته گرفتار ٿيل سرڪاري ملازم ضمانت جو حقدار هوندو. نيب پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ جي ڪرپشن ۽ اسڪينڊل تي ڪارروائي ڪري سگهندو. ٽيڪس ، اسٽاڪ ايڪسچينج، آءِ پي اوز سان لاڳاپيل معاملن ۾ نيب جي اختيار جو دائرو ختم ٿي ويندو ۽ ايف بي آر، ايس اِي سي پي، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيون ڪارروائي ڪري سگهنديون. زمين جي قيمت جي تعين لاءِ ايف بي آر يا ڊسٽرڪٽ ڪليڪٽر جي طئي ٿيل اگهن مان نيب رهنمائي حاصل ڪندو.