ميڊيڪل جي شاگردن لاءِ خوشخبري، ايئر فورس فضائيه رٿ فاوو ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪري ڇڏيو

پاڪستان ايئر فورس ڪراچي ۾ پنهنجو پهرين ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪري ڇڏيو، جتي ايم بي بي ايس لاءِ 100 سيٽون مخصوص ڪيون ويون آهن، جنهن جو نالو فضائيه رٿ فاوو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي رکيو ويو آهي. هن ميڊيڪل ڪاليج ۾ جنوري جي پهرين هفتي کان ايم بي بي ايس سال 21-2020 لاءِ داخلائن جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنوري کان داخلائن جو عمل شروع ڪيو ويندو. داخلائون پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جي مرڪزي داخلا پاليسي تحت ڏنيون وينديون.
