حيدر آباد يونين آف جرنلسٽس پاران ساجد سومرو تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ عرفانه ملاح خلاف هلايل مھم تي سخت ڳڻتي جو اظھار

حيدر آباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري منصور مري ۽ ٻين اڳواڻن پنهنجي گڏيل بيان ۾ پروفيسر ساجد سومرو تي توھين مذهب جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح جي خلاف هلايل مھم تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي ان کي اظهار راءِ آزادي کي زبردستي دٻائڻ جو عمل قرار ڏنو آهي. هنن چيو ته پروفيسر ساجد سومرو مٿان ڪنھن به اعليٰ سطحي جاچ ڪرڻ کانسواءِ توھين مذھب ڪيس داخل ٿيڻ جو پسمنظر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي استاد تنظيمن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اندروني گروهه بندي محسوس ٿي رھيو آھي، جنھن ڪري ھن نوعيت جي حساس معاملي جي سنجيده جاچ ٿيڻ کانسواءِ ڪيس داخل ڪيو ويو. ھنن چيو ته بحث هيٺ آيل قانون کي ڪجهه ماڻهو يا گروهه پنھنجن ذاتي، گروھي يا مسلڪ جي بنياد تي پڻ پنھنجن مخالفن خلاف استعمال ڪندا آيا آھن، جيڪي بعد ۾ عدالتن اندر ڪوڙا ثابت ٿيا، ساجد سومرو تي پڻ بنا جاچ جي ڪيس داخل ٿيڻ تي ڊاڪٽر عرفانه ملاح ان عمل ۽ قانون تي تنقيد ڪئي جنھن کي توھين رسالت جو عنوان ڏيئي سندس خلاف ماڻھن کي ڀڙڪايو پيو وڃي جيڪو سماج کي ورھائڻ ۽ ويڙھائڻ جي برابر آهي. ھنن حڪومت کان گھر ڪئي ته پروفيسر سجاد سومرو تي داخل ڪيس جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح خلاف مھم کي روڪي کيس تحفظ فراھم ڪري، سنڌ کي مذھبي ڇڪتاڻ کان بچائڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.

