“سائين ڇا مون کي ٽوئر تي وڃڻ جي اجازت ملي آهي؟” ڪَلوتيءَ روئڻهارڪي لهجي ۾ ننڍي صاحب کان پڇيو.
“مون صاحب وڏي کي تنهنجي ۽ وڪرم جي لاءِ چيو ته آهي، پر صاحب ڪا ورندي ناھي ڏني. صبح اچجو پوءِ ڏسون ٿا.” ننڍي صاحب وراڻيو.
ننڍي صاحب جو جواب ٻُڌي ڪَلوتيءَ جي دل ۾ ڏار پيو. اَکڙِين مان آب ڇَلڪي پيس. گنجي ٽَڪر تي ڪاليءَ جي تيرٿ جو ارمان پاڻيءَ تي ليڪي جيئن محسوس ٿيس. نااُميد ٿي آفيس مان نڪري وئي.
صبح جا 8 وڳا آھن. بس مُک دروازي تي بيٺي آهي. ملازم هڪٻئي کي ڌڪيندا بس ۾ سوار ٿيڻ لڳا. ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اداري طرفان اَڄ کين گنجي ٽَڪر جو سير ڪرائڻو آهي. ڪَلوتيءَ جلدي جلدي ۾ آفيسن جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري، ٻاهر اچي بس کي گهُورڻ لڳي.
بس روانو ٿيڻ تي هئي ته ننڍي صاحب دريءَ مان مُنھن ڪڍي ڪَلوتيءَ کي اچڻ جو اشارو ڪيو. ڪَلوتي ڊوڙندي آئي. جي پنھنجي رسڪ تي هلڻ چاهيو ته مون کي اعتراض ناهي، پر بس ۾ جاءِ ناھي، بيهڻو پوندو.
بَس حيدرآباد پهچڻ تي آهي. ٽن ماڻهن جي سيٽ تي ٻه عورتون ويٺيون آهن. ڪَلوتي هنن ڏي مسلسل ڪلاڪ کن کان نهاري رهي آهي. شايد ٽئين سيٽ تي ويهڻ لاءِ چوندي هُجي. هنن سمجهي ورتو. هڪ عورت پنهنجو پرس کڻي خالي سيٽ تي رکي ڇڏي ٿي. ڪلوتيءَ جي منھن تي اداسي ڇائنجي وئي. سمجھي وئي ته مان سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن آهيان.
هڪ سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن جيڪو عذاب هر روز ڀوڳي ٿو، اُن جو اندازو صرف هڪ سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن ئي لڳائي سگهي ٿو. سياسي، سماجي، معاشي، مذهبي، ثقافتي ۽ تهذيبي محاذ سان گڏوگڏ روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪا ٻه اکيائي سندن خلاف ٿئي ٿي، اها کين پَل پَل قتل ڪرڻ مثل آهي. نوان نقشا ٺهيا. اوهان کي الڳ گھر مليو. هڪڙا هن پاسي ٻيا هن پاسي. ٻنهي پاسي جي گهر جا مالڪ ڊڪٽيٽر ٿي ويٺا. ڇا توهان ڪڏھن سوچيو ته گهر جي ڪمزور ڀاتين جو ڇا ٿيندو؟ انهن جي سوچ تي اوھان جو پهرو. سندن گھمڻ ڦرڻ اوھان جي ھٿ وس. اٿڻ ويهڻ تي بندش. ڇا اوھين اُنھن جي پيڙا سمجھي سگھو ٿا ته هو ڪِيئن ٿا جيئن ڪِيئن ٿا مرن ۽ ڪيئن ٿا مرن ڪِيئن ٿا جيئن؟ بلڪل نه. توهان نٿا سمجھي سگھو. توھان سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن ناھيو. تنهنڪري نٿا سمجهي سگھو ۽ نه ئي سمجهي سگهندوءَ. دراصل توهان سمجهڻ ئي نٿا چاهيو.
بس هڪ ھوٽل تي اچي بيٺي. ٻين سان گڏ ڪَلوتي به پنهنجي عزيز وڪرم ساڻ لٿي. مرد توڙي عورتون هڪ ئي جاءِ تي گڏجي ويٺا. ننڍي صاحب سَڀني لاءِ چانهه جو آرڊر ڏنو.
پاڻيءَ جا جڳ ٽيبلن تي لڳي ويا. اُڃ اجھائڻ لاءِ ھرڪو پاڻيءَ ڏي لپڪيو. ڪَلوتيءَ به جڳ ڇڪي، پاڻيءَ جو گلاس ڀري، پيئڻ لڳي ته هڪ مائيءَ رڙ ڪئي:
“گلاس ھيٺ رک چوائين ٿي. تون ان گلاس ۾ پاڻي نٿي پي سگهين. هي اسان جو گلاس آهي. پنهنجو لوٽو گهرائي.”
ڪلوتيءَ پاڻيءَ جو ڀريل گلاس بنا پيئڻ جي چپن تان هيٺ لاٿو. مائيءَ سَٽ ڏئي گلاس ڦُري ورتس ۽ شور مچائڻ لڳي:
“تنھنجي ھمت ڪيئن ٿي اسان جي گلاس ۾ پاڻي پيئڻ جي؟” ڪَلوتيءَ ڪا به ورندي نه ڏني. ھوءَ ھيسجي وئي. چھري جو رنگ زرد ٿي پيس. چاليھارو ماڻھن جي ھجوم ۾ ھن پاڻ کي ڪمتر محسوس ڪيو. سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن ھئڻ جو درد دل ۾ سووئي جيان ٽُمبجي پيس. روح ڇَلجي پيس. ھزارن سالن جي عظيم سنڌو سڀيتا جي وارث ھئڻ تي ھميشه ناز رکڻ واري ڪَلوتي مرجھائجي پئي. مائي کيس ست سريون ٻڌائيندي رھي، پر ھوءَ ايئن خاموش رھي جيئن ڪَٽھڙي ۾ ھٿڪڙين سان جڪڙيل، سياسي انتقام جي ور چڙھيل ملزم، بخيل جج جي اڳيان ٻِڙڪ ٻاھر ڪڍڻ کان قاصر ھوندو آھي. کيس اندازو ھوندو آھي ته توھين عدالت جو قلم سندس زندگي ڳڙڪائي ويندو.
ھڪ ڀيري رات جو کلي آسمان ھيٺان ھوءَ ڏاڏيءَ واتان سُر پورب ٻُڌي رھي ھئي ۽ ھيٺيون بيت نه سمجھي سگھي؛
“ھلڻ جو ھنگلاج ڏي آديسين اتوم،
نيئي پورب پار ڏي ويراڳين وڌوم،
ھو جو تيرت تڪيو سامين سونھايوم!”
ڏاڏيءَ کيس ٻانھن مان ڇڪي سيني سان لاتو ۽ چيائين:
ڀِٽائيءَ کي جڏھن مجاز موھي وڌو ته ھوش خطا ٿي پيا ھئس. ڀِٽ ڇڏي گنجي ٽَڪر جو رخ ڪيو ھئائين. جتي ھندو جوڳين کيس جِيءَ ۾ جايون ڏنيون. سندس رھڻ، کائڻ پيئڻ، اُٿڻ ويھڻ جو بلو ھنن تي ھو. ڀٽائي گھوٽ کانئن متاثر ٿي ساڻن نانيءَ (ھنگلاج) جي تيرت تي گڏجي پيو ۽ ڌڻيءَ در ٻاڏايائين ته شل آئون انھن جي سنگت مان ڪجھ پرائي رچي لعل ٿيان.
“ڇا ھندو جوڳين شاھ سائين کي دل سان قبول ڪيو ھو؟”، ڪَلوتيءَ ڏاڏيءَ کان پڇيو.
جنھن تي ھن سُر آبري جو بيت پڙھيو:
“اڄ مَلينديَس ماءِ، ڌاڄا ڪنديس ڪپڙا،
جيجاَ جوڳياڻي ٿيان، مون کي جَهلِ مَ پاءِ
ھوت ٻروچي لاءِ، ڪنين ڪنر پائيان.”
اڳتي وضاحت ڪندي چيائين، جي ايئن ھجي ھا ته ھندو جوڳي ڀِٽائيءَ کي گيڙوءَ رتا ويس اوڍائي پاڻ سان اڻانگي سفر تي نه کڻن ھا. شاھ ته جوڳين کان سواءِ ھڪ پَل به نٿي جيئڻ چاھيو؛ “ھو جي ڪھيا ڏينھن قلات، آءُ نه جيئندي ان ري.”
چاليھارو مرد عورتن جي ڪَٽڪ مان ڪنھن ورندي نه ڏني. مڙني ماٺ اچي وئي. سندس دريائي نيڻن جي بَند ڀيڙُ ڏنو. نِيرَ سيلاب جيئان ڳلڙن تان ڌوڪيندا، ڳچيءَ ڏي وھي ويا. اچانڪ ڪلوتيءَ کي احساس ٿيو. پنھنجي پاڻ سان مخاطب ٿي دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي: مان ته سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن آھيان. منھنجي حال تي ڪنھن کي رحم ڇو ايندو؟ ھيءَ منھنجي سنڌ ته ناھي. منھنجي سنڌ ته ڀٽائيءَ واري سيڪيولر سنڌ آھي. ڪلوتيءَ رَئي سان اکيون اُگھي، چھرو مٿي ڪري ھجوم ڏانھن نھاريو. ھَٿ ٻڌي بيھي رھي. ھڪ ھڪ کي چتائي ڏٺائين. رَئو مُنھن تي ڏئي، رستو ٺاھي، بس ۾ چڙھي پئي.
گنجي ٽَڪر جو سير ڪري ملازم گھرن ڏانھن موٽي ويا. رات جو پويون پھر آھي. ڪَلوتي جي ڏاڏي، پوٽيءَ واتان گنجي ٽَڪر جي انھن ماڳن ۽ آستانن جي باري ۾ ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ بيتاب آھي، جتي جوڳين جي سنگت ۾ ڀٽائيءَ سيڪيولر سنڌ جو بنياد رکيو ھو. نه ڪا جھل نه پل، جي آيا سي اگھيا. ڪَلوتي خاموش آھي. ڏاڏيءَ جي بار بار اسرار ڪرڻ جي باوجود، ھوءَ ايئن چپ آھي جيئن رات جي آسمان تي بي آواز چنڊ.
چُپ جو روزو ٽُٽو. ڏاڏيءَ کي ايئن چمبڙي پوي ٿي جيئن شديد طوفان ۽ گجگوڙ واري ڪاري رات ۾ خوف وچان ڪنبندڙ ننڍڙو ٻارڙو ماءُ کي چمبڙي سندس ڇاتيءَ ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ھوءَ مسلسل روئندي رھي. ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪيائين. لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. ڳالھائي نه سگھي. سُڏڪندي سُڏڪندي ڏاڏيءَ ۽ ڀٽائيءَ کي ھڪ ئي جملي ۾ دانھن ڏنائين: