ايڊيٽوريل سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر صنعت جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي! May 11, 2024 Zahida Abro جڏهن لفظ صنعت استعمال ڪجي ٿو جنهن جو مطلب اهو آهي ته صنعتڪاري سان خوشحالي اچڻ لازمي آهي، اهو هڪ بهتر لفظ آهي، جيڪو سڌو سنئون اسان جي معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. جڏهن فرد جا معاشي مسئلا بهتر نموني حل ٿين ته پوءِ اهو سماج جو ڪارآمد فرد ٿي سماج کي اڏڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيئن ته صنعتڪاري روزگار ڏيڻ جو وڏو ذريعو آهي، ان ڪري جنهن به علائقي ۾ ننڍي يا وڏي صنعت لڳندي آهي اتي خوشحالي اچي ويندي آهي، ماڻهن جي روزگار جو ڪنهن حد تائين بندوبست ٿي ويندو آهي ۽ هڪ ننڍي صنعت سان جڙيل ڪيترائي ٻيا ڪم پڻ ان علائقي ۾ واپار جو ذريعو بڻجي خوشحالي جو سبب بڻبا آهن. دنيا 2024ع ۾ جتي ترقي جون منزلون تيزيءَ سان طئي ڪري رهي آهي، انساني زندگيءَ ۾ آسائشن، خوشين، سڪون ۽ ان جي زندگي گذارڻ جو معيار بهتر کان بهتر ٿي رهيو آهي. جنهن جو سڌو سنئون تعلق صنعت جي وڌڻ سان آهي. بدقسمتي ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي جو اڄ هڪ اهڙي صنعت جو ذڪر ڪري رهيا آهيون جنهن جو سڌو سنئون تعلق دهشتگردي ۽ ڌاڙيلن سان آهي ۽ ان جو منفي اثر اسان جي سڄي سنڌ تي پئجي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ جو هڪ ناميارو دانشور لکي ته سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ ڌاڙيلي صنعت هڪ گڏوگڏ هلندڙ معيشت بڻجي چڪي آهي، ايئن جيئن شهرن ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ڪم ڪندي آهي، ڪڏهن فائدي ۾ ته ڪڏهن نقصان ۾. ساڳئي نموني ڌاڙيلي صنعت پڻ ڪم ڪري رهي آهي ۽ وڌي ويجهي رهي آهي. زراعت جيڪا ڪچي جي علائقن ۾ 15 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي ڪئي ٿي وڃي، اها پڻ اڻ سڌي طرح ان گڏوگڏ هلندڙ معيشت جي هٿ هيٺ نظر اچي ٿي. ماڻهن جي اغوا ڪاري، انهن جو ڀُنگ وٺڻ، هٿيارن جو پهچڻ ۽ انهن جو وڪرو ٿيڻ ان سان گڏ ڪيتريون ئي ٻيون شيون انهيءَ صنعت سان جڙيل آهن. سوال اهو آهي ته ان فائدي جا ڀاڱي ڀائيوار ڪير آهن، جنهن جو جواب اسان ڳولهڻ نٿا چاهيون، پر خبر سڀني کي آهي، انهن علائقن جو جاگيردار، ايم اين اي، ايم پي اي، پوليس جو ڪامورو، روينيو جو ڪامورو، هٿيار پهچائيندڙ ماڻهو، هٿيار پيدا ڪندڙ فيڪٽريون، قبائلي جهيڙا، سياسي طاقت اهي سڀ ان ڌاڙيل جي صنعت جا ٺيڪيدار بڻجي ڪم ڪري رهيا آهن. چاهي اهي شهرن ۾ ويٺا هجن، اتي ويهي هٿيار پهچائيندڙ ڌرين سان رابطي ۾ هجن يا پنهنجي مرضي وارا آفيسر مقرر ڪرائڻ ۾ مشغول هجن. ان دانشور اهو پڻ واضح ڪيو آهي ته انهن ڌاڙيلن ۾ ٻن قسمن جا ڌاڙيل آهن هڪڙا اهي جن کي رياست جي پٺڀرائي حاصل آهي ۽ اهي رياست جي مقرر ڪيل حدن کي بلڪل به نٿا اورانگهين ۽ ٻيا اهي جيڪي حدون اورانگهين ٿا، پوءِ انهن تي ڏيکاءُ خاطر رياست طاقت استعمال ڪندي کين ختم ڪندي آهي، پر وري اهي پيدا ٿي ويندا آهن. ڇو ته رياست سٺا ڌاڙيل پيدا ڪندي رهي ٿي، انهيءَ جي ڪري خراب ڌاڙيل به پيدا ٿين ٿا، ڀوڳي ٿو بيوس ٿيل عوام. هاڻي ته اهڙا ويڙهاڪ پڻ پيدا ٿي چڪا آهن جيڪي ظاهري طور ڌاڙيل نظر نٿا اچن، پر انهن جو اصل ڪم اهو ئي آهي جيڪو ڌاڙيلن جو آهي. انهن سان گڏ 50 کان 60 ماڻهن جو هٿياربند ٽولو هوندو آهي ۽ انهن کي رياست سپورٽ ڪندي آهي، انهن کي قانون جو خوف نه هوندو آهي، اهڙو اظهار اسان کي سنڌ جي سي ايم طرفان هن وقت نظر اچي پيو، جڏهن هو چوي پيو ته اسان بلوچستان جي هڪ قبائلي ماڻهو کان هٿياربند سهڪار حاصل ڪئي آهي ته جيئن اسان ڌاڙيلن سان منهن ڏيئي سگهون. اها آهي اسان جي بدقسمتي جو اسان پئسا، وسيلا، قانون، هٿيار هجڻ جي باوجود اهڙن ماڻهن کي ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪچي ۾ لاهيون جن جو ماضي داغدار آهي پوءِ مستقبل ۾ اهي ماڻهو وري ڌاڙيل بڻجي ساڳيون ئي ڪارروائيون ڪندا رهندا، جهڙيون ڪارروائيون هن وقت هلي رهيون آهن. انهيءَ صنعت جي ڊگهي تاريخ آهي. ڇو ته ان جا سهولتڪار ۽ ان مان فائدو حاصل ڪندڙ طاقتور ماڻهو ئي آهن، ان ڪري اسان کي اها صنعت مستقبل ۾ پڻ وڌندي ويجهندي نظر اچي ٿي. اها سنڌ جي عوام جي بدقسمتي ناهي ته ٻيو ڇا هي جو اهي پنهنجي تحفظ لاءِ رياست کي ٽيڪس به ڏين ٿا، رياست تحفظ جي لاءِ پوليس، رينجرز ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ايجنسيون قائم ڪري ٿي پوءِ به عوام کي تحفظ نٿو ملي ۽ ان جو اقرار صوبي جو وزيراعليٰ خود ڪري ٿو ته انهن هڪ خانگي ماڻهو کان ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ مدد گهري آهي. Post Views: 375