ايڊيٽوريلنئون

شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني زائرين جي محفوظ واپسي

            شام جيڪو موجوده ڏينهن ۾ انقلاب کانپوءِ واري لهر مان گذري رهيو آهي. اتي 300 کان وڌيڪ پاڪستاني زائرين ڦاسي پيا هئا اهي پنهنجي ملڪ واپس پهچي چڪا آهن، جيڪا گهڻي اهم خبر آهي ۽ خوشيءَ جهڙي ڳالهه پڻ آهي. تازو شام هيئت تحرير الشام جي انقلاب مان گذريو آهي. انهيءَ تنظيم ڏهن ڏينهن جي عرصي ۾ شام ۾ ڄڻ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، جتي 50 سالن کان حڪومت ڪندڙ اسد خاندان جي حڪومت ختم ٿي وئي ۽ بشارالاسد شام ڇڏي وڃي روس ۾ پناهه ورتي آهي.

            جڏهن به تبديليءَ جون لهرون اچن ٿيون. حڪومتون تبديل ٿين ٿيون تڏهن انهيءَ ملڪ جون جنرل آرڊر به ختم ٿي ٿو وڃي. حالت اها وڃي ٿي هوندي جو نه بين الاقوامي پروازون هونديون ۽ نه هوائي اڏن تي پهچڻ لاءِ گس هوندا، تڏهن پاڪستان سرڪار بهتر قدم کنيو آهي ۽ ان پنهنجي شهرين کي تحفظ جي ڪوشش ڪري انهن کي ڏيهه واپس آندو آهي. شام ۽ ان جي گاديءَ وارو شهر جڏهن انهيءَ جي حاڪم بشارالاسد لاءِ ئي محفوظ نه رهيو ته عام ماڻهو جي تحفظ جو سوال وڌيڪ مشڪل آهي. جڏهن وچ اوڀر جي سياست نئين انقلاب کي منهن ڏئي رهي آهي تڏهن ملڪ شام ۾ به حالتون لازمي ڏکيون هونديون. عام زندگيءَ جا معمول متاثر ٿيا آهن، جيئن دنيا جا سڌ سماءَ جا ذريعا ٻڌائي رهيا آهن ته شام ۾ اڃان زندگي معمول تي نه آئي آهي. ابو محمد الجولاني جي سربراهيءَ ۾ هيئت تحرير الشام تمام ٿوري وقت ۾ اسد خاندان جي حڪومت کي تاريخ جي ردي خاني ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. جڏهن حڪومتون جنگين سان تبديل ٿين ۽ جتي پرامن انتقال اقتدار نه ٿئي اتي حالتون عام ماڻهو جي وس ۾ نه هونديون، اهڙي صورتحال ۾ اسان جا 300 کان مٿي پاڪستاني زائرين انهيءَ موقعي تي شام ۾ ڦاسي پيا هئا. انهن کي پنهنجي ملڪ واپس اچڻ لاءِ ذريعا نه هئا. شام جو ملڪ جيئن ته انقلاب مان گذري رهيو آهي ۽ اتي نئين حڪومت پنهنجو اقتدار سنڀالي ورتو آهي، پر انهيءَ کي شام جي حالتن کي پرامن ۽ سرڪار جي انتظام کي نافذ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. اسين 300 کان مٿي پاڪستانين جيڪي شام جي لحاظ کان اهم سياسي تبديليءَ جي وقت اتي موجود هئا. انهن انقلاب کي ايندي ڏٺو هوندو. ملڪن جي تاريخ به عجيب ٿئي ٿي شام تاريخي تبديليءَ مان گذريو آهي ۽ اسان جي پاڪستانين انهيءَ کي پنهنجي نظر سان به ڏٺو هوندو، پر انهن تڪليف ڏيندڙ حالتن ۾ اسان جي 300 کان مٿي پاڪستانين هڪٻئي جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ بک ۽ ڏک ۾ هڪٻئي سان گڏ هئا، انقلاب جي اٿل پٿل ۾ اهي سڀ محفوظ رهيا اها اسان لاءِ خوش نصيبيءَ جي ڳالهه آهي ۽ اسان جا 300 کان مٿي پاڪستاني زائرين پنهنجي ملڪ موٽي آيا آهن. ٿيندو ائين آهي ته جڏهن ملڪ انقلاب جي هيٺانهين مٿانهين مان گذرندا آهن تڏهن ماڻهن جي زندگي آزمائش جي هيٺ اچي ويندي آهي. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته 300 کان مٿي پاڪستاني شام جا شهري ڪونه هئا انهن انقلاب جي دوران پنهنجو پاڻ کي محفوظـ رکيو آهي، انهيءَ لاءِ اسين انهن جي همت کي ساراهڻ کانسواءِ نٿا رهي سگهون. شام جيئن ته سال 2011ع کان خانا جنگي جو شڪار آهي، اتي زندگي هونئن ئي ڏکي هوندي. انهن حالتن ۾ پاڪستانين پنهنجون زيارتون مڪمل ڪيون ۽ پنهنجي ملڪ واپس پهچي ويا. ملڪ جي وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف وقتائتو قدم کڻي لبنان جي حڪومت سان رابطو ڪيو ۽ چارٽرڊ جهاز پاڪستاني شهرين لاءِ اماڻي ڏنو. انهيءَ جهاز جي ذريعي پاڪستاني محفوظ نموني سان پنهنجي ملڪ موٽي آيا آهن.

            اسين انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت جي کنيل قدمن جي ساراهه ڪريون ٿا ته انهيءَ پاڪستاني ماڻهن جي محفوظ منتقلي ممڪن بڻائي آهي. ملڪ جي وزارت خارجا به انهيءَ سلسلي ۾ داد جي مستحق آهي جو انهيءَ لبنان جي حڪومت سان وقتائتا رابطا ڪيا ۽ اتي پنهنجو جهاز اماڻي ڏنو، اهي 300 کان وڌيڪ پاڪستاني شهر انهيءَ چارٽرڊ جهاز ذريعي ملڪ پهتا آهن. ملڪ جي حڪومت ۽ وزارت خارجا ان سلسلي ۾ ساراهه جا مستحق آهن جو انهن شام ۾ ڦاٿل سڀني پاڪستانين جي محفوظ واپسي يقيني بڻائي آهي.