ايڊيٽوريلنئون

سون جي قيمت ۾ غير معمولي واڌ

            ملڪ ۾ هڪ تولي سون جي قيمت ۾ 10 هزار رپين جي واڌ ٿي آهي. مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 3 لک 38 هزار 800 رپيا في تولو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلانيل ٽيرف سڄي دنيا ۾ معاشي غير يقيني پيدا ڪئي آهي ۽ هن وقت سڄي دنيا معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي. اسٽاڪ مارڪيٽون لوڏن ۾ اچي ويون آهن. تڏهن سون جي قيمت به تاريخي بلندين تي پهتي آهي. معاشي مستقبل جي غير يقيني کي ڏسندي لڳي ٿو ته سيڙپڪار ٻين ڪاروبارن ۽ اسٽاڪ ۾ سيڙپ جي بدران سون ۾ سيڙپ ڪري رهيا آهن.

            سون انساني تهذيب ۽ ارتقا ۾ هميشه دولت جي علامت رهيو آهي. انهيءَ جا سڪا ٺاهيا وڃن يا زيورن ۾ استعمال ٿئي. ڪڏهن به ان جي قيمت گهٽ نه ٿي ٿئي. رپئي کان وٺي ڊالر تائين جيڪي دولت جون نشانيون آهن. انهن کان به بنيادي نشاني سون آهي ۽ سڄي دنيا جي واپار ۾ سون جو سڪو سڀ کان مٿي آهي. سون ۾ سرمائيڪاري جيئن ته پرڪشش آهي، هڪ طرف زيورن جي تياري لاءِ سون جو استعمال ٿئي ٿو. ٻئي طرف سون کي گڏ ڪرڻ هڪ محفوظ سيڙپڪاري آهي. جڏهن معاشي ۽ واپار ۾ حالتون خراب ٿين ٿيون ته ماڻهو پئسو سون جي خريداري ۾ سيڙائين ٿا. ٽرمپ ٽيرف جي ڪري هڪ طرف چين سان معاشي جنگ جي امڪان سبب ايشيائي مارڪيٽون ٻاڙائي جو شڪار ٿيون آهن. اسان جي ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج به گذريل ڏينهن ۾ لوڏن ۾ رهي آهي. ٽرمپ ٽيرف هاڻ لڳي ٿو ته آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ تجارتي جنگ جي صورت اختيار ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو آمريڪا سڀني ملڪن لاءِ ٽيرف تي ٽن مهينن جو وقفو ڏنو آهي، ته جيئن ٽيرف تي ڳالهيون ٻولهيون ٿي سگهن، پر آمريڪا چيني درآمدات تي ٽيرف وڌائي رهيو آهي، ۽ جواب ۾ چين به ٽيرف کي وڌائي آمريڪا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. وڏين طاقتن جي جنگ جي ڪري ننڍا ملڪ به متاثر ٿيا آهن، انهيءَ جي نتيجي ۾ ائين ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ به سون جي قيمت وڌي آهي. جنهن مان صاف لڳي ٿو ته سيڙپڪارن پنهنجي سرمائي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سون ۾ سيڙپڪاري جي رستي کي محفوظ سمجهيو آهي. هونئن به مالي ڏکيائين ۾ يا جڏهن معاشي حالات غير مستحڪم هجن، تڏهن اهڙين حالتن ۾ سون هڪ قابل اعتماد ۽ ٺوس اثاثي جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي محصول جي منصوبن دنيا جي سيڙپڪارن ۾ نااميدي پيدا ڪئي آهي. ٽيرف جي ڪري پيدا ٿيل معاشي ۽ واپاري جنگ ۾ سون جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ هڪ پاسي تيل جون قيمتون ڪري رهيون آهن ته ٻئي پاسي سون جون قيمتون چڙهي رهيون آهن. سيڙپڪار ڇاڪاڻ جو پنهنجي سيڙپ جي لاءِ حساس هوندو آهي. سيڙپ هميشه نفعي لاءِ ئي ڪئي ويندي آهي. جڏهن سيڙپ لاءِ حالتون بهتر نه هجن ته پوءِ سون ئي وڃي بچي ٿو، جنهن کي خريد ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو سون ۾ واپار سڄي دنيا ۾ هڪ محفوظ واپار آهي. نه رڳو پنهنجي قيمت جي ڪري بلڪه تاريخ ۽ مختلف سماجن ۽ ثقافتن ۾ ان جي قدر جي ڪري ڇاڪاڻ جو انهيءَ ۾ تجارت سڀ کان وڌيڪ سولي آهي ۽ ڪنهن به وقت ۾ سون ۾ واپار هميشه نفعو ڏنو آهي.

            سون ۾ سيڙپ هر وقت مناسب آهي. ڇاڪاڻ جو سون جي قيمت ۾ گذريل سالن ۾ مسلسل واڌ ٿي آهي. اسانجي ملڪ سوڌو سڄي دنيا ۾ سون ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو رجحان عام آهي. اها طويل مدتي سيڙپڪاري آهي ۽ انهيءَ ۾ بهتر منافعو ملي ٿو. سون جي تاريخي اهميت قديم مصر کان وٺي ايشيا ۽ آفريقا جي گهرن ۽ عبادتگاهن ۾ سون جو استعمال صدين کان ٿيندو رهيو آهي. هاڻوڪي صورتحال ۾ سون جي قيمت ۾ جيڪا واڌ ٿي آهي. اها ٽرمپ ٽيرف جي ڪري ٿي آهي. دنيا ۾ واپار ۽ اسٽاڪ مارڪيٽون ايندڙ ڏينهن ۾ پرسڪون هونديون ۽ سيڙپڪار اتي ٿيندڙ واپار جي طرف ويندا. انهيءَ جي باوجود سون جي پنهنجي اهميت آهي ۽ اسانجي ملڪ ۾ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي سڪي جي اهميت هميشه رهڻي آهي.