نئون

شام ۾ ترڪ فوج جي بمباري

ايمنسٽي انٽرنيشنل شام اندر ترڪ فوج جي حملن تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ترڪي فوج شام جي سرحدي علائقي آفرين ۾ شهري آبادي تي حملا ڪري رهي آهي، جيڪو بين الاقوامي قانون جي خلاف آهي. جڏهن ته ترڪي پاران اهڙن حملن جو انڪار ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ترڪي پاران شام اندر ڪرد باغين تي حملا جاري آهن. ترڪي الزام لڳايو آهي ته شام ۾ پهرين ڪردستان ورڪرز پارٽي ڪم ڪري رهي هئي هاڻي اها پيپلز پروٽيڪشن يونٽ سان ملي وئي آهي، جيڪي گڏجي ترڪي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته خبرن موجب (YPG) کي آمريڪا جي سپورٽ حاصل آهي ۽ جيڪا ان کي فوجي مدد ۽ عرب ويڙهاڪ ڏيئي رهي آهي ته جيئن اها شام ۾ (I.S) خلاف آمريڪا جو ويڙهه ۾ ساٿ ڏين. خبرن موجب آفرين ۾ 22 جنوري کان 21 فيبروري جي وچ ۾ ترڪي جي فوج جي حملن ۾ 93 شهري ۽ 24 ٻار ماريا ويا هئا. واضح رهي ته ترڪي هن قسم جي الزامن جو شروع کان ئي انڪار ڪري رهيو آهي. ترڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته انهن تقريبن 2100 دهشتگردن کي گرفتار يا قتل ڪيو آهي. آفرين شام جو هڪ شهر آهي، جنهن جي آبادي 3,23000 آهي، جنهن ۾ ڪرد باغين جو وڏو تعداد موجود آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ته شهري علائقن تي حملا بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي ۽ هن قسم جي حملن کان ترڪ فوج ۽ باغين کي روڪڻ گهرجي.