چنڊ تي 4G سروس ڏيڻ جون تياريون
هاڻي چنڊ جي سطح تي 4G سروس ملي سگهندي، جنهن ذريعي هاءِ ڊيفينيشن وڊيوز نشر ڪري سگهبيون. هي نظام جرمنيءَ جي ڪمپني ووڊا فون ۽ نوڪيا گڏجي تيار ڪري رهيون آهن ته جيئن چنڊ تي انٽرنيٽ جي سهولت ڏيئي سگهجي. هي ٻئي ڪمپنيون جرمني جي اداري پي ٽي سائنٽس سان ملي ڪم ڪري رهيون آهن. جيڪي ذاتي طور تي 2019 ۾ چنڊ تي مشن موڪلڻ جون تياريون ڪري رهيون آهن. ووڊا فون 4 G نيٽ ورڪ تيار ڪندو. جڏهن ته نوڪيا هڪ اسپيس گرڊ ٺاهيندو جنهن جو وزن هڪ ڪلو گرام هوندو. ووڊا فون طرفان چيو ويو آهي ته هن کان اڳ ۾ چنڊ جي سطح جا وڊيو اسپيس ۾ موجود سيٽلائيٽ ڪئمرائن ذريعي ورتا ويندا هئا جيڪي هاڻي هن مشن کانپوءِ ڊائريڪٽ چنڊ تان لائيو وڊيوز ۽ فوٽو نشر ڪيا ويندا.