ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ جڏهن انٽرنيٽ جو آغاز ٿيو ته ڪنهن به اهو نه سوچيو هو ته هيءَ ٽيڪنالاجي انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي بدلائي ڇڏيندي. اڄ سوشل ميڊيا پليٽ فارمَ جهڙوڪ: فيس بڪ ۽ يوٽيوب صرف تفريح جو ذريعو نه، پر دنيا جا وڏي ۾ وڏا ڪاروباري مرڪز بڻجي چڪا آهن. جتي انهن پليٽ فارمن جو غلط استعمال وقت جو ذيان آهي، اتي انهن جو مثبت ۽ فني استعمال نوجوانن لاءِ لکين رپيا ڪمائڻ ۽ پنهنجو ڪاروبار چمڪائڻ جو هڪ سنهري موقعو پڻ آهي. فيس بڪ هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو سوشل نيٽ ورڪ آهي، جنهن جا اربين صارف آهن. هڪ عام نوجوان لاءِ فيس بڪ صرف پوسٽون لائڪ ڪرڻ يا وڊيو ڏسڻ تائين محدود هوندو آهي، پر هڪ ذهين نوجوان لاءِ هي هڪ “ڊجيٽل دڪان” آهي. فيس بڪ مارڪيٽ پليس ذريعي توهان پنهنجي شهر يا ملڪ ۾ موجود گراهڪن کي سڌو سنئون شيون وڪڻي سگهو ٿا. ان ۾ ڪنهن به وڏي ويب سائيٽ ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، صرف شين جون تصويرون ۽ قيمت لکڻ سان توهان جو ڪاروبار شروع ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن توهان وٽ ڪو هُنر آهي، جهڙوڪ: سنڌي ڪڙهائي، اجرڪ يا هٿ جو ٺهيل ٻيو ڪو سامان ته توهان فيس بڪ ذريعي مخصوص ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائي سگهو ٿا. هي روايتي اخبارن يا ٽي وي اشتهارن کان ڪيئي ڀيرا سستو ۽ اثرائتو طريقو آهي.
يوٽيوب دنيا جو ٻيو نمبر وڏو سرچ انجڻ آهي. ان کي “عوامي يونيورسٽي” چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو. آن لائين ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ جيڪي مهارتون گهربل آهن، جهڙوڪ: گرافڪ ڊزائننگ، وڊيو ايڊيٽنگ يا ڊجيٽل مارڪيٽنگ، اهي يوٽيوب تان بلڪل مفت ۾ سکي سگهجن ٿيون. نوجوانن لاءِ ضروري آهي ته اهي يوٽيوب کي صرف فلمن لاءِ نه، پر “Skills” حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن.
ڪانٽينٽ ڪريئيشن: جيڪڏهن توهان وٽ ڪا معلومات آهي يا توهان کي ڪو ڪم اچي ٿو مثال طور: کاڌا پچائڻ، سيکارڻ يا سفرناما ٺاهڻ ته توهان پنهنجي چينل ذريعي دنيا کي ڏيکاري سگهو ٿا. يوٽيوب پارٽنر پروگرام ذريعي اشتهارن مان آمدني حاصل ٿئي ٿي، جيڪا ڊالرن ۾ هوندي آهي.
سوشل ميڊيا ذريعي آن لائين ڪاروبار جا فائدا: توهان کي ڪنهن مهانگي دڪان يا آفيس جي ضرورت ناهي. توهان جو اسمارٽ فون ئي توهان جي آفيس آهي.
گراهڪ سان سڌو سنئون ميسينجر يا واٽس اپ ذريعي ڳالهائي سگهجي ٿو، جنهن سان ڀروسو وڌي ٿو.
سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ تيار ٿيل شيءِ يوٽيوب جي وڊيو ذريعي پوري دنيا جي ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿي.
سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن نوجوان ان کي ذميواريءَ سان هلائين. ڪاروبار ۾ سچائي، معياري شين جي فراهمي ۽ وقت جي پابندي اهي اصول آهن جيڪي آن لائين دنيا ۾ توهان جي ساک ۽ سڃاڻپ ٺاهين ٿا. ڪوڙي اشتهار بازي يا دوکو نه صرف ڪاروبار کي نقصان پهچائي ٿو، پر ملڪي ساک کي به متاثر ڪري ٿو.
اسان جي معاشري ۾ اڪثر سوشل ميڊيا کي وقت جو ذيان سمجهيو ويندو آهي، جنهن جو سبب ان جو غير ضروري استعمال آهي. نوجوانن کي گهرجي ته اهي پنهنجي اسڪرين ٽائيم کي سکيا ٽائيم ۾ تبديل ڪن. ڏينهن ۾ 2 ڪلاڪ فيس بڪ تي ريلز ڏسڻ بدران جيڪڏهن 1 ڪلاڪ ڪو هُنر سکيو وڃي ۽ 1 ڪلاڪ پنهنجي ڪاروبار جي مارڪيٽنگ ڪئي وڃي ته نتيجا حيران ڪندڙ هوندا.
ڇاڪاڻ ته فيس بڪ ۽ يوٽيوب اڄ جي دور جا اهي طاقتور هٿيار آهن، جن کي جيڪڏهن صحيح طرف ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اهي معاشي انقلاب آڻي سگهن ٿا. آن لائين ڪاروبار هاڻي مستقبل ناهي، پر حال آهي. اسان جي نوجوانن کي گهرجي ته اهي صرف صارف بڻجڻ بدران تخليقڪار ۽ ڪاروباري بڻجن. جڏهن اسان جو نوجوان ڊجيٽل دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃائيندو، تڏهن ئي اسان جو معاشرو معاشي بدحاليءَ مان نڪري سگهندو.