فزڪس جو نوبيل انعام ٽن سائسندانن کي گڏيل طور تي ڏيڻ جو اعلان

فزڪس جو 2019 وارو نوبيل انعام ٽن سائنسدانن کي گڏيل طور تي ڏنو ويو نوبيل انعام حاصل ڪندڙن مان ٻن سائنسدانن جو تعلق سئيٽزرلينڊ جڏهن ته هڪ جو تعلق ڪئناڊا سان آهي. ڪئناڊا جي سائنسدان کي ڪائنات جي ارتقا جي سلسلي ۾ ڪيل تحقيق ۾ نوبيل انعام ڏنو ويو. جڏهن ته سئيٽزرلينڊ جي سائنسدان کي سولر سسٽم کان ٻاهر سيارن تي ڪيل تحقيق تي نوبيل انعام مليو. هن نوبيل انعام مان ملندڙ رقم جا ٻه حصا ڪيا ويا آهن جنهن مان اڌ رقم سئيٽزرلينڊ جي مائيڪل ميئر ۽ ديديئر ڪوئلو ۾ تقسيم ڪيو ويو. جڏهن ته باقي اڌ رقم ڪئناڊا جي سائنسدان جيمز پيبلز  کي ڏني وئي آهي. هن  سال جي نوبيل انعام بابت چيو وڃي ٿو ته هنن سائنسدانن پاران ڪيل دريافتن سان دنيا متعلق اسان جي تصورن ۾ هميشه جي لاءِ تبديلي اچي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *