چين جي ڪمپني ٿر ۾ 1320 ميگا واٽ وارو پاور پلانٽ جو ڪم شروع ڪري ڏنو

چيف منسٽر هائوس ۾ ٿيندڙ هڪ ميٽنگ ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته چين جي ڪمپني ٿر جي بلاڪ-1 ۾ مائيننگ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، جنهن جو مقصد ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽ لڳائڻ آهي هي پاور پلانٽ 1320 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو. هي پاور پلانٽ جنهن جاءِ تي قائم ڪيو پيو وڃي ان علائقي ۾ رهندڙ 600 خاندانن کي هٽايو ويندو، جڏهن ته وڏي وزير چين جي ڪمپني کي چيو آهي ته اها هنن خاندانن جي رهائش لاءِ هڪ نئين ڪالوني تيار ڪري. ٻئي طرف چين جي ڪمپني NTDC سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته سنڌ حڪومت چين جي ڪمپني کي جهمپير اندر 100 ايڪڙ زمين ڏي ته جيئن اها ڪمپني نئين قائم ٿيندڙ پاور پلانٽ مان بجلي جي ورڇ کي يقيني بنائڻ لاءِ گرڊ اسٽيشن ٺاهي سگهي. هن سلسلي ۾ وڏي وزير جهمپير ۾ 100 ايڪڙ زمين چين جي ڪمپني کي الاٽ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

 

 

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *