گڏيل قومن واري اداري جو مالي بحران سنگين بڻجي ويو

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گورتريس خبردار ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جو ادارو شديد مالي بحران جو شڪار ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ميمبر ملڪن روڪيل فنڊ جاري نه ڪيا ته اداري جي اسٽاف جي نومبر واري پگهار نه ڏيئي سگهبي. هن وڌيڪ چيو ته هن سال جنرل اسيمبلي جو اجلاس به مالي ڪٽوتين کانپوءِ ڪيو ويو آهي. ادارو هن وقت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي، هن وقت پروگرامن جي منصوبابندي لاءِ بجيٽ موجود نه آهي. امن فوج لاءِ به رقم ختم ٿي چڪي آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي اداري جا سمورا خرچ ميمبر ملڪن کان مليل رقم ۽ عطيي سان هلايا ويندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اداري ۾ ڪم ڪندڙ سموري اسٽاف جو تعداد 30 هزار آهي ۽ هاڻي به اداري کي 230 ملين ڊالرن جي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. غير ضروري سفر ۽ ملاقاتن کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن رقم بچائي سگهجي. 3 آڪٽوبر تائين 193 ميمبر ملڪن مان صرف 128 ملڪن 2019 جي رقم جمع ڪرائي آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي رقم جمع نه ڪرائي آهي. ياد رهي ته 18-2019 ۾ امن فوج کي هٽائڻ بعد گڏيل قومن جو سڄو بجيٽ 5 ارب 40 ڪروڙ ڊالرن جي ويجهو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *