سينيٽ باڊي ڪيٽي بندر کي مستقبل جو توانائي پيدا ڪندڙ حب ٿي ڏسي
2025 تائين 14 ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽ لڳايا ويندا.
سينيٽ جي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ان ڳالهه کان مطلع ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڪيٽي بندر ايندڙ سالن ۾ ملڪ لاءِ توانائي پيدا ڪرڻ جو وڏو حب بڻجي ويندو. ڪميٽيءَ جو چيئرمين سينيٽر رٽائرڊ ڪرنل سيد طاهر حسين مشهدي چيو ته ان قسم جا ڪمينٽس پاڪستان نيويءَ ڏنا آهن. جنهن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ انڊيا جي سامونڊي علائقي کي بند پيو ڪيو وڃي ڇو ته ترقياتي ڪمن واري صورتحال ۾ حالتون تمام حساس هونديون. ڪميٽيءَ کي توانائي واري اسپيشل سيڪريٽري راشد حسين بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪوئلي تي هلندڙ 14 ننڍا ننڍا پاور پلانٽ جوڙيا ويندا جيڪي 2025 تائين مڪمل ٿي ويندا. ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي مرحلي ۾ 1,320 ميگا واٽ بجلي تيار ڪئي ويندي. ان لاءِ ٿر کان ڪوئلو آڻڻ لاءِ هڪ ريلوي لائين به وڇائي ويندي.