سنڌي ادب جي ادبي کيتر واري سر زمين آسماني ستارن وانگر چمڪي رهي آهي. ڪيترن شاعرن ۽ اديبن کي نه ڏٺو هوندو، نه پڙهيو هوندو، پر اهي پنهنجي نالي ۾ مهڪندا ۽ مرڪندا رهيا آهن انهن بي شمار ستارن مان “احسان آڪاش” به هڪ چمڪندڙ ستارو آهي. ادب جي هن مرڪندڙ ستاري شروع ۾ پنهنجو اسڪول هلايو ۽ پوءِ پبليڪيشن جي دنيا ۾ پير پاتو. ڄڏهن 2018 ۾ هن پبليڪيشن جي آفيس حيدرآباد ۾ پئي ڳولهي ته سنڌ جي هر فن مولا اديب ۽ سڀني جي يارن يار سليم چنا هن سان منهنجي پهرين ملاقات ڪرائي. ڏسندي ڏسندي کلڻي ملڻي، ملڻسار ۽ خوشگوار شخصيت جو مالڪ ٻين ڪيترن شاعرن ۽ اديبن سان گڏ منهنجو به هڪ سٺو دوست ٿي ويو ۽ اسان جون ڪيتريون ئي شامون گڏ گذريون. ۔
مون کي ياد آهي ته هن پبليڪيشن کولي ته پهريون ڪتاب منهنجي يادگيرين جو مسودو مون هن جي حوالي ڪيو. اهڙي طرح اهو چئي سگهجي ٿو ته هن جي پبليڪيشن جو پهريون ڪتاب منهنجو هو، پر منهنجو اهو ڪتاب ڪن مجبورين سبب دير سان (ڪتاب نمبر 13): تقريبن هڪ سال کانپوءِ 2019 ۾ ڇپيو. ۔ منهنجو اهو ڪتاب “مرڪون مهڪون ميڙيم” جي نالي سان (آتم ڪٿا) احساس پبليڪيشن جي سري هيٺ ڇپيو۔ سنڌ جي هن سدا کلندڙ ۽ ملندڙ ماڻهو احسان آڪاش جي پروفائل تي نظر ٿي وجهجي ته ڳوٺ “چئو بار شريف” تعلقو خيرپور ناٿن شاهه ضلعو دادو (هاڻوڪو ضلعو ڄامشورو) جي مشهور طبيب ۽ ڪلينڪ هلائيندڙ جنهن نرسنگ ۾ ڊپلوما ڪئي هئي، “حڪيم زوار غلام رضا گاڏهي” جي گهر 27 جنوري 1982 سيارن جي ٿڌڙين هوائن ۽ مٺڙن ڏينهن ۾ جنم ورتو. چون ٿا ٿڌڙن ۽ مٺڙن ڏينهنڙن ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙا به طبيعتن ٿڌڙا ۽ مٺڙا ٿين ٿا ته احسان سان جيڪو به مليو هوندو هن جي مٺڙي ملڻساري واري طبيعت مان ضرور متاثر ٿيو هوندو.۔ سندس ڇٺيءَ جو نالو “احسان رضا” رکيو ويو، چئن ڀينرن ۽ چئن ڀائرن ۾ ٻيو نمبر اولاد سندس پيءُ جي ذات جي نسبت سان ذات جو گاڏهي جنهن جي شروعاتي عمر جو حصو پنهنجي ڳوٺ ۾ گذريو.
“احسان رضا گاڏهي” پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ خيرپور ناٿن شاهه مان حاصل ڪئي ته بي. اي ۽ ايم. اي (اڪنامڪس) جي ڊگري پنهنجي ڳوٺ خير پور ناٿن شاهه جي ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي. هن وقت جي بهترين اديبن ۽ شاعرن ۾ پنهنجو نالو ڪمائيندڙ “احسان آڪاش” جي ادبي نالي سان ادبي دنيا ۾ 2002 کان پير پاتو. سندس چوڻ موجب سندس پهرين لکڻي ڪهاڻي “کليل اکين جا سپنا” هالار پبليڪيشن جي مئگزين ۾ آگسٽ 2002 ۾ شايع ٿي پوءِ سنڌ جي هر نڪرندڙ رسالن، مئگزينن ۽ اخبارن جي ادبي صفحن ۾ سندس مواد شايع ٿيندو رهيو ۽ ڏسندي ڏسندي هن وقت سندس شمار نالي وارن اديبن ۾ ٿئي ٿو. 2008 کان حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪندي، 2010 ۾ سنڌ جي مشهور شاعره “محترمه سپنا گل” سان پيار جو پرڻو ڪيو، سندس اولاد ۾ هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. سنڌ جي جاکوڙي اديب احسان آڪاش کان نوڪري بابت پڇيم ته چيائين ته سرڪاري نوڪري نه ملي سگهي، ها البته پرائيويٽ اسڪولن ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري ڪيم، اڳتي هلي ڪيترا سال پنهنجو اسڪول هلايم. سنڌ جي سدا بهار ليکڪ احسان آڪاش جا هن وقت تائين چار ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن: (1) ڀڃ ڊاهه (نثراڻي احساسن تي مشتمل) (2) شهيد ڀڳت سنگھه تي لکيل ڪتاب (3) عشق نا تمام (سعادت حسين منٽو جي ناول جو ترجمو) (4) جسم فروشي جي تاريخ (ساره شگفته جو زندگي نامو).
حيدرآباد شفٽ ٿيڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ هن پنهنجو اسڪول ڏهه سال هلايو، پر پوءِ ادبي لحاظ کان هن پبليڪيشن کولڻ جو ارادو ڪيو جو هن کي ادب سان وڏو چاهه هو ، انهي چاهت ۽ جنون سبب هن 2018 کان “آڪاش پبليڪيشن” نالي ڪتاب ڇپائڻ جو آغاز ڪيو. هن اداري هيٺ احساس پبليڪيشن هيستائين 80 ڪتاب مختلف سينئر توڙي جونيئر اديبن جا ڇپي مارڪيٽ ۾ آڻي چڪو آهي. احسان آڪاش پنهنجي ادبي خدمتن کي اڳتي وڌائيندي 2018 کان 2021 تائين ماهوار احساس ميگزين به هلايو، جنهن جا هن 36 پرچا ڪڍيا، جنهن وسيلي هن جاکوڙي اديب وڏي شهرت حاصل ڪري نالو ڪمايو. ۔
سنڌ جو هي کلمک شخص جيڪو سدائين عزتون ڏيڻ ۽ عزتون وٺڻ جا گر ڄاڻي ٿو سندس پبليڪيشن جي آفيس يارن دوستن جي ٽهڪڙن ۽ ڪچهرين سان گونجيل هوندي آهي. سندس ڳالهائڻ جي محبتي انداز جي ڪري سدائين ميڙو متل هوندو آهي.