هاڻي ماحوليات جو موضوع صرف بحث لاءِ نه، پر انساني بقا جو مسئلو بڻجي چڪو آهي. انسان جي خود غرضيءَ سبب ڌرتيءَ جو ماحول گدلاڻ جو شڪار ٿي اسان جي زندگين کي ڳڙڪائي رهيو آهي. هن ڌرتيءَ مٿان صرف انسان جو نه، پر ٻي جيڪا به مخلوق آهي جيڪي به جاندار آهن انهن سڀني جو اوترو ئي حق آهي جيترو انسان ذات جو. انسان وٽ وڌيڪ شعور ۽ سمجهه آهي، جنهنڪري مٿس وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ماحول جو تحفظ ڪري. جنهن سان نه صرف هن جي پنهنجي زندگي، پر باقي ٻي حياتيات جو به تحفظ ٿي سگهي. تڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي اشرف المخلوقات چورائڻ جي قابل ٿي سگهون ٿا. 2 فيبروري تي هر سال آبي ذخيرن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن تي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري هڪ بيان ۾ ان ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ته سنڌ جا آبي ذخيرا پاڻيءَ جي کوٽ ۽ گدلاڻ کي منهن ڏئي رهيا آهن. جنهن سبب سنڌ ۾ ماهيگيري، پيئڻ جي پاڻيءَ جي دستيابي ۽ ٻاهران کان لڏي ايندڙ هزارين ميلن جو سفر طئي ڪري سنڌ جي آبي ذخيرن مٿان ڪجهه عرصي لاءِ ترسندڙ پکين جا رستا متاثر ٿي رهيا آهن ۽ اسان کي ٻوڏ جي خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، سمنڊ اسان جي ذرخيز زمين کائيندو وڃي ٿو ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
سندس ان بيان ۾ هن اهو چيو آهي ته جنهن گدلاڻ کي پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي پاڪستان ان گدلاڻ کي پيدا ڪرڻ جو گهٽ ذميدار آهي، پر ان جي مٿان ان جا اثر ذميواريءَ کان وڌيڪ پئجي رهيا آهن. جنهن جي ڪري مٺي پاڻيءَ جي کوٽ، سامونڊي سطح ۾ واڌ هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي. انڊس ڊيلٽا ۽ تمر جا ٻيلا جيڪي پاڻيءَ جي گهڻائيءَ وارا علائقا شمار ٿيندا هئا اڄ کاري پاڻيءَ جي واڌ سبب ناياب مڇين جي نسلن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ اندر ڪينجهر، هاليجي ۽ منڇر ڍنڍن جا آبي ذخيرا پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهن. هي اهي آبي ذخيرا آهن جن جي مٿان سائيبريا مان لکن جي تعداد ۾ مختلف قسمن جا پکي اڏامي اچي هنن آبي ذخيرن تي پنهنجي وقتي آماجگاهه ٺاهي رهندا آهن. 1971ع ۾ 2 فيبروري تي ايران جي شهر رامسر ۾ هڪ ماحولياتي معاهدو ٿيو جنهن کي رامسر ڪنوينشن چيو ويندو آهي. جنهن ۾ سڄي دنيا جي آبي ذخيرن جي حفاظت ۽ انهن جي عقلمنديءَ سان استعمال ڪرڻ تي معاهدو ٿيو ته ڪيئن انهن آبي ذخيرن کي بين الاقوامي معيارن مطابق تحفظ ڏنو ويندو. جتي ناياب پکي يا مڇيون هجن ۽ اهي آبي ذخيرا جيڪي علائقي جي ماحولياتي نظام لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ طور سڃاتا وڃن ٿا. 1976ع ۾ پاڪستان به هن معاهدي جو حصو بڻجي ويو ۽ پاڪستان جون 19 سائيٽون ان ۾ شامل ڪيون ويون، جنهن مان 10 سائيٽون سنڌ ۾ آهن. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو صدر آصف علي زرداري هن ڏينهن تي هڪ پيغام ڏنو ۽ هن ڏينهن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو، پر ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جيڪڏهن آصف علي زرداري صرف مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ بدران انهن جي حل لاءِ ڪو لائحه عمل پيش ڪري ها ۽ اهو فرمان جاري ڪري ها ته انهن مسئلن کي نه صرف پاڪستان جي ٻين صوبن ۾، پر خاص طور تي سنڌ ۾ جتي سندس پارٽيءَ جي حڪمراني آهي اتي انهن آبي ذخيرن جي ڪيئن حفاظت ڪئي ويندي.
انهن کي ڪيئن وري بحال ڪيو ويندو. جيڪڏهن اتي آلودگي وڌي وئي آهي ته ان کي ڪيئن آلودگيءَ کان پاڪ ڪيو ويندو؟ اتان طاقتور ماڻهن جا ناجائز قبضا ۽ ناجائز طريقي سان شڪار ڪيئن بند ڪيو ويندو؟ سٺو ٿئي ها ته هو آبي ذخيرن جي بحالي لاءِ پنهنجي صدارتي فنڊ مان هڪ سٺي رقم ڏيڻ جو اعلان ڪري ها. باقي هڪ صدر جو ان ڏينهن تي صرف مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ ڪافي ناهي. صدر پاڪستان خود ان ڳالهه کي مڃيو آهي ته سنڌ جا آبي ذخيرا هن وقت بدحاليءَ جو شڪار آهن ۽ عوام ۾ ان بابت ڪنهن به قسم جي آگاهي مهم نٿي هلائي وڃي. عوام پنهنجي ماحوليات جي اهميت کان بلڪل اڻواقف ۽ لاتعلق نظر اچي ٿو. ضروري آهي ته حڪومتي سطح تي آبي ذخيرن جي تحفظ لاءِ آگاهيءَ جون مسلسل مهمون هلايون وڃن. سنڌ جي اندر موجود ڍنڍن ۽ ڍورن کي گدلاڻ کان پاڪ رکڻ لاءِ عوام کي خبردار ڪيو وڃي. عوام جي به ذميداري آهي ته جڏهن اهي اهڙين جاين تي پڪنڪ ملهائڻ وڃن ته اتي ڪنهن به قسم جو گند يا ڪچرو پکيڙڻ بجاءِ پاڻ سان گڏ سڄو ڪچرو ٻورين يا پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ کڻي اچن، ڇو ته اهو ڪچرو ان پاڻيءَ ۾ اندر رهندڙ جاندارن ۽ پکين لاءِ موتمار ٿي سگهي ٿو. هاڻي اسان کي به پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ جو وقت اچي ويو آهي. ضروري آهي ته سول سوسائٽي ۽ ماهيگيرن جون تنظيمون آبي ذخيرن لاءِ مختص ٿيل فنڊ جي باري ۾ حڪومت کان پڇا ڳاڇا ڪن، انهن علائقن ۾ عوام جو ڪردار “واچ ڊاگ” وارو هجڻ گهرجي. هي اهي قدرتي نعمتون آهن، جن جي جڪڏهن اسان حفاظت نه ڪئي ته ان جا نتيجا نه صرف اسان کي، پر اسان جي ايندڙ نسلن کي به ڀوڳڻا پوندا.