سنڌ، جيڪا صوفين جي ڌرتي سڏبي آهي، جتي محبت، رواداري ۽ انسانيت جا درس صدين کان ڏنا وڃن ٿا، اڄ اُتي عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جون خبرون روزانو ضمير کي جهنجوڙي رهيون آهن. اخبارن جا صفحا هجن يا سوشل ميڊيا جا ٽرينڊ، هر هنڌ ڪنهن نه ڪنهن عورت سان ناانصافي جي ڪهاڻي سامهون اچي ٿي. ڪٿي غيرت جي نالي تي قتل، ڪٿي گهريلو تشدد ته ڪٿي حراسان ڪرڻ جا واقعا. هي سوال هاڻي انتهائي اهم بڻجي ويو آهي ته آخر اهو سڀ ڇو ٿي رهيو آهي؟ ڇا اسان جو سماج واقعي ترقي ڪري رهيو آهي يا صرف ظاهري ترقي جي پردي ۾ اخلاقي زوال کي لڪائي رهيو آهي؟ سنڌ جي گهڻن علائقن ۾ اڃان تائين عورت کي ٻئي درجي جو انسان سمجهيو وڃي ٿو. هن جي راءِ، خواهشن ۽ زندگيءَ بابت فيصلا اڪثر مرد ڪندا آهن. جڏهن عورت پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري ٿي ته ان کي بغاوت سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان بغاوت جي سزا موت جي صورت ۾ ملي ٿي. “غيرت” جي نالي تي ٿيندڙ قتل دراصل غيرت نه، پر جهالت ۽ وحشت جو عڪس آهن. قانوني طور تي ڏٺو وڃي ته عورتن جي تحفظ لاءِ ڪيترائي قانون موجود آهن، پر انهن تي عملدرآمد جي کوٽ وڏو مسئلو آهي. ڪيترائي ڪيس يا ته پوليس تائين نٿا پهچن يا پوءِ اثر رسوخ سبب دٻجي وڃن ٿا. نتيجي طور ڏوهارين کي ڪنهن به قسم جو خوف محسوس نٿو ٿئي ۽ اهي ساڳيون ڪارروايون ورجائين ٿا.
تعليم جي کوٽ پڻ هن مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ٿي. جڏهن هڪ سماج ۾ تعليم عام نه هوندي، تڏهن اتي شعور جي کوٽ هوندي آهي. عورتن کي پنهنجن حقن بابت ڄاڻ نه هجڻ ۽ مردن ۾ انساني قدرن جي گهٽتائي، ٻئي گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿا جتي ظلم عام ڳالهه بڻجي وڃي ٿو. ان کان علاوه غربت ۽ معاشي انحصار به عورتن کي ڪمزور بڻائي ٿو. هڪ عورت جيڪا مالي طور پاڻڀري نه هجي، اها گهڻو ڪري ظلم سهڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي. ڇو ته وٽس ٻيو ڪوبه سهارو نه هوندو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان مرده پرست قوم نه ٿيون. اسان صرف افسوس ڪرڻ بدران عملي قدم کڻون. حڪومت کي گهرجي ته قانون تي سختي سان عمل ڪرائي ۽ اهڙن ڏوهارين کي سخت سزائون ڏئي. پوليس ۽ عدالتي نظام کي به آزاد ۽ شفاف بڻائڻ ضروري آهي، جيئن متاثر عورتن کي انصاف ملي سگهي. ساڳئي وقت سماج جي هر فرد تي به ذميواري عائد ٿئي ٿي، والدين کي گهرجي ته پنهنجن ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي برابري، عزت ۽ انسانيت جا سبق سيکارين. اسان سڀني تي ذميواري آهي ته اهڙن مسئلن کي اجاڳر ڪري عوام ۾ شعور پيدا ڪريون. سنڌ جي اصل سڃاڻپ محبت، امن ۽ ڀائيچاري ۾ آهي، نه ڪي تشدد ۽ ناانصافي ۾. جيڪڏهن اسان واقعي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪريون ٿا ته پوءِ اسان کي عورتن کي تحفظ ڏيڻ، انهن کي عزت ڏيڻ ۽ انهن جا حق تسليم ڪرڻا پوندا. ڇاڪاڻ ته هڪ اهڙو سماج جتي عورت محفوظ نه هجي، اهو ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي.