نئون

چيف جسٽس 12 مئي جي سانحي واري ڪيس جي فائل گهرائي ورتي

چيف جسٽس پاڪستان آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ادارن کان 12 مئي واقعي جي فائل گهري ورتي. ڪراچي جي سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ 12 مئي ڪيس جو معاملو سامهون اچڻ تي چيف جسٽس 12 مئي ڪيس جي فائل گهرندي چيو ته 11 سالن کانپوءِ به هن معاملي جي ملزمن کي انجام تائين ڇو نه پهچايو ويو آهي. هن کان اڳ ۾ چيف جسٽس جي رجسٽري آمد مهل مختلف احتجاج ڪندڙ ماڻهن پاران چيف جسٽس سان ملڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، انهن احتجاج ڪندڙن ۾ بحريا ٽائون جا متاثر، ميهڙ ۾ قتل ٿيل قابل جا مائٽ، ٽيچنگ اسٽاف ۽ ٻين متاثرن پاران احتجاج پئي ڪيو ويو ۽ هنن گهر ڪئي ته هنن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.