نئين بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏنو ويندو: عائشه غوث پاشا

ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته نئين مالي سال جو بجيٽ 9 جون جي حساب سان تيار ڪيو پيو وڃي. نئين بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏنو ويندو. ڪوشش هوندي ته عام ماڻهو تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو  ته پاڪستان قانون موجب هلي رهيو آهي. آءِ ايم ايف مشن چيف جو بيان اعتراض جوڳو آهي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت آءِ ايم ايف جو مينڊيٽ نه آهي. عائشه غوث پاشا چيو ته قرض پروگرام ۾ دير پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ٻنهي جي مفاد ۾ نه آهي. وزيراعظم ايم ڊي آءِ ايم ايف کي شرطن تي عمل ڪرڻ ۽ پروگرام مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. اميد آهي نئين بجيٽ کان اڳ اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو. مملڪتي وزير چيو ته 30 جون تي آءِ ايم ايف پروگرام ختم ٿي ويندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments