سفر ناموسفرنامونئون

برطانيه جي ڀونءِ ۾… (سفر نامو-قسط اٺين)

عالم جي آستاني تي گهاريل گهڙيون…

آئون نٿو سمجھان ته اسان وٽ ڪنھن اسڪالر، اديب يا شاعر جو گھر اُن جي قلمي پورھئي جي مڃتا طور ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو ھجي، جتي ماڻھو علم ۽ ادب جو فيض پرائڻ لاءِ ايندا ھجن ۽ اُتي وري ادبي رھاڻيون ۽ علمي بحث مباحثا به ٿيندا ھجن؟ اسان وٽ ڪلا جي کيتر ۾ لطيف، سچل، بابا بلي شاھ، شيخ فريد… تمام وڏا نالا آھن، پر اُنھن جون آماجگاھون يا اُنھن جا تڪيه به رڳو پيري مريدي جا دڪان آھن، جتي وھمن وسوسن جو ڪاروبار اوج تي آھي، باقي جي ڪو علم جو پياسو پنھنجي اُڃ اُجھائڻ اچي ته اُن لاءِ اُتي ڪاريھر وارن ڪکن کانسواءِ ٻيو ڪجھه به ناھي. حالانڪه اِھي اُھي آستانا آھن، جتان ڏات جا ڏيئا روشن ٿيا ھئا، جن جي جوت ساري جڳ تائين ڦھلي ھئي. سڌريل ملڪ پنھنجن اديبن ۽ دانشورن جو نه صرف قلمي پورھيو ، پر اُنھن جي نجي زندگي جي زير استعمال شين (نوادرات) کي به سنڀالي رکن ٿا، جيئن عام عوام اُنھن جي زندگي جي سڀني پھلوئن جو ويجھڙائي کان مشاھدو ڪري سگھي. اڄ پاڻ ھلون ٿا ھڪ اھڙي اديب ۽ اسڪالر جو آستانو (گھر) ڏسڻ، جنھن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري اُن ۾ سندس قلمي پورھئي جو مواد ۽ نجي استعمال جون شيون سنڀالي ۽ سجائي رکيون ويون آھن، اُن قلمڪار جو نالو آھي ڊاڪٽر جانسن. اسان وٽ وڏن اديبن شاعرن جھڙوڪ: لطيف، بلي شاھه، بابا فريد وغيره جي مزارن تي پڙ چاڙھي کين خراج پيش ڪيو ويندو آھي، جنھن سان ماڻھن جي شعور ۾ ته نه البته اُنھن ۾ جھالت جو اضافو ضرور ٿيندو آھي. جڏھن ته سڌريل قومون وري پنھنجن قلمڪارن جي قلمي پورھئي جو نماءُ ڪنديون آھن، جيئن شعور جي لاٽ بي نور ماڻھن کي آگھي جي رستي تي وٺي اچي. ڊاڪٽر جانسن ڪو پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر نه ھو ۽ نه ئي ھُن ڊاڪٽريٽ (پي ايڇ ڊي) ڪئي ھئي، پر ھُن کي سندس قلمي پورھئي جي عيوض اھو اعزاز بخشيو ويو ھو.

ڊاڪٽر جانسن جنھن جو پورو نالو سيموئل جانسن Samuel Johnson آھي  18سيپٽمبر 1709ع ۾ لچفيلڊ (Lichfield)  نالي شھر ۾ ڄائو، جيڪو اسٽافورڊ شائر، انگلينڊ ۾ واقع آھي. سندس ماءُ سارا جانسن هڪ پڙهيل لکيل ۽ گهريلو خاتون هئي، جنھن جو سيموئل جانسن جي ذهني تربيت ۾ وڏو ڪردار ھو. جانسن ننڍپڻ کان ئي ڪيترين بيمارين ۾ مبتلا رهيو، جن ۾ چَمڙي جي بيماري، اکين جي ڪمزوري، ڪنن جي تڪليف وغيره شامل ھيون ۽ ھُو پوري عمر انھن بيمارين جي عذاب کي ڀوڳيندو رھيو، پر اُن جي باوجود به هو ننڍي عمر کان ئي علم ڏانھن راغب ۽ مطالعي جو ديوانو هو. سندس والد مائيڪل جانسن جو ڪتابن جو دڪان هو، تنهنڪري جانسن جي ننڍپڻ کان ئي ڪتابن سان دوستي ٿي چُڪي ھئي. ھُن شروعاتي تعليم پنھنجي شھر لچفيلڊ جي لچفيلڊ گرامر اسڪول مان حاصل ڪئي. ھن ننڍي عمر ۾ ئي لاطيني، يوناني ۽ انگريزي ادب کي پڙھڻ شروع ڪيو. ھُن 1728ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جيPembroke College  ۾ داخلا ورتي، پر مالي مسئلن سبب اُتي صرف 13 مهينا پڙهي سگهيو ۽ ھُن کي پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان واپس موٽڻو پيو. آڪسفورڊ يونيورسٽي ڇڏڻ کانپوءِ جانسن گذر سفر لاءِ نوڪري جي تلاش شروع ڪئي. جانسن هڪ استاد جي حيثيت ۾ مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪئي، پر سندس ظاهري بيمارين ۽ اکين جي مسئلي سبب اسڪول انتظاميه کيس نوڪري مان جلد ئي فارغ ڪري ڇڏيندي ھئي. اُن کانپوءِ جانسن پنهنجي دوست Gilbert Walmesley جي مالي مدد سان هڪ ننڍڙو اسڪول کوليو، پر اُهو اسڪول به گھڻن شاگردن جي داخلا نه وٺڻ سبب ھلي نه سگھيو. گذر سفر جي تنگي سبب ھن آخرڪار لنڊن وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اُتي هڪ مصنف، ترجمه نگار ۽ مضمون نويس جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اهو ئي ڪم سندس اصل ڪيريئر جو شروعاتي ڏاڪو بڻيو. ھاڻي ھو ڪڏهن ڪڏھن پڙهائڻ، ترجمو ڪرڻ ۽ اخبارن ۾ مضمون لکڻ مان پنھنجو ڏکيو سکيو گذارو ڪرڻ لڳو. جيتوڻيڪ اهو سندس زندگي جو ڏاڍو مشڪل وقت ھو، پر هُن جو ادب سان شوق ئي ھو جنھن اڳتي ھلي کيس اعلىٰ مقام تي رسايو. ھو پنھنجين لکڻين، تنقيد، نگاري، مزاح ۽ گهري مشاھدي ۽ اوچي خيالي اڏام جي ڪري جلد ئي انگلينڊ جي ادبي حلقن ۾ سڃاڻجڻ ۽ پنھنجو مقام ٺاھڻ لڳو. ڊاڪٽر جانسن 1735ع ۾،Elizabeth Porter نالي عورت سان شادي ڪئي جيڪا طلاق يافته ھئي. ڊاڪٽر سيموئل جانسن کي اُن مان ڪوبه ٻار پيدا ڪونه ٿيو. هوءَ 17 مارچ 1752ع تي وفات ڪري وئي. جانسن پنھنجي زال جي وفات کانپوءِ ٻيهر شادي ڪونه ڪئي. اُن جو ويجهو تعلق فرانسس باربر (Francis Barber)  سان هو، جيڪو سندس شاگرد ۽ ساڳئي وقت ملازم به هو. جانسن هن کي پنھنجي ڪيل وصيت ۾ مُئي پڄاڻان پنھنجو قانوني وارث (heir) قرار ڏنو. ڊاڪٽر جانسن ھر فن مولا اديب ۽ شاعر ھو. ھو ھڪ ئي وقت شاعر، ادبي نقاد، ڊراما نگار، مترجم، جرنلسٽ ۽ سوانح حيات لکاري به هو. سندس سڀ کان مشهور ڪم آهي انگريزي ٻولي جي ڊڪشنري جنھن جو نالو آھي،A Dictionary of the English Language. جيتوڻيڪ اُن دور ۾ ٻيون به انگريزي ٻوليءَ جون ننڍيون وڏيون کوڙ ساريون لغتون (ڊڪشنريون) موجود ھيون، پر ھي دنيا جي انگريزي ٻولي جي سڀني کان پهرين جامع، معياري، مستند ۽ معتبر (authentic) ڊڪشنري مڃي وڃي ٿي. جانسن 1746ع ۾ مشهور شاعر، پبلشر ۽ ڪتاب وڪڻندڙ Robert Dodsley  سان هڪ معاهدي تي دستخط ڪئي ته هو انگريزي ٻوليءَ جي وڏي ۽ جامع ڊڪشنري تيار ڪندو. ھن کي ان ڪم لاءِ ڪُل معاوضو 1,575 پائونڊ ڏنو ويو. 18هين صدي ۾ اھا رقم تمام وڏي هئي ۽ ان کي جيڪڏهن اڄ جي حساب سان ڀيٽجي ته اھا لکين پائونڊن جي برابر ٿيندي. جانسن ھڪ پيشه ور ايڊيٽر، لغت نويس، شاعر ۽ نقاد هو. هن 9 سالن جي طويل عرصي تائين مسلسل انگريزي ٻولي جي ڊڪشنري تي ڪم ڪري اُن کي 1755 ۾ مڪمل ڪيو. ھن ان ڪم لاءِ پاڻ وٽ 6 مددگار به رکيا جن جو ڪم ھن جي لکيل/ڏسيل (dictate) شين کي اُتارڻ ۽ مختلف ڪتابن/مين اسڪرپٽس تان ڪاپي ڪرڻ هو. جانسن ڊڪشنري لاءِ خود لفظن جون معياري معنائون ۽ وصفون تخليق ڪيون ۽ ترتيب ڏنيون. ھي ڊڪشنري 1755 ۾ ٻن جلدن ۾ شايع ٿي، ان ۾ لڳ ڀڳ 43,000 لفظ ۽ 114,000 سمجھاڻيون (مثال) موجود آھن. ھن ڊڪشنري جي اصل ايڊيشن (1755) ۾ تقريبن 2,300 صفحا آهن. سائيز ۾ هي ڊڪشنري تمام وڏي آھي ۽ ان جو هر صفحو تقريبن 44.5 ،  27.3 سينٽي ميٽر جي سائيز جو آھي. ھي ڊڪشنري ايتري وزني آھي جو ان کي ھٿ ۾ جھلي پڙھڻ مشڪل آھي ۽ ان کي ٽيبل تي رکي ئي پڙھڻو پوي ٿو. ھن وقت به اھا وزني ڊڪشنري ڊاڪٽر جانسن ھائوس (ميوزيم) ۾ ٽيبل تي رکيل آھي. ھي ڊڪشنري اُن وقت جي سڀ کان اهم لغت هئي، ڇو ته هن پنهنجي لغت ۾ لفظن کي معنيٰ، استعمال ۽ لفظن جي اصل اشتقاق (etymology)  تائين تفصيلي ڄاڻ ڏني آھي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جانسن جي ڊڪشنري کان اڳ به انگريزي ۾ مختلف ڊڪشنريون  (لغتون) موجود هيون، پر اُهي جامع يا مڪمل ۽ سائنسي معيار تي پوريون نٿي لٿيون. ڊاڪٽر جانسن جي ڪيل اڻٿڪ ۽ تخليقي پورھئي سان آندل ھِن ڊڪشنري جي انفراديت، حيثيت ۽ معيار جو توھان ان مان اندازو لڳايو ته ھي ڊڪشنري اشاعت جي سال کان وٺي 100 سالن تائين پوءِ به انگريزي ٻولي جي دنيا جي سڀني ڊڪشنرين کان وڌيڪ معتبر، جامع ۽ مثالي ڊڪشنري سمجهي ويندي ھئي. يعني پوري ھڪ صدي تائين سڄي دنيا ۾ ان جي معيار جھڙي ٻي ڪا ڊڪشنري مارڪيٽ ۾ موجود نه ھئي. هِن ڊڪشنري جانسن کي انگريزي ادب جو سر موڙ اسڪالر/ليکڪ بڻائي ڇڏيو. ڊاڪٽر جانسن ڊڪشنري تي ڪم لنڊن ۾ واقع پنھنجي خسته حال گهر، 17 Gough Square  ۾ ڪيو ۽ اڄ اھو ڊاڪٽر جانسن ھائوس (Dr Johnson’s House) ميوزيم طور مشھور آھي. سيموئل جانسن کي سندس ڊڪشنري جي بيمثال پورھئي تي آڪسفورڊ يونيورسٽي 1755 ۾  ماسٽر آف آرٽس (M.A)  جي ڊگري ڏني. ياد رھي ته ڊاڪٽر جانسن انھيءَ ئي يونيورسٽي ۾ مالي حالتن جي تنگي سبب پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي آيو ھو ۽ انھي ئي يونيورسٽي کيس بنا ڪنھن داخلا وٺڻ ۽ پڙھائي ڪرڻ جي سندس قلمي پورھئي کي خراج پيش ڪندي ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري ڏني. بعد ۾ سندس ادبي ڪارنامن جي اعتراف ۾ هن کي ٽرنٽي ڪاليج ڊبلن (Trinity College Dublin) طرفان 1765ع ۾ اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري (Doctor of Laws / LL.D) سان نوازيو ويو ۽ ھاڻي ھو سيموئل جانسن جي بدران ڊاڪٽر سيموئل جانسن سڏجڻ لڳو. اڳتي ھلي (1775) ۾ کيس ادبي پورھئي جي سلي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان به اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري (Doctor of Civil Law, LL.D) ڏني وئي. اھڙي ريت ھن پنھنجين قابليتن جي طفيل ڊبل پي ايڇ ڊي ھولڊر ھئڻ جو شرف حاصل ڪيو. اسان وٽ به اھڙا اديب ماضي ۾ به رھيا آھن ۽ حال ۾ به موجود آھن، جن جو تخليقي پورھيو پي ايڇ ڊي (ڊاڪٽريٽ) نه ھئڻ جي باوجود به گھڻن پي. ايڇ. ڊي ھولڊرس کان وڌيڪ معياري آھي، پر اُنھن جو قدر ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونھي، جنھن ڪري اُنھن جو تخليقي پورھيو صحيح معنى ۾ ماڻھن تائين نٿو پھچي. پاڻ وٽ ڪجھه اسڪالرس کي ڇڏي باقي پنھنجن نوازيل دادلن ڊاڪٽر صاحبان جون پي ايڇ ڊي ٿيسز پڪوڙن ۾ کپائڻ جھڙيون آھن. پوءِ وري اسان جون يونيورسٽيون دانھون ڪن ٿيون ته عالمي يونيورسٽي رئنڪنگ/ريٽنگ ۾ اسان سان زيادتي (تعصب) ڪئي وڃي ٿي. تخليق ۽ تحقيق جو معيار ڪڏھن به ڊگري جو محتاج ناھي رھيو. سگھاري تخليق يا تحقيق پاڻ پنھنجي سڃاڻپ ۽ مقام پيدا ڪري ٿي. اھوئي سبب آھي جو ڊاڪٽر جانسن جي صلاحيتن ۽ قابليتن جو قدر ڪندي 1762ع ۾ بادشاهه جارج III  طرفان هن لاءِ ماھوار وظيفو منظور ڪيو ويو ته جيئن هن جي مالي حالت بهتر ٿئي ۽ ھو يڪ دلي سان پنھنجو تخليقي ۽ تحقيقي ڪم بنا ڪنھن پريشاني جي جاري رکي سگھي. ڊاڪٽر جانسن جو ڪم صرف انگريزي ٻولي جي ڊڪشنري تائين محدود ناھي، پر اُن کان علاوه به سندس انگريزي ادب ۾ وڏو پورھيو (Contribution) آھي. هن شيڪسپئر جي ادبي ڪم جو هڪ تنقيدي ايڊيشن پڻ تيار ڪيو جيڪو پڙھڻ وٽان آھي. کيس“The Lives of the Poets”  لکڻ جو ڪم پڻ مليو، جنهن ۾ هن 17 هين ۽ 18 هين صدي جي انگريزي شاعرن جي زندگي ۽ قلمي پورھئي تي لکندي اُنھن جو وڏي مھارت سان تنقيدي جائزو پڻ ورتو آھي. هن پنھنجي وقت جي مشھور رسالنThe Rambler  ۽The Idler ۾ ڪيترائي مضمون لکيا، جن ۾ سماجي، اخلاقي ۽ فلسفي مسئلن تي سندس خيالات بيان ڪيل آھن. ھن جي مضمونن ۾ انسان جي فطرت، مزاج، خوشي ۽ اميد تي گهڻو زور ڏنل آھي. ھن 1775ع ۾ “A Journey to the Western Islands of Scotland” لکيو، جيڪو هڪ ڄاڻ ۽ مشاھدي سان ڀرپور معياري ۽ يادگار سفرنامو آهي. ڊاڪٽر جانسن ھڪ ذهين ۽ محاوراتي شخص هو ۽ سندس دوستن جي حلقي ۾ مشاهير، مصور ۽ ليکڪ شامل ھوندا هئا. جهڙوڪ: Sir Joshua Reynolds، Oliver Goldsmith، Hester Thrale  وغيره. ھن جو گھر سدائين ادبي لڏي جو مھمان خانو بڻيو رھندو ھو. ڊاڪٽر جانسن سياسي ۽ سماجي روين ۾ ترقي پسند سوچ رکندڙ شخص ھو. هو غلامي (slavery) جي سخت خلاف هو ۽ غريب ماڻهن جي بهتري ۽ تعليم جو زبردست حامي هو. ڊاڪٽر جانسن جو سڀ کان اھم دوست جيمس بوزويل (James Boswell)  هو، جنھن سان ھن جي پھرين ملاقات 1763ع ۾ لنڊن جي هڪ بڪ شاپ ۾ ٿي. ليکڪ ۽ دانشور بوزويل ڊاڪٽر جانسن سان اسڪاٽلينڊ ۽ هيبرائڊس جي سفر تي به گڏ ويو ھو. بعد ۾ بوزويل ڊاڪٽر جانسن جي زندگي تي مشهور ترين ڪتاب “Life of Samuel Johnson” لکيو جيڪو انگريزي ادب جي مشهور سوانح نگاري ڪتابن مان هڪ آھي. ڊاڪٽر جانسن جو ھڪ ٻيو پراڻو ۽ دل گھريو دوست ڊيوڊ گيرڪ(David Garrick)  هو. گيرڪ ننڍپڻ ۾ ڊاڪٽر جانسن جو شاگرد به رهيو ۽ پوءِ زندگيءَ ۾ سندس تمام ويجهو دوست بڻجي ويو. گيرڪ اڳتي هلي انگلينڊ جو مشهور اداڪار ۽ ڊراما پروڊيوسر بڻيو. ڊاڪٽر جانسن کي گيرڪ ئي 1737ع ۾ پاڻ سان گڏ لنڊن وٺي آيو ھو. ڊاڪٽر جانسن ذاتي زندگي ۾ انتھائي سادو، وڏائي کان پاڪ، عاجزي پسند ۽ رحمدل انسان ھو. ھُن ھڪ ٻلي پالي ھئي جنھن جو نالو رکيو ھئائين ھوج.(Hodge)  هوج انگريزي ٻولي جو ھڪ پراڻو لفظ آھي ۽ سورھين کان ارڙھين صدي تائين ھي لفظ عام ماڻهو يا ٻھراڙي جي سادي ماڻھو لاءِ استعمال ٿيندو ھو. ڊاڪٽر جانسن ان خيال جو ھو ته “جيڪو ماڻهو جانورن سان ظلم ڪري ٿو، اهو انسانن سان به رحم نٿو ڪري سگهي.”James Boswell  ڊاڪٽر جانسن تي لکيل سوانح حيات ۾ ٻڌائي ٿو ته “ڊاڪٽر پاڻ بازار وڃي پنھنجي ٻلي لاءِ سِپون (Oyster)  وٺي ايندو ھو، ڇو ته ھو اھو نه چاهيندو ھو ته متان گھرو ملازم ان ڪم ۾ پنھنجي گهٽتائي يا بيعزتي محسوس ڪري.” ڊاڪٽر جانسن جي پنھنجي پاليل ٻلي ھوج سان محبت کي يادگار بنائڻ لاءِ 1997 ۾ سندس گهر جي بلڪل ڀرسان ٻلي Hodge جو مجسمو کڙو ڪيو ويو آھي. ھي مجسموJon Bickley  نالي مجسمه ساز ٺاهيو آھي. ھِن مجسمي ۾ ٻليHodge  جي وات ۾ سِپ (oyster) پيل ڏيکاري ويئي آهي. اِهو منظر ان ڪهاڻي ڏانهن اشارو آهي ته جانسن پاڻ بازار مان ٻلي لاءِ ٻلي جي خوراڪ (oysters) وٺي ايندو هو، جيئن سندس نوڪر کي نيچ (ڪمتر) ھئڻ جو احساس نه ٿئي. هي مجسمو رڳو ٻلي جو يادگار ناهي، پر ساڳئي وقت جانسن جي رحم، عاجزي ۽ انسانيت جي جذبي کي پڻ علامتي طور ظاھر ڪري ٿو. انگلينڊ جي ھن نامياري اديب، نقاد ۽ اسڪالر ڊاڪٽر جانسن 75 سالن جي عمر ۾ 13 ڊسمبر 1784ع تي وفات ڪئي. سندس وفات جو ڪارڻ مستقل بيمارين، دم، دل ۽ گردن جي تڪليف کان علاوه جسم ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ (severe edema) هو. سندس مڙهه سندس ڪيل وصيت موجب فرانسس باربر وصول ڪيو، جيڪو ھن ملڪ ۾ غلام بڻجي آيو هو ۽ پوءِ ھن جو ملازم ۽ شاگرد به رھيو. هُن کي لنڊن جي مشھور تاريخي ۽ مقدس چرچ ويسٽمنسٽر ائبي ۾ دفن ڪيو ويو، جتي انگلينڊ جي شاھي خاندان جي فردن ۽ مختلف فيلڊس ۾ ڪارناما سرانجام ڏيندڙ تمام وڏين شخصيتن کي دفن ڪيو ويندو آھي. اُتي دفن ٿيڻ ڪنھن شخصيت لاءِ انگلينڊ جي قوم طرفان ھڪ وڏو اعزاز ۽ خراج آھي.

ڊاڪٽر جانسن جو ڊڪشنري کان علاوه مضمونن/مقالن، ڊرامن، ترجمن، تنقيدي جائزن ۽ شاعري تي به ڪافي ڪم ٿيل آھي، جنھن مان ڪجھه ھِن ريت آھي.

(1) The Rambler ڊاڪٽر جانسن ھن رسالي ۾ سماجي، اخلاقي ۽ ادبي موضوعن تي 1750 کان 1752 تائين لڳاتار مضمون لکيا.

(2) The Idler ڊاڪٽر جانسن زندگي، فطرت، انسانيت ۽ ٻين موضوعن تي 1760 کان 1762 تائين ھِن رسالي ۾  سلسليوار مضمون لکيا.

(3) Rasselas Prince of Abissinia  ڊاڪٽر جانسن جو فلسفي ۽ زندگي تي ھي ناول 1759 ۾ ڇپيو.

(4) The Vanity of Human Wishes ڊاڪٽر جانسن جي شاعري جو مجموعو جيڪو 1749 ۾ ڇپيو، ان ۾ انساني خواھشن، فطري سونھن ۽ ٻين موضوعن تي شاعري موجود آھي.

(5) Lives of the English Poets مختلف انگريزي شاعرن جي سوانح حيات ۽ اُنھن جي ادبي ڪم جي تنقيدي جائزي تي مشتمل ھي ڪتاب ڊاڪٽر جانسن 1779 کان 1781 جي عرصي دوران لکيو.

ھاڻي اچو ته ڊاڪٽر جانسن جي نالي پويان قائم ڪيل ميوزيم ڊاڪٽر جانسن ھائوس(Dr Johnson’s House)  ۾ اندر ھلون. ڊاڪٽر جانسن جو لنڊن ۾ واقع گهر نمبر 17، Gough Square، لنڊن ۾ آهي ۽ اھو سترھين صدي جي آخري ڏھاڪي ۾ تعمير ٿيل آھي. ھِن گھر کي نئين سري سان مرمت ڪرائي سجائي سنواري ميوزيم طور عوام لاءِ 1914ع ۾ کوليو ويو. ڊاڪٽر جانسن ھائوس (ميوزيم) جو انتظام“Dr Johnson’s House Trust Ltd” طرفان هلايو وڃي ٿو. ھي عمارت پنجن منزلن(stories)  تي مشتمل آهي. جن تي وڃڻ لاءِ عمارت اندران ئي ڏاڪڻون وڃن ٿيون. عمارت کي اصل حالت ۾ برقرار رکڻ جي لحاظ کان ان ۾ لفٽ ناھي لڳائي وئي. انھن پنجن منزلن تي سجايل سٽاءُ جو تفصيل ھِن ريت آھي.

  1. Basement هِن سيڪشن ۾ معلوماتي بورڊس موجود آھن ۽ وزيٽرس لاءِ ٽوائليٽس ٺاھيا ويا آھن. ڪڏهن ڪڏھن ھِن حصي ۾ ڪنھن موضوع جي پسمنظر ۾ عارضي/وقتي نمائش (temporary display) به لڳائي ويندي آھي.

  2. Ground Floor هِن سيڪشن ۾ رسيپشن ڪائونٽر، ڪتابن ۽ يادگار شين جي وڪري لاءِ دڪان موجود آھي. اُن کان علاوه ھِتي ھڪڙي ڪمري ۾ پارلر ۽ ٻئي ڪمري ۾ پراڻي دور جا سيڪيورٽي جا سامان/اوزار رکيل آھن. ھِن سيڪشن جي اينٽري گيٽ جو دروازو 18 هين صدي جو ٺھيل آھي. ھِتي ديوارن تي پورٽريٽ لڳل آھن ۽ ٽيبل تي ڊاڪٽر جانسن جا خط سجايل آھن. ڪڏهن ڪڏهن ھِتي نمائشون يا گڏجاڻيون/پارٽيون به ٿينديون آھن، ان حساب سان ھِتي ڪراڪري به پيل آھي. ھِتي 18 هين صدي جو اصلي ڊزائن وارو فرنيچر جنھن ۾ ڪرسيون، ميزون ۽ معلوماتي پينل لڳل آھن، جنھن مان ڊاڪٽر جانسن جي زندگي بابت ڄاڻ ملي ٿي. هي اُهو حصو آهي جتي ڊاڪٽر جانسن مهمان ويهاريندو هو ۽ دوستن سان ڪچھري ڪندو هو.

3.First Floor  هتي هڪ وڏو ڪمرو آهي جيڪو پينل وارن والز (hinged/swinging panels) سان ٻن حصن ۾ ورهايل آھي. هن فلور کي “With drawing Room” + ننڍي بيڊ چيمبر طور استعمال ۾ آندو ويندو ھو. هِتي ڊاڪٽر جانسن ۽ سندس مختلف دوستن ۽ ساٿين (male friends) جن ۾James Boswell Sir ،Joshua Reynolds  ۽ Edmund Burke  ۽ ٻيا شامل آھن جون تصويرن/پورٽريٽس ديوارن تي لڳل آھن. اُن کان علاوه 18هين صدي جون مختلف تصويرون پڻ ھِتي موجود آھن. ھِن سيڪشن ۾ ڊاڪٽر جانسن جا ذاتي لباس ته رکيل ناھن، پر 18 هين صدي جي دور جا لباس(period costume)   هتي ضرور  رکيا ويا آھن، جيئن خبر پوي ته اُن دور ۾ ماڻھو ڪھڙي قسم/ڊزائين جا لباس پائيندا ھئا. ھِن سيڪشن ۾ وزيٽرس کي ڊاڪٽر جانسن جي ذاتي زندگي، شخصيت، مزاج ۽ سماجي حلقي سان واقفيت ڪرائي ويئي آھي. ٻين لفظن ۾ هي منزل جانسن جي شخصي ۽ ادبي دنيا سان گڏ اُن جي سماجي لڳ لاڳاپن سان وابسته آھي.

  1. Second Floor “Library / Guest Room / Will Room” ھِتي ڊاڪٽر جانسن جون ڊگريون (سرٽيفڪيٽ) رکيل آھن. ھِتي ئي ڊاڪٽر جانسن جي ڊڪشنري جي پھرئين ايڊيشن کانسواءِ ان جو پنھنجي ملازم جي نالي ڪيل وصيت نامو (Will) پڻ رکيل(display)  آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي خادم فرانسس باربر (Francis Barber)  کي پنهنجو وارث بڻايو ھو. ھِن سيڪشن ۾ ڊاڪٽر جانسن جا خط، مسودا، مضمون، شاعري، فلسفيانه ڪتابن جا نسخا پڻ رکيل آھن. اُن کان علاوه ڊاڪٽر جانسن جي دور جون لغتون، ڊاڪٽر جانسن تي لکيل مختلف اديبن جا آرٽيڪل، ڊاڪٽر جانسن بابت James Boswell جي لکيل سوانح حيات، 18صدي جي عالمن جو ٻولي، تاريخ ۽ سماجي ماحول بابت طبعزاد ۽ تحقيقي مواد پڻ ھِن سيڪشن جي زينت بڻيل آھي. مجموعي طور ھِن سيڪشن ۾ ڊاڪٽر جانسن جي مالي حالتن، سندس جدوجهد ۽ ادب جي ذريعي عزت حاصل ڪرڻ جي پھلو تي روشني وڌي وئي آھي. هي منزل ڊاڪٽر جانسن جي فڪري ۽ ادبي ڪم جي نمائش تي مبني آھي.

  2. Top Floor هي ھِن ميوزيم جي سڀ کان اهم جاءِ آهي، ھِن دو ڇتي يا ڇڄھري(garret/attic) نما ڪمري ۾ ئي ڊاڪٽر جانسن پنهنجن مددگارن سان گڏ انگريزي جي منفرد ۽ پھرين شاھڪار جامع ڊڪشنريA Dictionary of the English Language تي ڪم ڪيو ھو. ھي سڄي ميوزيم جو سڀ کان اهم ڪمرو آهي، ھتي لکڻ جي ميز، مس جي ڪپڙي (داني)، پَرن (کنڀن) وارا قلم، ڪاغذ/دستاويز جن ۾ لغت لکڻ جو طريقو، لفظ چونڊڻ، معنى لکڻ ۽ ادبي حوالا شامل ڪرڻ جي ڄاڻ ڏنل آھي، رکيل آھن. هي اُھو ئي ڪمرو آهي جتي ڊاڪٽر جانسن پنھنجي لغت (ڊڪشنري) مڪمل ڪئي ھئي. ڪمري جي ڀتين تي لفظن جا مثال ۽ ڊاڪٽر جانسن جا ڪوٽيشن نقش/فريم ٿيل آھن. هي فلور ميوزم جي سڀني فلورن ۾ خاص فلور آھي ۽ ڊاڪٽر جانسن جي عظمت جو اھڃاڻ بڻيل آهي ۽ سڄي ميوزيم جي جان آھي.

ڊاڪٽر جانسن ھائوس جي سڄي عمارت ۾ اندر ھِن وقت به ڪيترائي 18 هين صدي جاoriginal pine panelling, wooden floorboards, spiral/open staircase) اصل حالت ۾ موجود آهن. ڊاڪٽر جانسن ھائوس (ميوزيم) جي سڀني ڪمرن ۾ موجود ڪتاب، پورٽريٽس، اصلي دستاويز، لباس ۽ ترتيب ڏنل مختلف سٽاءُ (نمائشون) ڊاڪٽر جانسن جي تخليقي پورھئي، اُن جي ادبي حلقي ۽ اُن دور جي سماجي قدرن، بيھڪ ۽ ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون. ڊاڪٽر جانسن پنھنجي دور جو وڏو اديب، محقق ۽ ڪنھن حد تائين سماج سڌارڪ به ھو. ھن جو گھر سدائين ادبي دوستن جو مھمان خانو ۽ ادبي سرگرمين جو محور بڻيو رھيو. ان جي قلمي پورھئي کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ اڄ به اُتي وقت بوقت ادبي سرگرميون ٿينديون رھن ٿيون.

ڊاڪٽر جانسن ھائوس ۾ داخلا ٽڪيٽ جي قيمت بالغن(Adult)  لاءِ 10.00، شاگردن (Students)  لاءِ 9.00 ۽ ٻارن (5-16 سال) لاءِ 5.00 پائونڊ آھي، جڏھن ته 5 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن ۽ معذور سان گڏ ان جو خيال رکندڙ ھڪ ماڻھو جي داخلا بلڪل مفت آھي. ھِن ميوزيم ۾ علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون(Activities & Programs)  به ٿين ٿيون، جن ۾ روزاني ۽ هفتيوار بحث مباحثا (Talks)  شامل آھن. ھر اربع تي ٻنپھرن جو اڍائي وڳي ڊاڪٽر جانسن جي لغت جي تاريخ ۽ ڪم بابت بحث، خميس تي ٻنپھرن جو ارڙھين صدي جي ملبوسات ۽ جمعي تي ٻنپھرن جو اڍائي وڳي ارڙھين صدي کان وٺي ھِن دور تائين آيل ٽيڪنالاجيڪل تبديلين ۽ ان جي اثرن تي بحث (Talks) جو سيشن ٿيندو آھي، انھن تقريبن ۾ شرڪت جي في خريد ڪيل ٽڪيٽ ۾ اڳيئي شامل ھوندي آهي. ان کانسواءِ به ڊاڪٽر جانسن ھائوس طرفان مختلف سرگرميون ڪرايون وڃن ٿيون.

(1) Walk & Visit Tour لنڊن جي ادبي تاريخ ۽ فليٽ اسٽريٽ (Fleet Street) جي گهٽي جو گائيڊ سان سير ۽ اُن کانپوءِ ڊاڪٽر جانسن هائوس (ميوزيم) جو دورو. تقريبن 1730 کان 1780 واري دور ۾ ڊاڪٽر جانسن جي گھر جي ويجھو واري بازار فليٽ اسٽريٽ لنڊن جو علمي، صحافتي ۽ ادبي مرڪز بنيل هئي. ھِتي کوڙ ساريون اخبارون، پمفليٽس ۽ ڪتاب ڇپجندا هئا ۽ تمام گھڻيون ڇپائي جون پريسون ھونديون ھيون. فليٽ اسٽريٽ جا تنگ رستا، ٽانگا، اخبارون کپائيندڙ ھاڪر، پريس مشينن جو شور غل، ڪتابن جا دڪان ۽ اسٽال بلڪل اھڙو ئي منظر پيش ڪندا ھئا، جھڙو علمي ادبي دڪانن ۽ ڇپائي جي پريسن جي مرڪز حيدر چوڪ گاڏي کاتي حيدرآباد جو آھي. ان دور ۾ فليٽ اسٽريٽ ۾ ڪافي ليکڪن، شاعرن، ايڊيٽرن ۽ پبلشرن جي اچ وڃ رھندي ھئي. ڊاڪٽر جانسن پاڻ به هتي مضمون لکيا، اخبارن لاءِ ڪم ڪيو ۽ ناشرن سان ملاقاتون ڪيون. ھِن اسٽريٽ ۾ موجود اُن وقت جا ڪافي ھائوس ھڪ قسم جا ادبي ڪلب هئا جِتي اديب، شاعر ۽ ادبي ذوق ۽ سماجي شعور رکندڙ ماڻھو پاڻ ۾ ويھي سياست، ادب، فلسفي ۽ ٻين موضوعن تي ڊگھا بحث ڪندا ھئا. ڊاڪٽر جانسن به اهڙين ڪچھرين جو مرڪز  (روح روان) بڻيل رھندو ھو. فليٽ اسٽريٽ تي واقع ڪافي ھائوسز جو منظر ۽ ماحول بلڪل اھڙو ھوندو ھو، جھڙو ڪنھن زماني ۾ پاڻ وٽ رسالا روڊ حيدرآباد جي ڪراچي ھوٽل ۽ ڪيفي جارج جو ھوندو ھو، جتي اديب لڏو چانھه جي چشڪي تي ادبي ڪچھريون ڪندو ھو. بدقسمتي سان ھِن وقت حيدرآباد جون اِھي ٻئي ھوٽلون ڊھي چڪيون آھن ۽ اُنھن جي جاءِ تي پلازا کڙا ٿيل آھن. فليٽ اسٽريٽ ۾ به جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان ڪافي بدلاءُ آيو آھي، پر اُن ۾ ھِن وقت به ايڏيون وڏيون بلڊنگون يا پلازا ناھن ٺھيا. اڄ به ھِن گھٽي جي پراڻي جارجيئن طرز  تعميرات مان ارڙھين صدي جي ماحول جي جھلڪ ۽ خوشبوءِ محسوس ٿئي ٿي. عام طور تي ٻنپھرن جي ھڪ وڳي کان ٽين وڳي تائين فليٽ اسٽريٽ جي ان تاريخي گائيڊيڊ ٽوئر جي ٽڪيٽ لڳ ڀڳ 20 پائونڊ آهي.

(2) Museum Lates: رات جي وقت (شام 6 وڳي کان رات 9 وڳي تائين) ۾ ڊاڪٽر جانسن ھائوس جو خاص ايوينٽ ٿيندو آھي. ھي مختلف موضوعن (مثلن ارڙھين صدي جو لنڊن، ارڙھين صدي جا اديب ۽ سرجندڙ ادب وغيره) تي بحث مباحثي يا ليڪچر جو پروگرام ھوندو آھي. ان پروگرام ۾ علمي ادبي ۽ تاريخي ماحول ۾ وزيٽرس کي چانھه، ڪافي يا شراب پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ وزيٽرس کي گھڙي پل لاءِ محسوس ٿيڻ لڳندو آھي ته اُھي ارڙھين صدي جي دور واري ماحول ۾ ڊاڪٽر جانسن سان گڏ ويٺا آھن ۽ علمي ادبي ڪچھري مان لطف اندوز ٿي رھيا آھن. ڪڏھن ڪڏھن اھڙن پروگرامن جي ماحول کي ھلڪي ڦلڪي موسيقي سان اڃان به دلچسپ ۽ رنگين بڻايو ويندو آھي. ھِن ايوينٽ جي ٽڪيٽ عام طور تي تقريبن 15 پائونڊ ھوندي آھي.

 انگلينڊ جي ادبي کيتر ۾ ليکڪ، شاعر، تجزيه نگار جي حيثيت ۾ پنھنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ ڊاڪٽر جانسن ڪيڏو وڏو ماڻھو ھو، اچو ته اُن جي قلمي پورھئي مان ڪجھه اقتباس (Quotations)  پڙھون.

عادت جون زنجيرون شروعات ۾ ايتريون ڪمزور هونديون آهن جو محسوس ڪونه ٿينديون آھن، پر جڏهن محسوس ٿيڻ لڳنديون آھن ته پوءِ اُھي ڪڏھن به ٽُٽنديون ناهن.

سچائي بنا علم ڪمزور ۽ بيڪار آهي ۽ علم بنا سچائي خطرناڪ آهي.

جيڪو پاڻ کي جانور بڻائي ڇڏي ٿو، اُن مان انسانيت جو احساس ختم ٿي وڃي ٿو.

وڏن ۽ وسيع دل وارن ذهنن ۾ تجسس پهرين خواهش به هوندي آهي ۽ آخري به.

ظلم ڪرڻ کان بهتر آهي ته ظلم برداشت ڪيو وڃي.

جيڪو انسان خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي طبيعت بدلائڻ بدران، دنيا بدلائڻ ۾ لڳو رهي ٿو، اهو سڄي زندگي بيڪار ڪوششن ۾ ضايع ڪري ڇڏي ٿو.

انسان جي اصلي سڃاڻپ اها آهي ته هو انهن سان ڪيئن پيش اچي ٿو، جيڪي اُن جي ڪنهن ڪم جا ناهن.

ڪو به ماڻهو نقل ڪري وڏو نه ٿيو آهي.

پاڻ پڙهڻ لاءِ اُهو ئي پڙهو، جنهن ڏانهن دل مائل هجي.

وڏا ڪم طاقت سان نه، بلڪه ثابت قدميءَ سان ٿيندا آهن.

جيڪا لکڻي محنت کانسواءِ لکجي ٿي، اُها خوشي سان پڙهي به نٿي وڃي.

دنيا اڪثر ڪري اُها نه هوندي آهي جيڪا ظاهر ۾ نظر ايندي آھي.

سفر ڪرڻ جو فائدو اِهو آهي ته انسان جو تصور حقيقتن سان روشناس ٿئي ٿو.

ڪو ماڻهو خزان جا ميوا تڏهن نٿو چکي سگهي، جڏهن هن جي دل بهار جي گلن ۾ اٽڪيل هجي.

زندگي ۾ تجسس جي تسڪين کان ٻي ڪا وڏي خوشي ڪونهي.

ڊاڪٽر جانسن ھائوس (ميوزيم) ڏسي ھاڻي آئون ٻاھر نڪري آيو آھيان. ميوزيم ٻاھران جانسن جي  پياري ٻلي ھوج جو مجسمو جنھن جي وات ۾ سِپ (کاڌو) ڏسي محسوس ٿئي ته شايد ڊاڪٽر جانسن ھاڻي ئي پنھنجي محبوب ٻلي کي خوراڪ ڏيئي فليٽ اسٽريٽ ڏانھن روانو ٿيو آھي ۽ پڪ ڪنھن ڪيفي ۾ ادبي دوستن سان محو گفتگو ھوندو. آئون پيرا کڻندو فليٽ گھٽي ۾ وڃان ٿو ۽ پاڻ کي ارڙھين صدي ۾ قدم کڻندي محسوس ڪريان ٿو، “اُھي ئي اخباري ھاڪرن جا ھوڪا، پرنٽنگ مشينن جو گوڙ، پبلشرن جا بڪ شاپ ۽ ھوٽلن تي چانھه، ڪافي ۽ شراب جي پيگ تي ادبي ڪچھريون، بحث مباحثا…” زندگي جو سفر بس ائين ئي آھي. ھڪ صدي گذري وڃي ٿي ۽ ان کي ميساريندي ٻينِ صدي اچي وڃي ٿي ۽ پوءِ اھڙي ريت ٽينِ صدي ۽ پوءِ چوٿين…. وقت گذرندو رھي ٿو ۽ ڪا به گذريل صدي  وري واپس موٽي نٿي اچي، پر اُھي تخليقڪار جيڪي  پنھنجين تخليقن جي سگھه سان وقت تي بند ٻڌي وٺن ٿا، اُھي ھر صدي ۾ موجود رھن ٿا. ائين ئي  ڊاڪٽر جانسن جو قلمي پورھيو به پنھنجي سگھه سان ھر صدي ۾ پنھنجي منفرد سڃاڻپ سان موجود رھندو. فليٽ اسٽريٽ مان ھاڻ آئون اٽڪل ڏھاڪو منٽ آواره گردي ڪندو واپس ريلوي اسٽيشن بليڪ فرائير (blackfriars)  پهتو آھيان ۽ ٽرين پڪڙي پنھنجي ٿاڪ رومفرڊ ڏانھن واپسي ڪئي آھي. ٽرين ۾ سفر ڪندي سوچيان ٿو ته “جي ڊاڪٽر جانسن اسان وٽ پيدا ٿئي ھا ته اسين کيس درويش بڻائي مٿس وڏو مقبرو جوڙائي ڌيءَ پٽ ڏيڻ وارو مرشد بڻائي ڇڏيون ھا، جيئن اسان لطيف، سچل، بابا بلي شاھ ۽ ٻين شاعرن ۽ اسڪالرن سان ڪيو آھي. پر انگريز آھن چريا، جن وري پنھنجن اديبن ۽ اسڪالرن جا ميوزم ٺاھيا آھن، جتان ڏات جا ڏيا روشن ٿين ٿا. بس اسان ۾ ۽ انگريزن ۾ اھو فرق آھي ته انگريزن پنھنجن مفڪرن ۽ ڏاھن جي نالي ادارا جوڙي ماڻھن ۾ شعور پيدا ڪيو آھي، نتيجي طور اُھي نئين دور ۾ داخل ٿيندا ترقي ڪندا ٿا وڃن ۽ اسان پنھنجن مفڪرن ۽ اسڪالرن کي اولياءُ بڻائي اُنھن تي وڏا مقبرا اڏائي درگاھي دڪان کولي ٿا ڇڏيون، نتيجي طور اسان جا ماڻھو وھمن وسوسن ۾ جڪڙندا، جيئن پوءِ تيئن پراڻي دور ۾ موٽندا (دفن ٿيندا) ٿا وڃن.”

…(هلندڙ)…