مسٽر ڪيونر جون ڪھاڻيون: برٽولٽ بريخت
مسٽر ڪيونر جون ڪهاڻيون جرمن ليکڪ، شاعر ۽ ڊراما نگار برٽولٽ بريخت جي لکيل ڪهاڻين جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ ننڍڙيون ۽ مختصر ڪهاڻيون شامل آهن. انهن ڪهاڻين ۾ فلسفو، سياست، اخلاقيات ۽ سماجي مسئلا منفرد انداز ۾ پيش ڪيا ويا آهن. بريخت هي ڪتاب ٻي عالمي جنگ کانپوءِ لکيو، ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻيون خاص طور تي ان وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن، طاقت جي غلط ورهاست، ۽ عام ماڻهن جي جدوجهد جي عڪاسي ڪن ٿيون. ڪهاڻين جو مرڪزي ڪردار مسٽر ڪيونر آهي، جيڪو مختلف حالتن ۾ پنهنجي سوچ ۽ عمل ذريعي زندگي جا اهم سبق ڏئي ٿو. مسٽر ڪيونر کي هڪ اهڙي شخص طور پيش ڪيو آھي، جيڪو عام ماڻهن وانگر ئي سوچي ٿو، پر پنهنجي عملن، خيالن ۽ سوالن ذريعي ماڻهن کي سماجي حالتن ۽ مسئلن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. ڪتاب ۾ انساني زندگيءَ جا مسئلا ۽ انهن جا حل روز مره جي واقعن ذريعي بيان ڪيا ويا آهن. انهن ڪهاڻين ۾ فرد ۽ سماج جي وچ ۾ لاڳاپا، طبقاتي جدوجهد ۽ معاشي ناهمواري جا موضوع سامهون آندا ويا آهن. بريخت زندگي کي هڪ مسلسل جدوجهد طور بيان ڪري ٿو، جتي سچائي جا معيار جامد نه هوندا آهن، پر حالتن تي دارومدار رکندا آهن. ڪيترين ڪهاڻين ۾ طاقت ۽ اختيار جي موضوع تي روشني وڌي وئي آهي. مسٽر ڪيونر طاقت ۽ سياست جي تعلق تي ڳالهائيندي وضاحت ڪري ٿو ته ڪيئن طاقتور ادارا سياست ۾ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي راءِ کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مسٽر ڪيونر عوام کي ٻڌائي ٿو ته سياست ۾ طاقت جو صحيح استعمال ڪيئن ڪيو وڃي ۽ ڪيئن ماڻهن کي پنهنجن حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي. ھو چوي ٿو ته طاقت جو هجڻ هميشه صحيح هجڻ جي ضمانت نه آهي، پر حق جو تعين مزاحمت سان ٿيندو آهي. ڪهاڻيون انساني تعلقن ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مسئلن کي پڻ اجاگر ڪن ٿيون، جن ۾ همدردي، مفاهمت ۽ تعاون جهڙا پهلو شامل آهن. بريخت جي لکڻي جو انداز سادو، پر گهرو آهي، جيڪو پڙهندڙن کي پنهنجي مفروضن تي ٻيهر غور ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. ھڪڙي ڪهاڻيءَ ۾ ھڪ شاگرد مسٽر ڪيونر کان پڇي ٿو “ڇا هميشه سچ ڳالهائڻ ضروري آهي؟” مسٽر ڪيونر ٿوري دير لاءِ سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ پوءِ جواب ڏئي ٿو “نه، جيڪڏهن ڪو ماڻهو بندوق سان توھان کي خوفزده ڪري ۽ ڪنهن جي ڳولا بابت سوال ڪري، ته اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن توهان جي سچائي ڪنهن ٻئي جي حياتي لاءِ خطرو بڻجي پوي ته اھڙي حالت ۾ سچ ڳالهائڻ تمام وڏو ڏوھ بڻجي وڃي ٿو.” ھڪ ٻي ڪهاڻي ۾ مسٽر ڪيونر چوي ٿو “اختلاف راءِ سماج جي ترقي جو بنياد آهي. جڏهن ماڻهو مختلف نظرين سان سوچيندا، تڏهن ئي نوان خيالات جنم وٺي سگھندا” ھو چوي ٿو “سوچڻ هڪ مسلسل عمل آهي، جيڪو نه رڪجي ٿو ۽ نه ئي ختم ٿئي ٿو.” مسٽر ڪيونر جون ڪهاڻيون هڪ منفرد انداز ۾ زندگي جي بنيادي سوالن تي روشني وجهن ٿيون. ڪتاب ۾ شامل ڪجھ ڪھاڻين ۾ مسٽر ڪيونر پنهنجي موقف جي وضاحت ڪرڻ بدران سوالن سان جواب ڏئي ٿو ۽ سامھون واري کي ان مسئلي بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. مسٽر ڪيونر سوال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته سوال ڪرڻ ئي سوچڻ جو آغاز آهي ۽ صرف سوالن ذريعي ئي انساني ذهن نون خيالن ۽ حقيقتن تائين پهچي سگهي ٿو. مسٽر ڪيونر اهڙي طرح جي گفتگو سان ماڻهن کي ترغيب ڏئي ٿو ته اهي رواجي جوابن جي بدران گھرائي سان سوچن ۽ حقيقتن کي تلاش ڪرڻ لاءِ سوال ڪن. ھو طبقن جي فرقن ۽ طاقت جي غلط ورهاست ۽ استعمال بابت ڳالهيون ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته سماج ۾ موجود مسئلن ۽ غلطين کي ڪيئن درست ڪري سگهجي ٿو. مسٽر ڪيونر سماج ۾ موجود فرقن تي ڳالھائيندي اھو موقف اختيار ڪري ٿو ته سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه برابري ۽ انصاف آهي. مجموعي طور تي مسٽر ڪيونر جون ڪهاڻيون پڙهندڙن کي نئين دنيا جي تعمير لاءِ فڪري گس ڏين ٿيون ۽ انهن کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون ۽ ٻڌائين ٿيون ته زندگي ۾ سچائي ۽ انصاف جا معيار ڪيئن حالتن تي منحصر ٿي سگهن ٿا. ھي ڪھاڻيون انساني سماج، اخلاقيات ۽ عام روين تي تنقيدي ۽ فڪري تجزيو پيش ڪن ٿيون. ڪتاب ۾ موجود ڪجھ ڪھاڻين جا ترجما ھيٺ ڏجن ٿا. 1. مسٽر ڪي اهو ضروري نه سمجهيو ته هو ڪنهن خاص ملڪ ۾ رهي. هن چيو: “مان ڪٿي به بک تي رھي سگهان ٿو.” بهرحال، هڪ ڏينهن هو هڪ اهڙي شهر مان گذري رهيو هو، جتي ان ملڪ جي دشمنن جو قبضو هو. دشمن فوج جو هڪ آفيسر هن ڏانهن وڌيو ۽ کيس فٽ پاٿ تان هيٺ لهڻ تي مجبور ڪيو. مسٽر ڪي هيٺ لهي ويو ۽ محسوس ڪرڻ لڳو ته کيس ان ماڻهو تي ڪاوڙ اچي رهي آهي ۽ نه رڳو ان ماڻهو تي، پر خاص طور تي اُن ملڪ تي به جنھن سان ان ماڻھوءَ جو تعلق ھو. تنھنڪري ھو چاھي پيو ته ان ملڪ کي دنيا جي نقشي تان ئي مٽائي ڇڏجي. “مون کي ڪهڙي شيءِ”، مسٽر ڪي پڇيو، “هڪ لمحي لاءِ قوم پرست بڻائي ڇڏيو؟ اهو ان ڪري هو جو مان هڪ قوم پرست جي سامهون ٿيس. اھوئي سبب آھي جو ان بيوقوفي کي پاڙ کان ختم ڪرڻ گھرجي، ڇو ته جيڪو ان سان ٽڪرائجي ٿو اهو به بيوقوف بڻجي وڃي ٿو.” ھن ڪھاڻي ۾ قوم پرستي جي تصور تي تنقيد ڪندي بريخت ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي آھي ته قوم پرستي، جيڪا ٻين قومن کي گهٽ سمجهي يا انھن سان ظلم ڪري، اها نه رڳو خطرناڪ آهي، پر انساني اخلاقيات جي خلاف پڻ آهي. ان جو زبردست مثال سب ڪانٽينينٽ تي برطانوي قبضي يا موجودہ وقت ۾ اسرائيل جي فلسطين تي قبضي ۽ ظلم مان وٺي سگهجي ٿو. ساڳئي ڪتاب ۾ ھڪ ٻئي ھنڌ بريخت ان ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت ڪندي ٻڌائي ٿو ته قوم پرستي ان وقت صحيح آهي، جڏهن اها عالمي انسانيت ۽ انصاف جي اصولن سان هم آهنگ هجي.
ھڪ ڀيري مسٽر ڪي کان پڇيو ويو، “توهان ڪهڙي ڪم ۾ مصروف آهيو؟” مسٽر ڪي جواب ڏنو، “مان هڪ مشڪل وقت مان گذري رهيو آهيان ۽ پنهنجي ايندڙ غلطيءَ جي تياري ڪري رهيو آهيان.” ھن ڪھاڻيءَ ۾ بريخت اهو ٻڌائڻ چاھي ٿو ته زندگيءَ ۾ ڏکيا مرحلا ايندا رهندا آهن، پر ان بجاءِ جو نااميد ۽ مايوس ٿي ماٺ ڪري ويھي رھجي، انهن ڏکين حالتن مان ڪجهه سکڻ ۽ پاڻ کي ايندڙ چئلينجن لاءِ تيار ڪرڻ گھرجي.
منهنجو پاڙيسري هر صبح گرامافون تي موسيقي ٻڌي ٿو.