بلاگنئون

افسانوي ادب ۾ ٽين جنس جي تصوير ڪشي!

نفسياتي حوالي سان ڏسجي ته ٻاهريون قوتون جيئن سماجي دٻاءُ، نفرت، حقارت، غير واجبيون، اڻبرابري، ظلم، ڏاڍ، انسان تسليم نه ڪرڻ جهڙن روين مان ٽرانس فوبياtransphobia  جهڙا رجحان جنم وٺن ٿا. ان ۾ گاريون، جنسي حراسان ڪرڻ، تشدد، قتل، سماجي طور انهن اڳيان هٿ ٺوڪيون روايتون قائم ڪرڻ، ان کان علاوه سماجي ۽ قانوني طور انهن جي حقن کي دٻائڻ اهي سڀ ٽين جنس ۾ شمار ٿيندڙ انسان کي نه سمجهڻ ۽ انسانيت جي توهين ڪري انهن کي الڳ وجود تسليم نه ڪرڻ سان ٽرانس فوبيا جهڙا رجحان جنم وٺن ٿا. مرد ۽ عورت جي ڀيٽ ۾ اڪثر ڪري سماج اهڙن فردن کي تسليم ناهي ڪندو نه ئي اديب ان پاسي تي ڳالهائي ٿو جنهن سان انهن جي انفراديت دٻجي وڃي ٿي اهڙي صورتحال کي”oppositional sexism”  چيو ويندو آهي. ان روايت جي خلاف اسان کيAkwaeke Emezi  جو ناول “فريش واٽر” پڙهڻ گهرجي. ناول جو مرڪزي ڪردار آدا هڪ نائيجيريا جي عورت آهي، جنهن جي پيدائش ان سماج ۾ ۽ هن جو تعلق روحن سان رهي ٿو، يعني آفاقي قوتون هن جي جسم ۾ موجود رهن ٿيون. هن جي جسم ۾ خاص طور ٻه قوتون رهن ٿيون هڪogbanje  ٻيAsụghara  اشوگرا قوت هن کي سماجي حد بندين خلاف، درد، اذيت، ٽين جنس واري زندگي بابت شعور ڏئي ٿي. توڙي جو آدا ٽين جنس ناهي، پر هتي ان جو پدر شاهي، روايتي روين، مرد جي بالادستي، ڪنهن به جينڊر ڏانهن ماڻهن جا رويا(patriarchal and binary thinking) انهن کي للڪاري ان گهٽ ٻوسٽ خلاف مزاحمت ڏيکاريل آهي. خير واپس اچون ٿا موضوع طرف.

سيندرلا لي بارٽڪي مشل فوڪو جي ٿيوري خاص ڪري معاشرو فرد جي جسماني قوت تي ڪيئن قابض ٿئي ٿو، خاص ڪري عورتن تي ۽ انهيءَ پسمنظر ۾ اسان ٽين جنس ڏانهن پڻ سماجي روين کي سمجهي سگهون ٿا. هوءَ چوي ٿي مرد، عورت، ليسبين، کدڙو اهي بنيادي، طور انسان آهن جن کي سماج جينڊر جي بنياد تي شناخت ڏئي ٿو. جتي ٽين جنس کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو وڃي، ان کي سماجي رتبي کان محروم رکيو وڃي، جسماني بناوٽ تحت انهن کي پرکيو وڃي، انهيءَ بنياد تي سيندرلا”Foucault and the Politics of the Body”  نالي سان مضمون لکي ان نقطي تي باقاعده روشني وجهي ٿي، بقول هِن جي ادارا ان شناخت کي جوڙڻ، ان طرف ڌيان ڇڪائڻ، ٽين جنس جي سماجي حيثيت کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ها اهي ادارا جن ۾ مشل فوڪو “اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين ۽ ملٽري جي هن ڳالھ ڪئي هئي” بهرحال ڏٺو وڃي سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ ويڳاڻپ جو شڪار ته ٽين جنس وارو فرد آهي، جيڪو هر وقت داخلي توڙي خارجي قوتن سان وڙهندو رهي ٿو، پنهنجي شناخت، جذبن، ڪيفيتن، اظهار، آواز ۽ خواهشن کي مڪمل طور دٻائي رکي ٿو، هو روايتي طور ڪنهن سان گفتگو نٿو ڪري، عام باٿ روم ۾ ڪپڙا تبديل ڪرڻ، عام انسان جيان پارٽيون اٽينڊ ڪرڻ، معمولي زندگي گذارڻ هن لاءِ ڏکيو ۽ پيچيده مرحلو آهي. اهي پاڻ کي هر وقت غير محفوظ تصور ڪن ٿا(feeling of being constantly surveilled in public spaces) ان سوچ کي افسانوي ادب ذريعي باقاعده للڪاري سگهجي ٿو. سماجي جبر جي خلاف ادب مزاحمت وارو ڪردار به ته ادا ڪري سگهي ٿو. يعني ٻاهرين قوتن جو جسماني بناوٽ تي پڻ غلبو رهي ٿو. اسان چئي سگهون ٿا ته ٽين جنس مڪمل طور جابر جي اک ۾ آهي جنهن تي هو ڏاڍ هلائي ٿو، هر اهو فرد جابر ۽ ظالم ئي ته آهي جيڪو ٻئي وجود کي وجود تسليم نه ڪري(Surveillance and Freedom: Trans Lives Under the Gaze of Power).

ٽين جنس جي تصوير ڪشي جنهن نموني ان جينڊر جا ليکڪ/ليکڪائون ڪن ٿا شايد ئي ڪو اهڙو آواز ڪير بڻجي سگهجي. ان حوالي سان Leslie Feinberg جو ناول”Stone Butch Blues”  جيڪو هڪ اهڙي ئي جنس تي لکيل آهي. ناول جو مرڪزي ڪردار جيس گولڊ برگ (ليسبين) آهي، ان ناول کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو ڪيئن ان جي سماجي شناخت قائم ٿئي ٿي، داخلي تضادن جي باھ ۾ سڙندي هو ڪيئن خود شناسي واري نقطي جي تلاش ۾ رهي ٿو/ٿي. اهو سماج قدامت پسند ۽ دقيانوسي سوچ رکندڙ آهي جيڪو ٻين جنسن(gender diversity)  کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري. جيس آخرڪار پاڻ جهڙي گروھ کي ڳولهي ان ۾ شامل ٿي وڃي ٿو/ٿي. ان ڪردار جي ذريعي ٽين جنس اندر سمورن فردن جي زندگي جي مسئلن کي سگهاري نموني هن ناول ذريعي پيش ڪيو ويو آهي، يعني انهن جو سڏ/آواز هي ناول آهي.

ان ناول جي جيڪڏهن فڪري پاسن کي ڏسون ته جهڙي طريقي سان سماج جو هڪ جينڊر ڏانهن رويو آهي، بقول جوڊٿ بٽلر جي “هڪ جينڊر کي سماج جوڙي، تشڪيل ڏئي ٿو”(gender is socially constructed and performative) يعني جيڪڏهن افسانوي ادب ذريعي ان کي انسان تسليم ڪجي ته هڪ مثبت رويو اڀري سگهي ٿو. ڇو ته ٽين جنس جي شناخت کي دٻائي رکڻ ۾ سماج جو مڪمل شعوري هٿ رهيو آهي. يعني انهن جي حقيقي زندگي، جذبن، امنگن، خوابن، خواهشن، جدوجهد کي دٻايو ويو آهي، ها حقيقي زندگي جنهن کي وجودي فلاسافر ڪريڪيگارڊ”the leap to authenticity” سڏيو آهي. جيس گولڊ برگ جو ڪردار جنهن طريقي جي زندگي جيئي ٿو ۽ سماجي اڻبرابري کان تنگ ٿي پاڻ جهڙي گروھ/ڪميونٽي ۾ شامل ٿئي ٿو اصل ۾ هو سارتر جي “بيڊ فيٿ” جي خلاف وڃي پنهنجي شناخت ٺاهڻ ڏانهن وڌي ٿو. ٽين جنس جي ڪردار جي زندگي کي افسانوي ادب ۾ ڏسڻ لاءِ اسان کي طبقاتي نظام اندر طاقتور طبقي کي پڻ ڏسڻو پوندو، مارڪسي نقطي نگاھ سان سماجي/معاشي درجا بندي فرد جي زندگي تي اثر انداز ٿيندي آهي، بقول مارڪس جي “جينڊر ۽ شناخت جون پاڙون پڻ معاشي ۽ سماجي حالتن ۾ کتل هونديون آهن” انهيءَ مطابق ڏسجي ته ٽين جنس حقيقي طور جبر جو شڪار آهي ۽ افسانوي ادب ۾ سماجي مڪينزم (اسٽيٽسڪو) کي قائم رکڻ لاءِ ان پاسي تي غير سنجيدگي وارو رويو اختيار ڪيو ٿو وڃي.

اسان جو سنڌي افسانوي ادب ڪافي حد تائين عورت جي تصوير ڪشي بهتر ڪري ٿو، پر عالمي ادب جي تناظر ۾ اسان اڃان زمين جي پهرين تھ تي موجود آهيون، ناولن جي ڳالھ ڪيون ته جينڊر واري پاسي تي مرد جو غلبو حاوي نظر اچي ٿو، ان نقطهءِ نگاھ سان ڏسجي ته ٽين جنس صرف يورپ جي ملڪن ۾ موجود ناهي جو اتي افسانوي ادب ۾ ان جي ڀرپور تصوير ڪشي ڪن ٿا، اهو ته هڪ جيئرو جاڳندو اسان جي سماج جو، اسان جي آسپاس گهمندڙ ڦرندڙ وجود آهي، جنهن تي لکڻ وقت ليکڪ الائي ڇو ڇرڪ ڀري ٿو، اصل ۾ اهوئي ته رياستي ۽ ثقافتي جبر آهي، ادبي منافقت آهي، غير روايتي شين کي اپنائڻ کان پاسو ڪري روايت پرستي جي پيروي ڪرڻ آهي، جنهن بنياد تي اسان ٽين جنس کي پوئتي ڌڪيون ٿا.Jennifer Finney Boylan  پنهنجي ڪتاب “ٽين جنس 101” ۾ ان حوالي سان ڪجھ نقطا پيش ڪيا يعني مشڪلاتون جن کي اهڙا فرد منهن ڏين ٿا بقول جينيفر جي “سڀ کان پهريان بي گهر ٿيڻ، عوامي جاين تي پابندي، ماڻهن جون نفرت ڀريون نگاهون، تشدد جو شڪار، مخصوص علاج جي کوٽ (hormone therapy)، آئي ڊي ڪارڊ ۾ مشڪلاتون، سماجي حد بنديون جيئن اسڪولن جي کوٽ، مزدوري/نوڪري نه ملڻ، راندين ۾ پابندي، Bullying, harassment، گهر، ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ عوامي جاين، ادب ۾ انهن جي غلط تصوير ڪشي جهڙا مسئلا انهن اڳيان رهن ٿا” يعني مجموعي طور ڏسجي ته انسان کي انسان تسليم ڪرڻ سڀ کان پهريون انساني شرط آهي. ان حوالي سان فينن جو “دٻاءُ/جبر جا نفسياتي اثر” اتي واضح آهي جنهن سان ٽين جنس سماجي، معاشي ۽ نفسياتي، طور پڻ ڀوڳين ٿا ايتري قدر جو 40 سيڪڙو بالغ ٿيڻ وقت اهي خودڪشي ڪري ٿا ڇڏين جيڪو انگ روايتي فردن ۾ صرف 4.6 سيڪڙو آهي مطلب هو ايترو ڀوڳين ٿا.

عالمي افسانوي ادب ۾ ٽين جنس’gender fluidity’  تي ڀرپور نموني ڪم ٿئي پيو، سماج تڏهن اوسر ڪندو جڏهن اهو نفسياتي طور ايترو قابل بڻجي جو ان ۾ موجود ان کي اڳتي وٺي ويندڙ سمورا عنصر ۽ قوتون ان جي پاسي هئڻ گهرجن، تڏهن اهو معاشرو سماجي تضادن اڳيان پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي سگهندو، پنهنجي صلاحيتن ۽ اجتماعي بنيادن تحت سرمائيدار سان منهن اٽڪائي سگهندو ٻي صورت اهائي آهي جنهن ۾ مرد ۽ عورت کان علاوه ٻين جنسن کي جانور ڏيکاريو، سمجهو ۽ پيش ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اينڊريا لالر جو ناول”Paul Takes the Form of a Mortal Girl” پڙهڻ سان گڏ اهڙن فردن کي افسانوي ادب ۾ ڪيئن پيش ڪجي سمجهڻ جهڙو آهي. ناول جو مرڪزي ڪردار پال آهي جيڪو سماج جو جينڊر ڏانهن روايتي سوچ کي للڪاري ٿو هو هڪ ئي وقت عورت، مرد، ليسبين ۽ مختلف جنسن ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن جي ڪردار مان اهو پيغام ملي ٿو جنهن جو ذڪر جوڊٿ بٽلر به ڪيو آهي ته جينڊر جو تعين سماج ڪري ٿو فطري طور اهو مڪمل انسان آهي(gender is not an inherent truth but a role we inhabit and perform) يعني سماجي دٻاءُ جي ڪري اهڙا فرد جنهن طريقي سان جسماني/جنسي طور هڪ وجود کي محدود رکي ٿو ان حساب سان ناول ۾ پال جسماني خود مختياريbodily autonomy  جو تصور ڏسي ٿو. فرد جي اصل شناخت هن جي ذات/روح آهي، مجموعي طور هي ناول افسانوي ادب ۾ جينڊر ڏانهن سماج جو رويو ۽ هن جي حقيقي شناخت بابت ڪافي فڪري بحثن کي جنم ڏئي ٿو. افسانوي ادب جي ڳالھ تي سارتر جو هڪ جملو ياد ٿو اچي جنهن چيو “ليکڪ سماج جي سمورين اوڻاين، خوبين، خامين، خوشين، ناراضگين، نااميدين ۽ پيچيدگين کي پوري ايمانداري سان قلمبند ڪري ٿو.” ان حوالي سان افسانوي ادب ۾ هڪ ليکڪ کي ڪنهن وجود جي موجودگي، حقيقي سچائي کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي. هن وقت سماج ۾ ڪافي اهڙا فرد مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻي چڪا آهن انهن پاسن تي، انهن جي جدوجهد، مشڪلاتن، تڪليفن ناڪامين ۽ ڪاميابي کي هر طرف کان اپنائڻ گهرجي. ٻولي تصور جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ان ڪري افسانوي ادب ذريعي مثبت ۽ سازگار ماحول جوڙي سگهجي ٿو. سنڌي ادب جي ڪجھ ناولن جي پلاٽ ۾ مختصر طور(specific plot device) جاءِ ڏني وئي، جڏهن ته اهي مڪمل وجود آهن، انهن جي زندگي آهي، زندگي جا تضاد آهن، جستجو آهي، ارتقائي سفر آهي. انهن جي اهڙي تصوير ڪشي ڪري سگهجي ٿي جنهن ۾ هو پنهنجا فيصلا ڪري سگهن، سماج اندر پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، رشتا نڀائڻ ۾ بهتر هجن، اجتماعي طور سماجي لاڳاپن ۾ اڳڀرا رهن بنسبت انهن جي ثانوي حيثيت ڏيکارڻ جي. مجموعي طور اهڙن ڪردارن کي افسانوي ادب ۾ وسيع تناظر ۾ ڏيکارڻ گهرجي(broad spectrum of human experience while breaking down stereotypes) اهائي فطري سچائي آهي. اهي اسان مان آهن ڪو ڌاري مخلوق ناهن نه ئي ڪي ٻئي سياري جي مخلوق آهن.

***