بلاگنئون

پاڪستان ڪنهن ٺاهيو؟
گريٽ گيم ۾ برطانوي اسٽيبلشمينٽ جو ڇا ڪردار هو؟
پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل

پاڪستان اسان جو وطن آهي. اسان کي ان سان محبت آهي ۽ محبت ڪرڻ به گهرجي. پاڪستان دنيا لاءِ هڪ حقيقت آهي. پاڪستان قائم رهڻ لاءِ ٺهيو آهي. مون سميت پاڪستان ۾ رهندڙ لکين ماڻهن جي خواهش آهي ته پاڪستان پنهنجا مسئلا صحيح پاليسين کي اختيار ڪندي حل ڪري ۽ ترقي ڪري ته جيئن پاڪستان هڪ خوشحال ملڪ ٿي سگهي. اسان جي خواهش ۽ آرزو آهي ته پاڪستاني معاشري اندر موجود خراب روايتون ختم ٿين ۽ ماڻهن جي سوچ کي علم ۽ تحقيق سان تبديل ڪيو وڃي ته جيئن اهڙو معاشرو ٺهي سگهي، جتي امن هجي، پيار هجي، برداشت هجي ۽ مذهبي انتها پسندي ۽ نفرت ختم ڪري، مثالي معاشرو قائم ڪري سگهجي، پر حقيقت اها آهي ته اسان وٽ حب الوطني جي نالي تي غلط تاريخ ٻڌائي ۽ پڙهائي وڃي ٿي. جڏهن ته وطن سان محبت جو مطلب اهو ناهي ته توهان تاريخ کان غافل هجو ۽ محض خيالي دنيا ۾ رهو. قومن جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي خطي جي حقيقي تاريخ کان واقف هجن ۽ ماضي جي ڪيل غلطين کان سبق حاصل ڪن.
گذريل مهينو آگسٽ جو هو. دنيا لاءِ آگسٽ جو مهينو هر عام مهيني جيان ايندو آهي ۽ گذري ويندو آهي، پر انڊيا ۽ پاڪستان جي ڪروڙين انسانن لاءِ آگسٽ جو مهينو ان تلخ حقيقتن ۽ واقعن جي ياد تازي ڪندو آهي. جيڪي 1947 ۾ ٿيا هئا. جڏهن ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا هئا ۽ هزارين خاندان ۽ انهن جا مرد، عورتون، ٻار، جوان ۽ پوڙها فرد گم ٿيا ۽ بي گهر ٿيا هئا ۽ جڏهن لکين انسان مذهب جي نالي تي قتل ڪيا ويا هئا ۽ جڏهن خاندان جا خاندان بي دردي بي رهمي سان قتل ڪيا ويا هئا نه قتل ڪندڙ کي خبر هئي ته قتل ڇو ٿو ڪيان. نه قتل ٿيندڙ انسان کي خبر هئي ته ڇو ٿو ماريو وڃان. 1947 ۾ لکين معصوم ماڻهن سان جيڪا ٿي اها هڪ وڏي ڊگهي ڪهاڻي آهي ۽ ان تي تمام گهڻا ڪتاب لکيا ويا آهن. پاڪستان ۽ ڀارت جيڪي 1947 کان اڳ هڪ ئي خطو هئا. انهن عالمي سامراج جي ور چڙهي پنهنجي ئي ملڪ جي ڪروڙين انسانن جي زندگي تباھ ڪري ڇڏي. هندوستان جي اندروني سياسي ڪشمڪش جو فائدو برطانيا ئي ورتو ڇو ته تبديل ٿيندڙ عالمي منظرنامي ۾ برطانيا کي پنهنجو مفاد سڀني کان وڌيڪ عزيز هو. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ برطانيا مجبور ٿي هندوستان ڇڏڻ جو فيصلو ته ڪيو هو، پر ان کي مستقبل لاءِ به سوچڻو هو ۽ علائقي جي صورتحال کي ڏسندي خاص ڪري سويت يونين جي طاقت کي سامهون رکندي، برطانيا ڪو اهڙو فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هو، جيڪو محض هندوستان جي 40 ڪروڙ انسانن جي مفاد ۾ هجي. بلڪه ان کي سڀني کان اڳ پنهنجي سامراجي علائقي ۽ سياسي مفاد کي ڏسندي ڪو فيصلو ڪرڻو هو ۽ پوءِ ائين ئي ڪيو ويو. برطانيا اهي ئي فيصلا ڪيا جيڪي محض هن جي پنهنجي ئي سامراجي مفادن کي تحفظ ڏيندا هجن. ان تي اسان اڳتي تفصيل سان بحث ڪنداسين. ڇو ته هاڻي هر شي تاريخ جو حصو ٿي وئي آهي ۽ ثبوت طور موجود به آهي. گهڻو ئي اهڙو مواد جيڪو پهرين ڳجهو رکيو ويو هو. اهو هاڻي پبلڪ لاءِ سامهون آندو ويو آهي. لنڊن جي انڊيا آفيس ۾ اهي تمام دستاويز رکيا ويا آهن، جيڪي ان کان پهرين ڳجها رکيا ويا هئا ۽ انهن دستاويزن کي پڙهڻ کانپوءِ آساني سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت حقيقت ۾ ٿي ڇا رهيو هو. انهن دستاويزن جي پبلڪ ٿيڻ کان اڳ گهڻيون شيون صاف نه هيون. بلڪه وڏا وڏا اديب ۽ تاريخدان به محض اندازا هڻي 1947 ۾ ٿيندڙ اهم واقعن جو پسمنظر بيان ڪندا هئا. جڏهن ته حقيقت ڪجھ ٻي ئي هئي. اصل حقيقت تڏهن سامهون آئي، جڏهن ڳجهن دستاويزن کي پبلڪ ڪيو ويو. ياد رکڻ گهرجي ته برطانيا جڏهن هندوستان ڇڏي پيو ۽ اختيار ٻن ملڪن يعني انڊيا ۽ پاڪستان کي منتقل ڪرڻ وڃي پيو ته آگسٽ جي مهيني ۾ ئي گهڻا حساس دستاويز برطانيا جي آفسيرن ساڙي ڇڏيا هئا ۽ باقي بچيل دستاويز هو پاڻ سان گڏ لنڊن کڻي ويا. انهن مان ڪجھ دستاويز اهڙن خطن جي صورت ۾ به هئا، جيڪي برطانيا جي آفيسرن ۽ هندوستاني سياستدانن وچ ۾ لکيا ويا هئا. اهي سڀ انهن لنڊن موڪلي ڇڏيا.
ان وقت برطانيا جي حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته ايندڙ 40 سالن تائين اهي دستاويز پبلڪ نه ڪيا ويندا. بلڪه 40 سالن کانپوءِ عام ماڻهن لاءِ پبلڪ ڪيا ويندا ۽ بعد ۾ گهڻي عرصي کانپوءِ برطانيا جي حڪومت نڪولس مينسرگھ کي ذميواري ڏني ته هو 1940 کان 1947 تائين هندوستان جي سياست ۽ اختيار جي منتقلي بابت ڪاغذ گڏ ڪري ۽ انهن مان ايڊٽ ڪري ڪتابي شڪل ۾ مواد تيار ڪري ۽ پوءِ نڪولس ٽرانسفر آف پاور نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جا 12 جلد هئا، جنهن ۾ هن اهڙا ڪاغذ به ڪاپي ڪيا جيڪي حساس هئا ۽ اڄ اهي 12 جلد انٽرنيٽ سميت لنڊن جي انڊيا آفيس ۾ به موجود آهن ۽ دنيا جو هر تاريخدان جيڪو انڊو پاڪ تاريخ تي لکي ٿو. اهو نڪولس جي 12 جلدن واري ڪتاب کي ريفرينس طور پيش ڪري ٿو ۽ ان ۾ لکيل واقعن جو حوالو ڏي ٿو. مطلب ته ٽرانسفر آف پاور جي 12 جلدن ۾ اهي واقعا لکيا ويا آهن، جيڪي اڳ سياسي مفادن جي ڪري ڳجها رکيا ويا هئا ۽ موجوده نسل جي اها خوشقسمتي آهي ته اڄ اهو سڀ مواد موجود آهي ۽ پبلڪ جي ان تائين رسائي به آهي، جنهن تي تحقيق ڪري انسان حقيقت ۽ افساني ۾ فرق ڪري سگهي ٿو.
دنيا جو ھاڻوڪو نقشو ڏسبو ته ان ۾ 195 ملڪ آهن. جڏهن ته اڄ کان سو سال اڳ دنيا جو نقشو ائين نه هو بلڪه گهڻو مختلف هو. انساني تاريخ ڏسجي ته جنهن رفتار سان ٻي مهاڀاري لڙائي دنيا جي سياست ۽ جاگرافي کي تبديل ڪيو. ان جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. عالمي جنگن کان پهرين اهو عالمي قانون هو ته جيڪو طاقتور آهي، اهو ئي مالڪ آهي. طاقتور سلطنت ۽ ان جي بادشاھن کي اهو تصوراتي حق حاصل هو ته هو طاقت جي زور تي جتي دل چوي اتي حڪمراني ڪن. ان دور ۾ انساني حق اخلاقيات جا اصول ۽ ان قسم جون ڳالهيون طاقت جي اڳيان بي معنيٰ تصور ڪيون وينديون هيون. ٻي مهاڀاري لڙائي جو هڪڙو فائدو اهو ٿيو جو ان کانپوءِ وڃي دنيا ۾ دائمي امن قائم ٿيو ڇو ته ان کانپوءِ ئي دنيا ۾ وڏا وڏا ادارا ٺاهيا ويا، جن دنيا جي سياسي ڪشمڪش کي گهٽ ڪري امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر ٻي طرف دنيا جو نقشو به تبديل ٿيو ۽ عالمي طاقتن ملڪن کي ٽوڙي نيون سرحدون به ٺاهيون. جنهن جي ڪري نيون رياستون دنيا جي نقشي تي اڀري آيون. دنيا جي تاريخ ۾ سوين جنگون ٿيون آهن، پر ٻن مهاڀاري جنگن دنيا کي گهڻي حد تائين تبديل ڪري ڇڏيو. دنيا جي هاڻوڪي سياست ۾ ان تبديلين جو وڏو اثر آهي، جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ پيدا ٿيون. انساني تاريخ ۾ برطانيا جي سلطنت هڪ اهڙي سلطنت رهي آهي، جنهن تقريبن سڄي دنيا تي حڪمراني ڪئي آهي، برطانوي سلطنت جي تمام وڏي تاريخ آهي. ان جي عظمت شان و شوڪت کان ڪير به انڪاري نٿو ٿي سگهي. دنيا جي هاڻوڪي سياست معيشت ۽ جاگرافي تبديلين جو ڪارڻ به برطانوي سلطنت رهي آهي ۽ دنيا جي هاڻوڪي سياست جيڪا هلي پئي ان جو حتمي فيصلو به برطانوي سلطنت ڪيو هو. زميني اعتبار سان ٻيون به وڏيون سلطنتون رهيون آهن. جيئن منگول سلطنت ۽ روسي سلطنت، پر برطانيا جي سلطنت جاگرافي اهميت جي لحاظ کان وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿي، جنهن جو اثر اڄ به آهي. اڄ به دنيا ۾ جيڪي سياسي فيصلا ٿين ٿا يا جن فيصلن جي چوڦير سياست ڦيرو ڏئي رهي آهي. انهن فيصلن جو فيصلو به برطانوي سلطنت ئي ڪيو هو، ائين کڻي چئجي ته موجوده دنيا جي سڄي سياسي ڊرامي جو اسڪرپٽ برطانوي سامراج ئي لکيو هو ته غلط نه ٿيندو. بيٺڪي نظام ختم ڪري دنيا تي ڪيئن حڪمراني ڪرڻي آهي. برطانوي سلطنت جاگرافي تبديليون ڪري آمريڪا کي روڊ ميپ ٺاهي ڏنو هو. آمريڪا برطانوي سلطنت جي ڪجھ فيصلن تي راضي نه هو ۽ ان جا ڪجھ خدشا پڻ هئا، پر فيصلا اهي ئي قائم رهيا جيڪي برطانوي سامراج ڪيا. ان وقت آمريڪا جي اهميت ان لاءِ به محسوس ڪئي وئي ڇو ته ٻي عالمي جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ اهو واضح ٿي چڪو هو ته هاڻي آمريڪا ئي سپر پاور ٿيندو ۽ دنيا کي ڪنٽرول ڪندو. برطانوي سلطنت جي مڪمل تاريخ ۽ انهن جي ڪيل فيصلن تي لکڻ تمام ڊگهو موضوع آهي. جنهن تي ٻي وقت لکبو ڇو ته هاڻي اسان جو موضوع ڀارت تي برطانوي ڪنٽرول جي ڪهاڻي آهي.
اسان جي علم ۾ آهي ته پندرنهين صدي عيسوي کانپوءِ يورپ اندر هڪ رجحان وڌيو ته سمنڊ پار تجارت ڪئي وڃي ۽ نوان علائقا ڳولهيا وڃن. جيئن تجارت به ڪئي وڃي ۽ فتح ڪيل ملڪن جي دولت کڻي پنهنجي سلطنت ۾ آندي وڃي. جنهن سان پنهنجي ماڻهن کي نوازيو وڃي ۽ سلطنت جون سرحدون پڻ وڌايون وڃن. ان مقصد لاءِ ئي اسپين سلطنت جي مدد سان ڪولمبس نڪتو هو ۽ وڃي آمريڪي زمينون ۽ جزيره ڳولهي لڌائين. ان جو به اصل مقصد هندوستان پهچڻ هو، پر غلطي سان ڪيوبا وڃي نڪتو. بهرحال وقت گذرڻ سان سامونڊي سفر ۾ جدت ايندي وئي ۽ ترقي يافته سلطنتن سامونڊي سفر ۽ رستن تي عبور حاصل ڪري ورتو.
پرتگال جو واسڪو ڊي گاما پهريون يورپي باشندو هو، جيڪو سمنڊ رستي هندوستان پهتو. واسڪو ڊي گاما هندوستان جي هاڻوڪي رياست ڪيرالا جي ڪالي ڪٽ بندرگاھ تي اچي آباد ٿيو. ڇو ته ان وقت ڪالي ڪٽ جي بندرگاھ کان تجارت ٿيندي هئي. واسڪو ڊي گاما مقامي راجا جي اجازت سان ڪالي ڪٽ ۾ تجارت ڪرڻ شروع ڪئي. ڪالي ڪٽ جي بندر گاھ کان ايراني ۽ عرب به تجارت ڪندا هئا، ڇو ته ان وقت ڪالي ڪٽ جي بندر گاھ علائقي ۽ پوري خطي جي وڏي بندر گاھ سمجهي ويندي هئي. وقت گذرڻ سان مغربي ماڻهن جي دلچسپي هندوستان ۾ وڌندي وئي. واسڪو ڊي گاما کانپوءِ نيدرلينڊ جا متحده ست صوبا جنهن کي (ڊچ ريپبلڪ) چيو ويندو هو. انهن به هندوستان ۾ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني کولي تجارت شروع ڪئي. ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو شروعاتي دور سريلنڪا کان شروع ٿيو ۽ پوءِ انهن هندوستان جي هاڻوڪي تامل نائڊو، بنگال ۽ گجرات کي ڪنٽرول ڪندي اتي تجارت ڪندا رهيا، اهڙي طرح هندوستان کي يورپي سلطنتن پنهنجي تجارتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ۽ لکين ماڻهن جو استحصال ڪيو. اهڙي طرح يورپي ڊينمارڪ-ناروي، سويڊن، انگلينڊ ۽ فرانس هندوستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني تحت تجارت ڪندا رهيا، پر وقت گذرڻ سان ٻين يورپي ملڪن جون جڙون ايتريون مضبوط نه ٿي سگهيون ۽ اهي ڪمزور ٿيندا ويا آخر ۾ وڃي فرانس ۽ انگلينڊ وچ ۾ هندوستان ۾ تجارتي ۽ سياسي بلادستي لاءِ پراڪسي وار شروع ٿي وئي.
هندوستان ۾ سياسي ۽ تجارتي بالادستي لاءِ فرانس ۽ برطانيا ۾ هلندڙ سرد جنگ جو ڊراپ سين پلاسي واري جنگ ۽ ٽيپو سلطان جي موت تي اچي ٿيو. جنهن ۾ برطانيا جي فوج بنگال جي نواب ۽ ان جي مدد ڪندڙ فرانس کي بدترين شڪست ڏني. ياد رکڻ گهرجي ته پلاسي جي جنگ برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پهرين جنگ هئي. جنهن کانپوءِ ئي ڊرامائي تبديلي آئي ۽ ڪمپني هندوستان تي مڪمل حڪومت ڪرڻ لڳي. پلاسي جي جنگ به فرانس ۽ برطانيا جي سرد جنگ سبب ٿي هئي. ڇو ته فرانس بنگال جي نواب سراج الدولا کي برطانوي قلعي تي حملي لاءِ تيار ڪيو هو. جنهن جو نتيجو پلاسي جي جنگ ۾ سامهون آيو، جنهن ۾ فرانس جي حمايت يافته نواب کي شڪست ڏسڻي پئي (ان کان پهرين واري جنگ ۾ جنهن ۾ حيدرآباد جي نظام برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ مرهٽن جي فوج کي گڏيل شڪست ڏني هئي) ان کانپوءِ ڊرامائي تبديلي آئي. جنهن هندوستان کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو. ڇو ته پلاسي جي جنگ تاريخ جو اهڙو ڦيرو هو. جنهن کي اڳتي هلي گهڻو ڪجھ تبديل ڪرڻو هو. ياد رکڻ گهرجي ته 1799 کان اڳ ميسور هڪ آزاد ۽ خود مختيار سلطنت هئي. ٽيپو سلطان جي موت کانپوءِ برطانيا هن ۾ جاگرافيائي تبديليون آڻي، هن ملڪ جون سرحدون تبديل ڪري ڇڏيون. هندوستان جي تاريخ ۾ حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان جي بهادري ۽ جنگي حڪمت عملي کي هميشه ياد ڪيو ويو آهي. بلڪه برطانوي فوجي ٽيپو سلطان جي جنگي صلاحيتن جو اعتراف ڪندا هئا. بنگال ان وقت هندوستان جو امير ترين صوبو هو. جيڪو پلاسي جي جنگ کانپوءِ برطانيا جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو، جنهن جو حڪمران رابرٽ ڪلائيو کي ڪيو ويو. جنهن پلاسي جي جنگ ۾ برطانوي فوج جي قيادت پڻ ڪئي هئي، بعد ۾ بنگال جي اهميت کي ڏسندي ڪلڪتي کي گاديءَ جو هنڌ ڪيو ويو.
ان وقت زوال جو شڪار ٿيندڙ مغل بادشاهت به برطانوي اثر هيٺ اچي چڪي هئي ۽ ڪمپني جيڪو حڪم ڪندي هئي، مغل بادشاھ ان تي ٺپو هڻي منظوري ڏيندو هو. اهڙي طرح مغل بادشاھ بنگال بهار ۽ اوڙيسا ۾ بادشاهت سان لاڳاپيل عملدارن کي نيڪالي ڏئي ڪمپني جي ماڻهن کي رکيو.
ڪمپني جو ڪنٽرول تقريبن هندوستان جي سڀني رياستن ۾ ٿيندو پي ويو. 1818 تائين ڪمپني مرھٽا رياستن کي مڪمل ختم ڪري ڇڏيو ۽ ائين ئي ڪمپني انهن سڀني رياستن تي سياسي ۽ تجارتي ڪنٽرول ڪيو جتي معمولي به بغاوت جو خدشو هو. برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي پنهنجي سلطنت کان مڪمل مدد حاصل هئي ۽ لنڊن کان هر اها مدد جلدي پهچندي هئي، جنهن جي ڪمپني کي ضرورت هوندي هئي. ڪمپني هندوستان جو معاشي استحصال شروع ڪري ڏنو. هندوستان ان وقت دنيا جو امير ترين ۽ خوشحال ملڪ هو. مغلن جي دور ۾ جڏهن مغربي طاقتون هندوستان ڏانهن متوجه ٿيون. ان وقت هندوستان عالمي معشيت جو 28 سيڪڙو ڪنٽرول رکندو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني هندوستان جي مختلف شعبن ۾ اهي سڀئي سڌارا آندا، جيڪي هندوستان کان وڌيڪ برطانوي ڪمپني کي فائدو ڏيندا هجن. هندوستان ۾ پيدا ٿيندڙ فصل ۽ ان مان ٺهندڙ مختلف شيون جيئن ڪپڙو برطانيا موڪلڻ شروع ڪيو ويو ۽ ڪوشش ڪئي وئي ته هندوستان ۾ ڪا به اهڙي فيڪٽري ڪامياب نه ٿي سگهي، جيڪا برطانيا جي فيڪٽرين سان مقابلو ڪري سگهي، بلڪه ان وقت اهي سڀئي فيڪٽريون بند ڪيون ويون، جيڪي ان وقت ڪاميابي سان تجارت ڪري رهيون هيون. فيڪٽرين کي بند ڪرڻ جو بنيادي ڪارڻ اهو هو ته جيئن هندوستان جي خام مال کي هندوستان کان برطانيا موڪليو وڃي ۽ برطانوي صنعت کي ترقي وٺرائي وڃي. برطانوي حڪومت جي تمام ڪوشش اها هئي ته هندوستان کان ڪچو مال برطانيا موڪلي ابتو هندوستان کي برطانيا جو محتاج ڪيو وڃي ڇو ته جيڪا شي هندوستان ۾ آساني سان تيار ٿي سگهندي هئي ۽ جنهن جو ڪچو مال هندوستان ۾ ئي پيدا ٿيندو هو، ان ڪچي مال کي برطانوي حڪومت هندوستان ۾ استعمال نه ڪرڻ ڏيندي هئي ۽ اهو تمام ڪچو مال برطانيا موڪليو ويندو هو. برطانيا جو صنعتي انقلاب هندوستان جي ڪچي مال ۽ دولت جي ڪري ئي آندو ويو هو ڇو ته جيڪر برطانيا جو هندوستان تي ڪنٽرول نه هجي ها ته برطانيا جي صنعت ڪڏهن به نه اڀري سگهي ها. برطانيا جي ايسٽ انڊيا ڪمپني مڪمل طور تي هندوستان تي قابض ٿي چڪي هئي. 1843 ۾ انهن سنڌ به پنهنجي ڪنٽرول اندر آڻي ڇڏي. ملڪ جي هر ننڍي وڏي شي کي ڪمپني ئي ڪنٽرول ڪندي هئي. ڪمپني هر انهي عمل کي چٿڻ جي صلاحيت رکندي هئي، جيڪا برطانوي سامراج جي خلاف هجي، جيڪي نالي ماتر راجه مهاراجه هئا.
اهي محض پنهنجي عياشين ۾ پورا هئا ۽ انهن جو ڪم محض پنهنجون ذاتي عياشيون پوريون ڪرڻ هو، ڇو ته جيڪي رياستون يا انهن جا راجا برطانوي ڪمپني جي مخالف سوچ رکندا هئا ته ڪمپني پهرين ئي انهن کي يا ته مڪمل ختم ڪري ڇڏيو هو يا وري بلڪل لاچار ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. ڪمپني ڪوشش ڪئي ته اهڙن ماڻهن کي رياستون ۽ زمينون ڏنيون وڃن، جيڪي برطانوي سامراج جا حامي هجن ۽ انهن جي خوشامد ڪن، پر وقت گذرڻ سان مقامي هندوستاني ماڻهن کي اهو شعور ايندو ويو ته اسان جو استحصال ٿي رهيو آهي ۽ اهو احساس ۽ ڪاوڙ وڌندي وئي ۽ ان جو نتيجو وڃي 1857 ۾ ظاهر ٿيو، جيڪا حقيقي بنياد تي پهرين جنگ آزادي هئي.
1857 جي بغاوت کي برطانيا چٿي ڇڏيو هو، پر ان بغاوت سبب ٿيندڙ سوچ جيڪا هندوستاني ماڻهن اندر پيدا ٿي چڪي هئي، ان تي هن هميشه نظر رکي 1857 جي بغاوت جو بنيادي سبب ته برطانوي ڪمپني ۽ انهن جي ماڻهن جو هندوستان جي ماڻهن سان تلخ ۽ حقارت وارو رويو هو، جيڪو ڪئي سالن کان هندوستان جي ماڻهن سان رکيو ويو هو، ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته انگريز ان وقت جيڪو هندوستان تي قابض هو، ان کي پنهنجي اڇي چمڙي تي ناز ۽ فخر هو، ان وقت واضح طرح سان انگريز هندوستان جي ماڻهن کي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ڏسندا هئا، انهن جو خيال هو ته هندوستاني گهٽ نسل جا ۽ جاهل ماڻهو آهن، جڏهن ته اسان کي انهن مٿان حڪومت ڪرڻ جو بنيادي ۽ قدرتي حق حاصل آهي، انگريز کي پنهنجي نسل، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ثقافت تي وڏو تڪبر هو ۽ اهي هندوستاني عام ماڻهو سان ۽ جيڪي انهن جي ماتحت هوندا هئا، انهن سان حد درجي جي بد سلوڪي ۽ بد تميزي ڪندا هئا، انگريزن جو هندوستاني ماڻهن بابت ايترو ته حقارت ڀريو رويو هو، جو ڪجھ انگريز ته ائين به چوندا هئا ته آگري ۾ موجود تاج محل هندوستان جي ماڻهن نه بلڪه ڪن ٻين ماڻهن ٺاهيو آهي، هن عجيب ۽ غير منتطقي ڳالھ جو ڪارڻ هو اهو ڏيندا هئا ته هندوستاني ماڻهن جي سوچ ۽ قابليت ايتري ناهي جو اهي ايتري شاندار ۽ خوبصورت عمارت ٺاهي سگهن. انگريزن جو هندوستانن سان رويو پڙهجي ۽ 1857 واري بغاوت کي جوڙجي ته ڳالھ سمجھ ۾ اچي سگهي ٿي ته 1857 جي بغاوت آخر ڇو ٿي هن بغاوت تي مڪمل طرح سان ڪنٽرول ڪيو ويو ۽ بغاوت ۾ ملوث فوجين ۽ ٻين ماڻهن کي سخت ۽ غير انساني سزائون ڏنيون ويون (ياد رهي ته 1857 جي بغاوت ۾ هندن ۽ مسلمانن گڏجي ڪمپني جي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي هئي) پر هن سان گڏ و گڏ هڪ اهم فيصلو به ڪيو ويو ته هندوستان کي تاج برطانيا جي حوالي ڪيو ويو. يعني هندوستان تي هاڻي سڌو برطانيا جي راڻي بادشاهت ڪندي.
1857 جي بغاوت برطانوي اسٽيبلشمينٽ تي گهڻو اثر ڇڏيو ۽ انهن ان کانپوءِ پنهنجي ترتيب تبديل ڪئي ۽ ڪجھ نمائندگي هندوستاني ماڻهن کي به ڏيڻ شروع ڪئي، پر حتمي اختيار پاڻ وٽ رکيو. فوج سميت سڀني ادارن ۾ برطانوي آفيسر ئي هر شي ڪنٽرول ڪندا هئا، پر هاڻي انهيءَ افرادي قوت ۾ هندوستاني به ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيا ويا. 1857 کان ڪجھ سال اڳ ئي چارٽر ايڪٽ 1853 ۾ انڊين سول سروسز جيڪا پهرين ڪمپني جي دور ۾ (امپريل سول سروسز) جي نالي سان قائم هئي، جنهن تي ڪنٽرول ڪمپني جو هوندو هو. ان جو بنيادي مقصد ڪمپني جو ضلعي سطح تي ڪنٽرول برقرار رکڻ هو. جنهن ۾ ٽيڪس سميت هر ڪم ڏٺو ويندو هو. ڪليڪٽر، ڪمشنر، مختيارڪار، سول سروسز نالي ماتر هندوستان جي ماڻهن لاءِ کولي وئي هئي، جڏهن ته اصل ڪنٽرول ڪمپني ۽ بعد ۾ برطانوي آفيسرن جو ئي هوندو هو. برطانوي راڄ اڳ هندوستاني ماڻهن کي سول سروسز سميت گهڻن ئي شعبن کان ٻاهر رکندو هو، پر 1857 جي بغاوت حڪومت کي ٿورو گهڻو سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ ائين 1857 جي بغاوت کانپوءِ اهم تبدليون ڪيون ويون. اهي تبديلون گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1858 تحت ڪيون ويون، جن کي برطانوي پارليمينٽ مان پاس ڪيو ويو.
1857 کانپوءِ واري صورتحال ۾ فوج مٿان سخت نظر رکي وئي ۽ انهن کي ٻن شاخن ۾ ورهايو ويو. هڪڙي جنهن ۾ انگريز فوجي هئا ۽ ٻي شاخ ۾ سپاهين ۽ هيٺين درجي جي فوج هئي، جنهن ۾ انڊين ڀرتي ٿيل هئا، پر انهن جي ڪمان انگريز وٽ ئي هوندي هئي، هڪڙي ٻي شي کي به ذهن ۾ رکيو ويو يعني ”مذهب“ هندو ۽ مسلمان فوجي جو فرق هاڻي واضح ڪرڻ شروع ڪيو ويو هو. اها تقسيم يقينن برطانوي سامراج لاءِ فائديمند هئي. ياد رهي ته ”فوجي نسل-مارشل ريس“ جو تصور به 1857 واري بغاوت کانپوءِ ئي اختيار ڪيو ويو هو. جنهن ۾ اها ڪوشش ڪئي وئي هئي ته انهن قبيلن مان فرد فوج ۾ ڀرتي نه ڪيا وڃن، جن جا فرد 1857 جي بغاوت ۾ شامل هئا ۽ انهيءَ نسل جي ماڻهن کي فوج کان ٻاهر رکيو وڃي جيڪي مارشل ريس ۾ نه پيا اچن.
ڪانگريس:
برطانيا جي اسٽيبلشمينٽ هندوستان جي مقامي ماڻهن کي سياست ۽ ڪاموراشاهي کان ٻاهر رکڻ جي حامي هئي، انهن جو تعصب ۽ نفرت هندوستاني ماڻهن لاءِ ڪا لڪيل ڳالھ نه هئي، هو بنا ڪنهن ڊپ جي چوندا هئا ته هندوستاني ان قابل ناهن جو انهن کي اهم ذميواريون ڏنيون وڃن. تنهن هوندي به ڪجھ اهل علم سمجهدار انگريزن جي به کوٽ نه هئي، اهڙا به انگريز ماڻهو هئا، جيڪي ان قسم جي خيال جا حامي نه هئا، انهن جي خيال ۾ ڪو نه ڪو اهڙو پليٽفارم هجڻ ضروري آهي، جتي اهم هندوستاني ماڻهن جي نمائندگي هجي ۽ پوِءِ ايلن اوڪٽيون هيوم Allan Octavian Hume)) جيڪو ڏاهو سياستدان جدت پسند ۽ رٽائرڊ ڪامورو هو، ان 1885 ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد رکيو. هندوستان جي هندو ۽ پارسي تاجرن ڪانگريس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڇو ته ممبئي ۾ ان وقت هندو ۽ پارسي ئي شاهوڪار هئا، جن جو ڪاروبار وسيع هو جڏهن ته هن فهرست ۾ مسلمان تمام گهٽ هئا، بهرحال! ڪانگريس جو شروعاتي دور خاص نه هو، پر وقت گذرڻ سان هن ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ شروع ڪيو ڇو ته هن هندوستاني عام ماڻهو جي مسئلن تي احتجاج ڪرڻ ۽ آواز بلند ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ هندوستاني قوم پرستي جو پيغام عام ماڻهن ڏانهن پهچائڻ شروع ڪيو. ڪانگريس انڊين قوم پرستي جو شاندار مظاهرو ڪيو. 1905 کانپوءِ جڏهن گانڌي هندوستان آيو ته هن ڪانگريس کي عام هندوستاني ماڻهو ڏانهن کڻي ويو. هن هندوستاني ڳوٺاڻو لباس پائي اهو پيغام ڏنو ته ڪانگريس جو مقصد هندوستان جي آزادي ۽ ثقافت کي بحال ڪرڻ ئي آهي. ڪانگريس ان وقت مذهبي فرق کان بالاتر ٿي هندوستان جي عام ماڻهو جي سياسي پارٽي ٿيندي پئي وئي ۽ هن برملا برطانوي سامراج جي ظلمن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڪانگريس جو مقصد هڪ آزاد ۽ خود مختيار هندوستان ٺاهڻ هو جيڪو ظاهر آهي ته برطانوي سامراج جي هوندي ممڪن نه هو، ان لاءِ ڪانگريس مسلسل اهو مطالبو ڪندي رهي ته برطانوي بادشاهت ختم ڪري اختيار هندوستاني ماڻهن کي ڏنو وڃي، ان قسم جي احتجاجن ۽ گانڌي جو عام ماڻهو جيان نڪرڻ ماڻهن کي پُرڪشش لڳو ۽ ماڻهن ڪانگريس کي غير معمولي حمايت ڏني. وقت گذرڻ سان ۽ مسلسل برطانوي سامراج کي چيلينج ڪرڻ سان هندوستان جو هر ماڻهو ڪانگريس کي پنهنجي سياسي پارٽي سمجهڻ لڳو ۽ ياد رکڻ گهرجي ته ڪانگريس ۾ مسلمانن جي وڏي اڪثريت اچي چڪي هئي، ڇو ته هندوستان جا وڏا مذهبي شخص به ڪانگريس ۾ اچي ويا هئا، جنهن ۾ مولانا آزاد، خان عبدالغفار خان، خان محمد عباس خان، شوڪت انصاري، عبدالله بريلوي شامل هئا. ان ۾ ڪو شڪ نه رهيو ته ڪانگريس هندوستان جي گراس روٽ جي پارٽي بڻجي چڪي هئي ۽ هن کي هندوستان جي هر طبقي، مذهب ۽ هر سوچ رکندڙ جي حمايت حاصل هئي. گانڌي پنهنجي سياسي سرگرمين ۾ اها ڪوشش ڪئي ته هو هندوستان جي سڀني مذهبن جي ماڻهن کي ڪانگريس سان گڏ کڻي هلي. ڪانگريس برمالا هندوستان جي ماڻهن کي انگريز سامراج خلاف اٿي نڪرڻ لاءِ تيار پئي ڪيو ۽ ان جي ڪوشش هئي ته هندوستان جي ماڻهن کي بنا ڪنهن مذهبي فرق جي انگريز سامراج جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. جيئن هڪ آزاد ۽ خود مختيار هندوستان ٺهي سگهي. ڪانگريس جو سيڪيولر ۽ گراس روٽ جي سياست برطانيا کي اک ۾ ڪنڊي وانگر پئي لڳي، برطانوي اسٽيبلشمينٽ ڪانگريس ۽ ان جي اعليٰ ليڊرشپ کان نفرت ڪندا هئا. ٻيو ته ڪانگريس هندوستان اندر ماڻهن جو حقيقي آواز بڻجي چڪي هئي جنهن ۾ هر مذهب، هر نسل جو ماڻهو شامل هو ۽ اهي سڀئي ماڻهو برطانوي سامراج خلاف آواز بلند ڪرڻ لڳا. ان لاءِ هندوستان ۾ راج کي اگر ڪو خطرو هو ته اهو ڪانگريس کان ئي هو ڇو ته ڪانگريس هندوستان جي ماڻهن جي حقيقي نمائده سياسي پارٽي ٿي چڪي هئي.
اسلام ۽ هندوستان، تقسيم شروع کان هئي؟:
انسان جي تهذيبي تاريخ کي ڏسبو ته ان ۾ اسان کي هر سطح تي تقسيم ۽ اختلاف نظر ايندا. اهي اختلاف ئي انسان جي جستجو کي مزيد تيز ڪندا آهن. انسان ٻي انسان سان نظرياتي اختلاف رکي ئي نوان نظريا پيدا ڪري سگهندو آهي. انسانن جي هزارين سالن جي تهذيبي زندگي کي ڏسبو خاص ڪري جڏهن هن رياست کي ٺاهيو ۽ ان جو نظام هلائڻ شروع ڪيو ته ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ان جو هر موڙ تي هڪ الڳ نظريو رهيو آهي. مطلب ته انسان ٻي انسان کي يقيني شڪ ۽ تنقيدي نگاھ سان ڏسندو رهيو آهي ۽ اها ئي موجوده دنيا جي خوبصورتي آهي ڇو ته خيالن ۽ نظرين جي تقسيم ئي ته انسانن کي ترقي ۽ جدت ڏانهن وٺي ويندي آهي مطلب ته سوچ جي تقسيم ته هر انسان ۾ پيدائشي ٿئي ٿي.
دنيا جي قديم ترين تھذيبن مان هڪ ”انڊس“ جنهن کي انڊيا به چيو ويو ته سنڌو به چيو ويو ته هند ۽ هندوستان به چيو ويو آهي. هندوستان جون جاگرافي حدون يقينن اهي نه هيون جيڪي اڻويهين صدي عيسوي ۾ هيون. هر دور ۾ هتي مختلف سلطنتون رهيون آهن ۽ انهن جو پنهنجون پنهنجون حدون هيون، جيڪي اڄ کان گهڻو مختلف هيون هندوستان ۾ رياستي مذهب به تبديل ٿيندا رهيا آهن، جنهن ۾ ٻڌ مذهب، جين مذهب ۽ هندو ڌرم رهيا آهن. هندوستان ۾ اهڙو دور به رهيو آهي، جڏهن مذهب کي اداري واري اهميت حاصل نه هئي، بلڪه هر ماڻهو ۽ قبيلو الڳ الڳ ريتن ۽ رسمن تي يقين رکندو هو. دنيا جي اهم جاگرافي تي هجڻ جي ڪري هتي دنيا جي هر هنڌ ۽ هر ڪنڊ ڪڙڇ کان مختلف نسل ۽ مذهب جا ماڻهو ايندا رهيا آهن. هندوستان جي دولت عرب، ايران، افغانستان جي بادشاهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ ائين هندوستان تي گهڻن ئي بادشاهن حملا ڪيا ۽ انهن هندوستان جي دولت تي قبضو پڻ ڪيو. اهڙي طرح جڏهن هر نسل مذهب ۽ مختلف سوچ جي ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو ويو ته ماڻهن ۾ سوچ جي تقسيم به پيدا ٿي جيڪا يقيني ٿيڻي هئي.
***