شاعرينئون شاعري February 12, 2026 Zahida Abro غزلساحر راهوويساھ جي خدائي جيڪر نه زندگيءَ ۾سپنن جو انت موهن فطري آ عاشقيءَ ۾.ممڪن رهيو تنهنجو حاصل ته پوءِ جانانمشڪل رهي نه مشڪل خوابن جي خودڪشيءَ ۾.هڪ ريت جو سمندر منهنجي وجود ۾ مانآثار هان قديمي تاريخ جي رديءَ ۾.مٽيءَ جي مورتن جا چوڏس جسم سجايلڪوئي نه ٿو خريدي بازار بي حسيءَ ۾.چانڊاڻ هڪ پراڻو ميرانجهو ورق پلٽيوبيخود مان ميڪدي مان تنهنجي پڳس گليءَ ۾.مندر جي چانئٺ تي تون اي دل نواز ديويديپڪ رکين ٿي ڪنهن لئه گلزار چاندنيءَ ۾.گلدان تان اڏامي دل جو نفيس پوپٽويٺو اچي ڪنول تي سرشار بيخوديءَ ۾.اڌڙوٽ راهبا جي پاڪيزگي ۽ پوڄاميري نه ٿيندي ساحر ڪنهن جي به دلبريءَ ۾.***غزلاڪبرعارباڻيافسوس ھر جڳهه اڄ انسان ٿو وڪاميدفتر پيا ٿا وڪجن ديوان ٿو وڪاميٿورن ٽڪن جي عيوض ھٽ جي وکر جياننياڻين جي عزت عظمت ارمان ٿو وڪاميسامھون ڏسو آ ويٺو ڪرسيءَ تي جيڪو ماڻھونپنھنجو سو ڀڀ ڀرڻ لئه نادان ٿو وڪاميھرڪو خريد ٿيل آ پنھنجي ئي دام اگھہ تيمولوي واعظ عقيدو اعلان ٿو وڪاميگنگا ۾ وھنجي سنھجي پوءِ به نه ٿيو پويترپوجاري پيو ٿو وڪجي ڀڳوان ٿو وڪاميھن کي نه حج جي پر ناٽڪ ڏيکاءَ خاطرفنڪار فن ڪلا جو ڏس سمان ٿو وڪاميڇا ڇا پيو او وڪڻين تون پادري ڏي ھوڪومسيحا دعا دوا ھت ھر دان ٿو وڪامياڪبر جيئي ٻيو ڇا لئه مطلب نه ڪو جيئڻ جومحبت معيار رشتا گڏ ايمان ٿو وڪامي.**هي راڻيون ۽ راڻا، هي ڌرتي ڌڪاڻاشاهد شاماڙي ڀٍيل ڀائو! ادا! ڀاءُ منهنجا!هي ڌرتيءَ جو ڦيٿو ڦري ٿو جُڳن کانرڳن ۾ زهر تو رکيو تهمتن جو جنم ڪيڏا گهاريا، ڀُري تو ها ڀوڳيا!ڪُٺل گيت تنهنجو ڪَنن ۾ ٻُري ٿوٻُري ٿو، ٻُري ٿو، ٻُري ٿو جُڳن کان!اڙي يار ڪولهي! مِٺي تُنھنجي ٻولي!ڪُلهن تي صدين جا سَٿيل بار ڪيڏا!هٿن ۾ لِڦون ڄڻ سِپين جان رهن ٿيون!تڏهن به هي جيون رڳو ليڙون ليڙون!لڪائي رَمين ٿو، اندر ڏار ڪيڏا!بدن تي ۽ من تي ٿيا وار ڪيڏا!اڙي ڀيڻ اوڏڻ! ادي منهنجي جوڳڻ!هي تنهنجيون اکيون ڄڻ ته گهايل صدائوناندر ۾ گفائون اڏينديون رهن ٿيون!تون هڪلي گڏھ کي ۽ گارو گڏائي،اڏين ڪوٽ ان لئه، ڏني چوٽ جنهن هئي!تو ڀونءَ سان وفا لئه سٺيون هِن سزائون!ادا! منھنجا جيڏا! ادي! منھنجي جيجان!چپن تي مُٺي ماٺ منهنجي دُکي ٿي!جُڳن کان اوهان کي لتاڙيو آ لوڪنانهي جو ڪفارو ڪڏهن ڪين ٿيندو!خسارو صدين جو ورهين ۾ نه ويندو!سڄي عمر منهنجي توهان کي سڏي ٿي!سڏي ٿي، سڏي ٿي، سڏي ٿي، سڏي ٿي!**غزلفراخ جانوريدل لڳي کي ڳائبو دلبري کي ڳائبو ،دشمني پاسي رکي دوستيءَ کي ڳائبو.پاڻ پانڌي آهِيُون ھُن پرھ جي پار جا،ٻاٽ ۾ ٻاري ڏيا روشنيءَ کي ڳائبو.ڪنھن ڪليءَ سان دل ڳنڍي زندگي مھڪائبي،چنڊ سان چاھت رکي چاندني ءَکي ڳائبو.جيستائين دوستو زندگيءَ جو ساٿ آ،موت پاسي تي رکي زندگيءَ کي ڳائبو.سونھن وارن سان حسين ڪي رچائي محفلون،جهومبو جهومائبو عاشقيءَ کي ڳائبو.ھر قلوپطرا ڪميڻي کي پاسي تي رکي،سسئي، مومل، باوفا مارئيءَ کي ڳائبو.امن الفت واسطي فڪر صوفين جو کڻي،ھا ڪڏهن سچل ڪڏهن ڀٽ ڌڻيءَ کي ڳائبو.ساھ کان وڌ جانوري پيار ڌرتيءَ سان اٿم،ڳائبو پيو ڳائبو سنڌڙيءَ کي ڳائبو.**غزلممتاز علي ٿرواسيلڳي لار ٽهڪن ۾ ٿـي ڄڻ چڙي جيرقاصا هئي ناز موهن دڙي جيڀٽائي دنبورو اڃان ٿو وڄائيتمر اڄ بزم آ سجائي گهڙي جيڪنواري هوا ماڪ اوڍي ٽڙي ٿيرهــي ٿي ٿڌيري رفاقت ڦڙي جيجگر جان جذبا پرين پوش پرداسُٺي سيڪ سارون شمع شب ڳڙي جياڳوڻي اها عيد آ ياد توکي؟بنان تيل ڪنجري پراڻي پڙي جياسان کي اڱوٺو ڏنو عشق آهـيعمر ڀر ڪئي پيروي بـــي وڙي جي.**غزلآتم دراوڙتنهنجو ڀاڪر اڃان پيو ناهي،سينو چانديءَ سان ميو ناهي.پلڪ هر ڪا هي چوگرد آهي،خيال تنهنجو وري ويو ناهي.ٻي جو منهنجا پرين اڃان تائين،تو جيان پاڻ کي ڪيو ناهي!ڪوڙيون صدين کان تهمتون آهن،عشق ايڏو به بي چيو ناهي!تنهنجو سارو بدن بڻايو آ،لڙڪ اک جو رُڳي ٺهيو ناهي!آڱرين سان شرير تنهنجي کي،دل کَٽياڻيءَ اڃان رڱيو ناهي!** Post Views: 65