شاعرينئون

شاعري

غزل

ساحر راهو

ويساھ جي خدائي جيڪر نه زندگيءَ ۾

سپنن جو انت موهن فطري آ عاشقيءَ ۾.

ممڪن رهيو تنهنجو حاصل ته پوءِ جانان

مشڪل رهي نه مشڪل خوابن جي خودڪشيءَ ۾.

هڪ ريت جو سمندر منهنجي وجود ۾ مان

آثار هان قديمي تاريخ جي رديءَ ۾.

مٽيءَ جي مورتن جا چوڏس جسم سجايل

ڪوئي نه ٿو خريدي بازار بي حسيءَ  ۾.

چانڊاڻ هڪ پراڻو ميرانجهو ورق پلٽيو

بيخود مان ميڪدي مان تنهنجي پڳس گليءَ ۾.

مندر جي چانئٺ تي تون اي دل نواز ديوي

ديپڪ رکين ٿي ڪنهن لئه گلزار چاندنيءَ ۾.

گلدان تان اڏامي دل جو نفيس پوپٽ

ويٺو اچي ڪنول تي سرشار بيخوديءَ ۾.

اڌڙوٽ راهبا جي پاڪيزگي ۽ پوڄا

ميري نه ٿيندي ساحر ڪنهن جي به دلبريءَ ۾.

***

غزل

اڪبرعارباڻي

افسوس ھر جڳهه  اڄ انسان  ٿو وڪامي

دفتر  پيا ٿا  وڪجن  ديوان  ٿو وڪامي

ٿورن ٽڪن جي عيوض ھٽ جي وکر جيان

نياڻين جي عزت عظمت ارمان ٿو وڪامي

سامھون ڏسو آ ويٺو ڪرسيءَ تي جيڪو ماڻھون

پنھنجو سو ڀڀ ڀرڻ لئه نادان ٿو وڪامي

ھرڪو خريد ٿيل آ پنھنجي ئي دام اگھہ تي

مولوي  واعظ  عقيدو  اعلان  ٿو  وڪامي

گنگا ۾ وھنجي سنھجي پوءِ به نه  ٿيو پويتر

پوجاري  پيو  ٿو وڪجي  ڀڳوان ٿو وڪامي

ھن کي نه حج جي پر  ناٽڪ  ڏيکاءَ خاطر

فنڪار فن ڪلا جو ڏس سمان ٿو وڪامي

ڇا ڇا  پيو او وڪڻين تون پادري ڏي ھوڪو

مسيحا دعا دوا ھت ھر دان ٿو وڪامي

اڪبر جيئي ٻيو ڇا لئه مطلب نه ڪو جيئڻ جو

محبت  معيار  رشتا  گڏ  ايمان  ٿو  وڪامي.

**

هي راڻيون ۽ راڻا، هي ڌرتي ڌڪاڻا

شاهد شام

اڙي ڀٍيل ڀائو! ادا! ڀاءُ منهنجا!

هي ڌرتيءَ جو ڦيٿو ڦري ٿو جُڳن کان

رڳن ۾ زهر تو رکيو تهمتن جو

 جنم ڪيڏا گهاريا، ڀُري تو ها ڀوڳيا!

ڪُٺل گيت تنهنجو ڪَنن ۾ ٻُري ٿو

ٻُري ٿو، ٻُري ٿو، ٻُري ٿو جُڳن کان!

اڙي يار ڪولهي! مِٺي تُنھنجي ٻولي!

ڪُلهن تي صدين جا سَٿيل بار ڪيڏا!

هٿن ۾  لِڦون ڄڻ سِپين جان رهن ٿيون!

تڏهن به هي جيون رڳو ليڙون ليڙون!

لڪائي رَمين ٿو، اندر ڏار ڪيڏا!

بدن تي ۽ من تي ٿيا وار ڪيڏا!

اڙي ڀيڻ اوڏڻ! ادي منهنجي جوڳڻ!

هي تنهنجيون اکيون ڄڻ ته گهايل صدائون

اندر ۾ گفائون اڏينديون رهن ٿيون!

تون هڪلي گڏھ کي ۽ گارو گڏائي،

اڏين ڪوٽ ان لئه، ڏني چوٽ جنهن هئي!

تو ڀونءَ سان وفا لئه سٺيون هِن سزائون!

ادا! منھنجا جيڏا! ادي! منھنجي جيجان!

چپن تي مُٺي ماٺ منهنجي دُکي ٿي!

جُڳن کان اوهان کي لتاڙيو آ لوڪن

انهي جو ڪفارو ڪڏهن ڪين ٿيندو!

خسارو صدين جو ورهين ۾ نه ويندو!

سڄي عمر منهنجي توهان کي سڏي ٿي!

سڏي ٿي، سڏي ٿي، سڏي ٿي، سڏي ٿي!

**

غزل

فراخ جانوري

دل لڳي کي ڳائبو دلبري کي ڳائبو ،

دشمني پاسي رکي دوستيءَ کي ڳائبو.

پاڻ پانڌي آهِيُون ھُن پرھ جي پار جا،

ٻاٽ ۾ ٻاري ڏيا روشنيءَ کي ڳائبو.

ڪنھن ڪليءَ سان دل ڳنڍي زندگي مھڪائبي،

چنڊ سان چاھت رکي چاندني ءَکي ڳائبو.

جيستائين دوستو زندگيءَ جو ساٿ آ،

موت پاسي تي رکي زندگيءَ کي ڳائبو.

سونھن وارن سان حسين ڪي رچائي محفلون،

جهومبو جهومائبو عاشقيءَ کي ڳائبو.

ھر قلوپطرا ڪميڻي کي پاسي تي رکي،

سسئي، مومل، باوفا مارئيءَ کي ڳائبو.

امن الفت واسطي فڪر صوفين جو کڻي،

ھا ڪڏهن سچل ڪڏهن ڀٽ ڌڻيءَ کي ڳائبو.

ساھ کان وڌ جانوري پيار ڌرتيءَ سان اٿم،

ڳائبو پيو ڳائبو سنڌڙيءَ کي ڳائبو.

**

غزل

ممتاز علي ٿرواسي

لڳي لار ٽهڪن ۾ ٿـي ڄڻ چڙي جي

رقاصا هئي ناز موهن دڙي جي

ڀٽائي دنبورو اڃان ٿو وڄائي

تمر اڄ بزم آ سجائي گهڙي جي

ڪنواري هوا ماڪ اوڍي ٽڙي ٿي

رهــي ٿي ٿڌيري رفاقت ڦڙي جي

جگر جان جذبا پرين پوش پردا

سُٺي سيڪ سارون شمع شب ڳڙي جي

اڳوڻي اها عيد آ ياد توکي؟

بنان تيل ڪنجري پراڻي پڙي جي

اسان کي اڱوٺو ڏنو عشق آهـي

عمر ڀر ڪئي پيروي بـــي وڙي جي.

**

غزل

آتم دراوڙ

تنهنجو ڀاڪر اڃان پيو ناهي،

سينو چانديءَ سان ميو ناهي.

پلڪ هر ڪا هي چوگرد آهي،

خيال تنهنجو وري ويو ناهي.

ٻي جو منهنجا پرين اڃان تائين،

تو جيان پاڻ کي ڪيو ناهي!

ڪوڙيون صدين کان تهمتون آهن،

عشق ايڏو به بي چيو ناهي!

تنهنجو سارو بدن بڻايو آ،

لڙڪ اک جو رُڳي ٺهيو ناهي!

آڱرين سان شرير تنهنجي کي،

دل کَٽياڻيءَ اڃان رڱيو ناهي!

**