سنڌ ۾ ڪورونا لاءِ ٻه نيون اسپتالون ٺاهي فوري فنڪشنل ڪرڻ جون هدايتون

سنڌ حڪومت طرفان ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه ارب رپين جي لاڳت سان ٻه نيون اسپتالون ٺاهي فوري طور فنڪشنل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان ڪالهه وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن صحت کاتي کي هدايتون جاري ڪيون ته گهٽ ۾ گهٽ 500 مانيٽرن ۽ 200 وينٽيليٽرن کي يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته گلشن اقبال ۾ 50 بسترن واري اسپتال ۽ 200 واري انفيڪشن ڪنٽرول اسپتال نيپا کي جون 2020 تائين مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته اسان انهن سهولتن لاءِ 2 ارب 7 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا آهن، جتي ڪورونا متاثرن کي هر سهولت فراهم ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي شهر ۾ 131 بسترن وارا آءِ سي يو ۽ 9 ايڇ ڊي يو خالي پيا آهن. جڏهن ته اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ٻين شهرن جي 21 اسپتالن ۾ به آءِ سي يو ۽ ايڇ ڊي يو جي گنجائش وڌائي پئي وڃي.
