اها ڳالھ به سمجهون ٿا ته مغربي ميڊيا سميت لوڪل ميڊيا جو به سمورو ڌيان نائين اليون جي واقعي کانپوءِ افغانستان تي اچي بيٺو، هر ماڻهو جي دماغ ۾ ڳالھ ويهي رهي ته طالبان دهشتگرد آهن، پر سڀ مسلمان به پاڻ کي شڪ جي نگاھ سان ڏسي رهيا هئا ۽ آمريڪا ڄڻ معصوم بڻجي ويو هو، ماڻهن جي همدردي ۽ خاص مغربي دنيا جي سوچ ئي ڦري وئي انهن ته پنهنجن ملڪن مان سڀني ڏاڙهين وارن مسلمانن جي مٿان شڪ ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن کي هر صورت ملڪ مان ڪڍيو وڃي. ان ڪري ته هر مسلمان جيڪو مغربي ملڪن ۾ رهائش پذير هو ته اهو خطري ۾ اچي ويو هو ته اجهو ٿو ”ڊي پورٽ“ ٿئي، ڇو ته ٻي ڪا واھ نه هئي، حشر اهو به هو ته مسلمان اتان جو اتي ”ڪنورٽ“ ٿي پاڻ عيسائي سڏائڻ لڳا، لڪي ڇپي ويا، ڇو جو آمريڪي ايجنسين جي نظر ۾ اهي سڀ دهشگرد هئا، پر هلي هلي انهن مغربي قوتن ان بهاني طالبان ۽ وري ڦري گهري پاڪستان کي وڪڙ ۾ آندو، ڪي پي ۾ ڌمچر مچائي ڏنن ته جيڪي به طالبان (مسلمانن) جا مدرسي گروھ آهن اهي سڀ نروار ڪيو ۽ انهن کي ائين سمجهن ته اهي طالبان هاڻي سمورن مسلمانن ملڪن ۽ مسلمان ماڻهن جا نمائندا آهن، جيڪي دنيا ۾ رهن ٿا ايستائين جو جيڪي ماڻهو مغربي ملڪن ۾ رهن پيا انهن تي به ڇنڊا پيا انهن جي زندگي به متاثر ٿي جو ايئرپورٽ جي اسڪيننگ تي انهن کي ننگو ڪري چيڪ ڪيو ويو ۽ طالبان جا گناھ مسلمانن کي ڳچي ۾ پئجي ويا ۽ مسلمان جي ساک سموري دنيا ۾ حد درجي جي گهڻي متاثر ٿي جو اڄ تائين اهي اڌ انگريز مسلمان به سڌا ناهن (۽ تاقيامت سڌا ۽ سچا نه ٿي سگهندا) ان ڪري سموري دنيا جي نظر ۾ عيسائي ايترو خوار خراب ناهي توڙي جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏا خوني عيسائي ملڪن جا حڪمران رهيا آهن ۽ ڪنهن به هن مهل تائين يهودين کي ننديو ناهي يا سرڪاري طور تي ڪا به سرڪار يهودين کي اهڙي ظلم تي پنج مغربي ملڪ به گڏائي ناهي سگهي ته اهي فلسطينن جي لاءِ گڏ ٿين پر ”لپ سروس“ تمام گهڻي آهي، هڪ دوست ٻڌايو ته جڏهن اهي سعودي عرب عمرو ڪرڻ ويا ته انهن جي دل جهٻو کاڌو ۽ انهن فلسطين جي درد ۾ فلسطيني رومال ڳچي ۾ ويڙهيا ته جيئن دنيا کي ڏيکاري سگهن ته اهي فلسطين سان گڏ آهن، پر حيرت اها هئي ته انهن کي سعودي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جهلي ورتو ۽ سخت چيڪنگ ڪين انهن جا پاسپورٽ وٺي اسڪين ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏانهن موڪلي ڏنن ته هي ماڻهو مشڪوڪ ٿا لڳن جيڪي فلسطين جا رومال ويڙهي آيا آهن انهن جي جاچ ڪيو ته اهي ڪير آهن؟ چوڻ جو مطلب اهو آهي ته عرب ملڪ پاڻ ته ڪجھ نه ٿا ڪن پر غيرسرڪاري طور تي جيڪي ماڻهو فلسطين جي درد ۾ روئن ٿا انهن جا ڳوڙها به نه ٿا اگهن.