ايڊيٽوريل

سپريم ڪورٽ پاڪستان ملڪ ۽ قوم کي انتشار کان بچائي ورتو

سپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ هڪ شخص نالي مبارڪ ثاني جي ضمانت جي حوالي سان ٿيندڙ فيصلن جي ڪري ملڪ اندر انتشار جو ماحول جڙي رهيو هو. مذهبي عالم ۽ مذهبي اڳواڻ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندڙ انهيءَ فيصلي جي شديد مخالفت ڪري رهيا هئا. هڪ سياسي پارٽي پڻ ان سڄي صورتحال مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته ڪهڙي به نموني سندن ڪاوڙ جيڪا چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان آهي اها ٻاهر نڪري.
سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ان کانپوءِ پنجاب گورنمينٽ نظرثاني جي اپيل داخل ڪئي. جنهن تي سپريم ڪورٽ پاڪستان مذهبي عالمن کان تجويزون پڻ گهرايون هيون. ان جي باوجود بقول مذهبي عالمن جي انهيءَ فيصلي ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون هيون جنهن جو ضمانت جي ڪيس سان تعلق گهٽ هو ۽ اهي ڳالهيون نه ڪجن ها ته بهتر هو. ان ضمانت جي ڪيس کي صرف ضمانت جي حد تائين ڏٺو وڃي ها، فيصلو پڻ ان مطابق هجڻ گهرجي ها. بهرحال گهڻن ماڻهن کي انتشار پکيڙڻ جو موقعو هٿ اچي ويو، انهن پنهنجي وسان نه گهٽايو. ڇو ته انهن جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان واضح عداوت آهي، انهن هن موقعي کي غنيمت سمجهي پنهنجي فائدي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، انهن ان ڪيس جي آڙ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو مذاق اڏائڻ کان وسان ڪونه گهٽايو، ايستائين جو کيس گاريون ڏنيون ويون ۽ سندس سر جي قيمت پڻ رکي وئي. قومي اسيمبلي جي فلور تي انهيءَ ڪيس تي تقريريون ڪيون ويون ۽ پوءِ قومي اسيمبلي جي قائمه ڪاميٽي طرفان هڪ متفقه فيصلو ڪري سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪليو ويو. وفاقي حڪومت جي طرفان اٽارني جنرل پيش ٿي سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي ۽ حڪومت پاڪستان چاهي ٿي ته اوهان ڪيل فيصلي جي درستگي ڪريو، جيڪي پيراگراف انتشار جو سبب بڻجي رهيا آهن انهن کي فيصلي مان ڪڍي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ 14 ناميارن عالمن کي پڻ پنهنجي مدد لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ طلب ڪيو، جنهن ۾ مولا فضل رحمان پڻ موجود هو. اهي سڀئي عالم انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿيا ته فيصلي ۾ موجود پيراگراف نمبر 7 ۽ 42 ڪڍيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي ججن اها ڳالهه مڃي ورتي ۽ هڪ شارٽ آرڊر تحت جنهن جو تفصيل ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ايندو فيصلو ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ اهي پيراگراف ختم ڪري ٿي، انهن پيراگرافن جو مثال ڪنهن به ننڍي ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيو ويندو. هڪ عجيب ڳالهه جيڪا نطر آئي ته فيصلو سپريم ڪورٽ جي بينچ ڪيو هو جنهن جو هڪ ميمبر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هو ان سان گڏ ٻيا جج به موجود هئا، پر ڪاوڙ صرف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ڇو هئي؟ سبب شايد اهوئي آهي ته قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ کي آئين ۽ قانون پٽاندڙ هلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ان ۾ هو ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهي اهو ته وقت ٻڌائيندو. بهرحال جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تسليم ڪيو ته جيڪڏهن فيصلي ۾ ڪا ڪوتاهي آهي ۽ پارليامينٽ جيڪو آئين ۽ قانون ٺاهڻ وارو ادارو آهي ان طرفان ڪا تجويز آئي آهي ته اسان پنهنجي فصيلي ۾ ترميم ڪريون ٿا، سندس انهيءَ فيصلي پڻ سندس قد وڌائي ڇڏيو آهي ۽ اهي ڳِجهون جيڪي ان انتظار ۾ هيون ته کين ملڪ اندر ٿيندڙ انتشار مان فائدو پوندو انهن کي سخت مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پيو آهي.
اسين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي پوئتي هٽڻ واري قدم جي ساراهه ڪريون ٿا. هاڻي جڏهن پارليامينٽ جو حڪم سڀ کان افضل آهي ته هن وقت جيڪو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اليڪشن ايڪٽ وارو قانون پاس ڪيو آهي ان تي ڪيترو عمل ٿيندو؟ ڇا سپريم ڪورٽ جي مٿان پابندي ناهي ته ان فيصلي جي به پاسداري ڪئي وڃي؟ يقينن پارليامينٽ سپريم آهي سندس ڪيل فيصلن جي سڀ کان وڌيڪ اهميت آهي، هاڻي جيڪا نظرثاني اپيل مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي سامهون موجود آهي ان تي اهي 8 جج صاحب جن آئين کان مٿانهون ٿي فيصلو ڏنو هو، نظرثاني اپيل ۾ پنهنجي فيصلي جو دفاع ڪيئن ڪندا؟ اهو وقت ٻڌائيندو. هڪ شيءِ واضح آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن کي هيرو ٿيڻ جي بجاءِ عقلندي کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ پوري ملڪ کي انتشار کان بچائڻ گهرجي جيئن قاضي فائز عيسيٰ پوري ملڪ ۽ قوم کي انتشار کان بچائي ورتو آهي.