بلاگ

تخليقي سياسي اڳواڻپ مشتاق ميراڻي

  1. شروعات:

اڳواڻپ جو موضوع صدين کان ماڻهن وٽ بحث هيٺ ايندو رهيو آهي. اڳواڻ جي ڪاميابي، ناڪامي، خوبيون، خاميون ۽ شخصي زندگي جي مختلف پهلوئن تي شهر توڙي جهر جهنگ ۾ ڪچهري جو مرڪز رهن ٿيون. اڳواڻپ جي صحيح يا خراب عمل يا پاليسي ڪري سماج جو هر فرد متاثر ٿئي ٿو. جيئن هن وقت پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت جي جيڪا اڳواڻپ آهي ان جي حڪومتي پاليسين جي ڪري بيروزگاري وڌي آهي. گهڻو ڪري سڀ پريشان آهن. ان جي ڀيٽ ۾ جاپان، آمريڪا، ڏکڻ ڪوريا يا برطانيه ڪووڊ-19 جي عالمي وبا جي موجودگي باوجود هنن ملڪن جو عوام پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو. فرق اهو آهي ته ترقي ڪيل ملڪن جا اڳواڻ 24 ڪلاڪ پنهنجي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سوچين ٿا. انهن جو حڪومتي نظام صرف ۽ صرف عوام جي سک ۽ سلامتي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري ٿو. تاريخ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا جن ۾ اڳواڻن جو عمل تباهي يا ترقي جو سبب ٿيا آهن.

جرمني جي نفسياتي مريض هٽلر ٻي عالمگير جنگ ۾ سڄي يورپ، آمريڪا ۽ اوڀر ايشيا ۾ اٽڪل ست کان اٺ ڪروڙ ماڻهو مارائي ڇڏيا. شهر جا شهر تباهه ڪيا. ڪيترين يهودي عورتن، ٻارن، نوجوانن ۽ پوڙهن کي جيئري باهه ۾ وجهي ڇڏيو. ان جي ڀيٽ ۾ سٺو اڳواڻ سينگاپور جو صدر لوڪوان سينگاپور جي رياستي شهر کي 31 سالن ۾ جديد بڻائي ڇڏيو. ان جي في ڪس پيداوار 2019 ۾ 65000 ڊالر جي برابر آهي. ڪمال اتا ترڪ 15 سالن ۾ ترڪي کي جديد سماج ۾ تبديل ڪيو. ڊاڪٽر مها تير محمد ملائيشيا کي زرعي سماج مان ڪڍي صنعتي ملڪ ۾ تبديل ڪيو.  

  1. اڳواڻ ۽ اڳواڻپ جي وصف:

اڳواڻ هڪ خاص فرد هوندو آهي جنهن جي هٿ ۾ ڪنهن اداري، تنظيم يا ٽيم جي واڳ هوندي آهي. اڳواڻپ مختلف معنيٰ سان استعمال ڪئي ويندي آهي. جنهن جو مقصد اهو آهي اڳواڻ يا مجموعي اڳواڻن کي اداري هلائڻ جي صلاحيت هوندي آهي. هن مضمون ۾ اڳواڻ يا اڳواڻپ ساڳي مقصد لاءِ استعمال ٿيل آهي. مثال طور: پاڪستان حڪومت جو اڳواڻ عمران خان آهي يا پاڪستان جي حڪومتي اڳواڻپ نااهل آهي معنيٰ انهن ۾ صحيح حڪومت هلائڻ جي صلاحيت موجود نه آهي. 

  1. سٺو اڳواڻ:

سٺو اڳواڻ ئي انسانيت سان پيار ڪندو آهي. پنهنجي عهدي جو مان رکندو آهي. هر وقت جمهوريت جو احترام ڪري ٿو. هر لمحي ۾ پنهنجي ماڻهن لاءِ خوشي، سڪون ۽ خوشحالي لاءِ جستجو ڪري ٿو. هو تمام هوشيار ۽ ماهر ماڻهن جي ٽيم ٺاهي انهن کان صلاحون وٺي ٿو. سٺو اڳواڻ آئين، قانون ۽ انصاف تي عمل ڪري ٿو. هو پنهنجي ملڪ کي وڌيڪ ترقي ڏئي ٿو ۽ پنهنجي مخالفن سان آئين ۽ قانون جي دائري اندر پيش ايندو آهي. هو ڪڏهن به سياسي، نسلي يا مذهبي نفرت نه ڦهلائيندو آهي. سٺو اڳواڻ پنهنجي عمل، قول ۽ پاليسين ذريعي پنهنجي آدرشن سان سچو رهندو آهي. هو ڪڏهن به ناانصافي، قانون جي خلاف ورزي، رشوت، پنهنجا نوازي ۽ شهرت بازي(Populism)  ۾ يقين نه رکندو آهي.

سٺو اڳواڻ سدائين ٻاهرين ۽ اندروني حالتن جو گهرائي سان جائزو وٺي پنهنجي سماج جي سلامتي، خوشحالي ۽ امن واريون پاليسيون ٺاهيندو آهي. هو اقتدار ۾ هجي يا اقتدار کان ٻاهر هن جو ورتاءُ پنهنجي آدرشن سان ساڳو هوندو آهي. سٺو اڳواڻ پنهنجي سماج لاءِ هڪ رول ماڊل هوندو آهي. جيئن چيڪ جمهوريه جو اڳوڻو صدر ويڪلاءِ هيول ۽ ڏکڻ آفريڪا جو نوبل انعام يافته صدر نيلسن منڊيلا جا مثال اسان جي سامهون آهن.

  1. خراب اڳواڻ جون نشانيون:

خراب اڳواڻ هر جڳھ شوبازي(One-man Show)  ۽ شهرت بازي، (Populism) رشوت، پنهنجا نوازي ۽ پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي ناجائز فائدا ڏيڻ ان جي اوليت ۾ شامل آهن. هو مختلف طريقا استعمال ڪري اقتدار تي پهچي غير ذميواري ۽ غير قانوني پاليسيون اختيار ڪري ٿو. ان جي خراب پاليسين ڪري سماج يا ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. رشوت ۽ نااهلي عام ڪري ملڪ معاشي نظام کي ختم ڪري ٿو.

خراب اڳواڻ سماج دشمنن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو ۽ هر اداري ۾ اهڙا ماڻهو مقرر ڪري ٿو، جيڪي نااهل، ناڪاره ۽ راشي هجن ٿا. هو آئيني ادارن کي ذاتي ملڪيت سمجهي ٿو ۽ عوام جو پئسو ڄڻ ان کي ورهاست ۾ مليو هجي. خراب اڳواڻ سماج ۾ ناانصافي، خراب حڪمراني ۽ نااهليت جو راڄ قائم ڪري ٿو. هو پنهنجي غير آئيني عمل ذريعي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ ۽ پنهنجي سياسي مخالفن کي دٻاءُ ۾ رکي ٿو.

فلپائن جو مارڪوس، اٽلي جو مسوليني، جرمني جو هٽلر، ايران جو رضا شاهه پهلوي، پاڪستان جو جنرل ايوب، جنرل ضياءُ، ۽ جنرل مشرف جهڙن حڪمرانن غلط پاليسين ذريعي پنهنجي سماجن کي آخر ۾ تباهه ڪري ڇڏيو.

  1. اڳواڻپ جون بنيادي خصوصيتون:

سياست هجي، واپار هجي يا ٻيو ڪو شعبو هجي انهن جي اڳواڻن ۾ هيٺيون بنيادي خصوصيتون هونديون آهن.

* ڏور نظر رکڻ.

* ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ.

* پنهنجي شعبي ۾ اهم نتيجا حاصل ڪرڻ.

* اعليٰ سطح جي ماهرن جي ٽيم ٺاهڻ.

* پنهنجي شعبي ۾ تيزي سان تبديلي آڻڻ.

* شڪست يا ناڪامي کي صبر سان قبول ڪري ان مان سبق سکڻ.

* پنهنجي شعبي کي پائيدار اداري ۾ تبديل ڪرڻ.

* نوجوانن مان سٺا اڳواڻ پيدا ڪرڻ.

* پاڻ ۾ بردباري هجڻ.

* ڪاوڙ تي ضابطو هجڻ.

* ايمانداري ۽ انصاف ڪرڻ.

* 24 ڪلاڪن مان 48 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ.

* پنهنجي ڪردار ۽ مقصد سان سچو رهڻ.

هڪ تحقيق مطابق هڪ ڪامياب اڳواڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 72 خصوصيتون هجڻ لازمي آهن. ڇاڪاڻ ته اڳواڻ تي پوري شعبي، اداري يا ملڪ جو وزن هوندو آهي. تصور ڪيو ته ڪنهن لڙائي ۾ اڳواڻ جي بيوقوفي، بزدلي يا نااهلي ڪري لشڪر هار کائي، عمارتي ماهر جي ضد ڪري 50 ماڙ هوٽل جي عمارت ڪري پوي، واپاري اڳواڻ جي نااهلي جي ڪري ڪارخانو بند ٿي وڃي ۽ هزارين ملازم بيروزگار ٿي وڃن. اهڙن فردن کي اڳواڻپ نه ٿي ڏيئي سگهجي.

  1. سياستدان ۽ اڳواڻ ۾ فرق:

سياستدان ۽ اڳواڻ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. سياستدان لاءِ صرف سياسي اقتدار ئي هن جي منزل هوندي آهي، پر اڳواڻ پنهنجي سماج ۾ بهتر تبديلي، ان جي قومي مفادن جي حفاظت، عوام جي ڀلائي، ادارن جي ترقي ۽ ٻيا انيڪ ڪم ڪندو آهي ته جيئن سماج کي مضبوط بنيادن تي بيهاري ڇڏي. جاپان، جرمني، چين، روس، اٽلي، آمريڪا يا ڪئناڊا جا جيڪي اڳواڻ ٿي گذريا آهن انهن جي ڪري اهي ملڪ ترقي ڪري ويا آهن. سياستدان ماڻهو جي جذبات کي اڀاري اقتدار تي قبضو ڪندا آهن ۽ پنهنجو مفاد پورو ڪري سماج کي تباهه ڪري پاڻ قبرستان ۾ وڃي پناهه وٺندا آهن، پر سٺو اڳواڻ پنهنجي مقصد سان سچو رهي پنهنجي سماج کي 5، 10 سال يا 30 سالن ۾ هيٺان کان مٿي منزل تي پهچائيندا آهن. جاپان ۾ 1888 ۾ ميجي اڳواڻن جاپان کي وڏيرڪي نظام کان آزاد ڪري ان کي صنعتي ملڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ڪونراڊ ائڊنيئير ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ جرمني کي آسمان تي پهچايو. مائوزي تنگ چين ۾ انقلاب آندو.

  1. اڳواڻ ڪيئن ٿجي:

گهڻا ماڻهو چاهيندا آهن ته هو سياسي يا ٻئي شعبي ۾ اڳواڻپ جو ڪردار ادا ڪن، جن ۾ انهن کي نفسياتي، سماجي ۽ معاشي فائدو ملي سگهي ٿو، پر اها اڳواڻپ مفت ۾ نه ملندي. انگريزي ۾ پهاڪو آهي ته “منجهند جي ماني مفت ۾ ناهي ملندي آهي.” ان لاءِ وڏي جاکوڙ جي ضرورت آهي. دنيا جي سياسي اڳواڻن جو اڀياس ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته هو هيٺين اصولن تي عمل ڪندا آهن:

* هڪ يا هڪ کان وڌيڪ استاد (Mentor) ٺاهي انهن کان رهنمائي حاصل ڪن ٿا.

* تاريخ، اقتصاديات، نفسيات، مئنيجمينٽ ۽ ٻيا علمي ڪتاب پڙهندا آهن.

* هلندڙ حالتن تي گهرائي سان نظر رکندا آهن.

* سٺن صلاحڪارن جي ٽيم ٺاهيندا آهن.

* عام ماڻهن سان ملي انهن جي تڪليفن جو مشاهدو ڪندا آهن.

* سير ۽ سفر تمام گهڻو ڪندا آهن.

* پنهنجي ناڪامين تي سوچ ويچار ڪري انهن مان سبق سکندا آهن.

* پنهنجي سوچ ۾ هميشه ماڻهن جي عزت، انهن جي ڀلائي، سماج ۾ تبديلي ۽ پنهنجي ذميواري کي پورو ڪندا آهن.

* پنهنجن مقصدن ۾ ناڪاري سوچ نه رکندا آهن. 

* پنهنجي اصول ۽ آدرشن لاءِ هر وقت قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن.

* پنهنجي چاهيندڙن جي عزت ڪندا آهن.

* پنهنجي وفادار دوستن جو قدر ۽ انهن کان تجويزون وٺندا آهن.

* مختلف شعبن جي ماهرن، سماجي رتبو رکندڙ ۽ ميڊيا سان واسطو رکندڙ جي صلاحن تي غور ڪندا آهن.

* پنهنجي ڪردار جي حفاظت ڪندا آهن.

  1. اڳواڻپ جو تخليقي تصور:

اڄ جي دنيا تيزي سان تبديل ٿئي ٿي. دهشتگردي، موسمي تبديلي، واپاري چٽا ڀيٽي، گهرو جهڳڙا، پاڙيسري ملڪن سان تعلقات، معاشي ترقي، بک، بيروزگاري، عورتن ۽ نوجوانن جا مسئلا ۽ ٻيا ڪيترائي انيڪ مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ نئين سوچ جي ضرورت آهي. اتي هڪ صحيح اڳواڻ پنهنجي وڏي نظر جي ذريعي پنهنجي سماج کي ڪاميابي سان اڳتي وڌائي سگهي ٿو.

ڪمپيوٽر جي شعبي ۾ مشهور شخص بل گيٽس پنهنجي تخليقي تصور سان مائڪرو سافٽ ويئر ايجاد ڪري هڪ طرف ارب پتي بڻجي ويو ۽ ٻئي طرف دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. اهڙي طرح سوشل ميڊيا، واپار، صحت وغيره جي شعبن ۾ ڪيترا فرد پنهنجي تخليقي تصور سان دنيا ۾ انقلابي تبديليون آڻي ڇڏيون. آئن انسٽائين چيو آهي ته، “تصور ڄاڻ کان وڌيڪ طاقتور آهي.”  

اڳواڻپ ۽ تخليقي تصور جو تمام گهاٽو رشتو آهي. تخليقي تصور سان سماج ۾ تبديلي(Transformation)  ايندي آهي. تخليقي تصور کانسواءِ ڪوبه فرد اڳواڻ نٿو ٿي سگهي. تخليقي تصور ئي هڪ عام ماڻهو ۽ اڳواڻ ۾ فرق ٻڌائيندو آهي. جيئن چنڊ تي ماڻهو موڪلڻ، ائٽم بم ٺاهڻ، بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ٻيا ڪيترائي مثال آهن جيڪي ثابت ڪن ٿا ته ڪو به شعبو هجي، سياست هجي، ٽيڪنالاجي هجي، صحت هجي، واپار هجي يا ڪوبه ٻيو ادارو تخليقي تصور ئي اڳواڻ پيدا ڪندو آهي. اهو تخليقي تصور اڳواڻن ۾ ئي ڇو پيدا ٿيندو آهي. ان جا ڪيترائي سبب آهن. انهن ۾ هڪ مکيه سبب هي آهي ته سڀ اڳواڻ تبديلي پسند هوندا آهن. 

  1. اڳواڻپ مان عوام جون اميدون:

اڄ جي دور ۾ ماڻهو چاهين ٿا ته اڳواڻ امن ۽ امان پيدا ڪري ته جيئن اسان بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجي زندگي گذاري سگهون. عوام چاهي ٿو ته سماج ۾ بهتر معاشي ترقي ٿئي ته جيئن اسان آمدني ۽ روزگار حاصل ڪري سگهون. اسان لاءِ صحت جون تمام سهولتون موجود هجن ۽ اسان جا ٻار بهترين تعليم حاصل ڪري سگهن. اڳواڻپ جي پاليسين ذريعي ملڪ ۾ سياحت، راندين ۽ تفريح جا موقعا هجن. اسان جا ڳوٺ ۽ شهر سهڻا ۽ صاف هجن. ٽراسپورٽ جو سٺو نظام هجي. اسان جي سماج ۾ سستو انصاف موجود هجي. ملڪ جا سڀ ادارا قانون تي عمل ڪري اسان جي خدمت ڪن. اسان کي صاف پاڻي مهيا ڪري ڏنو وڃي. اسان جي زندگي خوشين ۽ بنيادي سهولتن سان ڀرپور هجي. اسان جي سياسي ۽ انساني حقن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ اسان کي قدرتي آفتن يعني برسات، ٻوڏون، زلزلا ۽ وبائن کان محفوظ ڪيو وڃي. 

هنن عوامي اميدن جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو ته پنهنجي شهرين لاءِ امن، خوشي ۽ سهولتن واري زندگي ڪيتري نه ڏکي ذميواري تخليقي اڳواڻپ تي وڌي وئي آهي. 

  1. سنڌ ۾ اڳواڻپ:

سنڌ جا جيڪي سنگين مسئلا آهن ان لاءِ هر شعبي ۾ تخليقي اڳواڻپ جي ضرورت آهي اندازن 50 سيڪڙو ٻار اسڪول ۾ داخلا کان محروم آهن 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار پنهنجي عمر جي لحاظ کان سندن قد نٿو وڌي. غذائيت جي کوٽ ڪري انهن جي ذهني صلاحيت پوئتي رهجي ٿي وڃي. ڪراچي کي ڇڏي باقي سنڌ جي في ڪس پيداوار 400 ڊالرن تائين گهٽجي وئي آهي. بيروزگاري 30 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي. اتر سنڌ ۾ ڪارو ڪاري ۽ اغوا جي وارداتن تي ڪوبه ضابطو نه آهي. سنڌ ۾ هنرمند ماڻهن جي شديد کوٽ آهي ۽ شهرن جي حالت ڏسڻ جهڙي نه آهي. غربت 70 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي ۽ ٻيون انيڪ مصيبتون سنڌ ۾ موجود آهن.

آبپاشي نظام تباهي جي ور چڙهي ويو آهي. سنڌ جي زمين سمنڊ تيزي سان کائي رهيو آهي. بجلي ۽ گئس مهانگا ٿي ويا آهن. 

ان دل ڏکوئيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ جديديت جو انقلاب آڻڻ لاءِ صرف تخليقي اڳواڻپ ئي ڪم ڪري سگهي ٿي. هن وقت دنيا ۾ مڃيل حقيقت آهي ته سياسي، سماجي، معاشي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تيزي سان تبديلي اچي رهي آهي انهن تي نظر رکي پاليسيون ٺاهڻ ۽ عمل ڪرڻ هڪ وڏي چئلينج جو ڪم آهي. ان کي منهن ڏيڻ صرف ۽ صرف تخليقي اڳواڻپ ئي ڪري سگهي ٿي. وڏيرن، مفاد پرست ۽ شوباز سياستدانن جي دماغ کان اهو ڪم مٿي آهي. ترقي ڪيل ملڪن ۾ خاص ادارا ٺاهيل آهن جيڪي پنهنجي تحقيق جي بنياد تي پنهنجي اڳواڻپ کي ڄاڻ ڏيندا آهن ۽ اهي پنهنجي پاليسي ۾ اها ڄاڻ استعمال ڪندا آهن. غريب سماجن خاص ڪري سنڌي سماج ۾ اهڙو ڪو به ادارو نه آهي جيڪي دنيا جي ملڪن تي نظر رکي تحقيق ڪري. سنڌ کي اهڙي تحقيق جي سخت ضرورت آهي.  سنڌي سماج هن وقت ان ڏاڪي تي بيٺو آهي جتي کيس تخليقي اڳواڻپ جي ضرورت آهي ان اڳواڻپ پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جا محقق، معاشي ماهر، وڪيل، تعليمدان، حڪومت ڪاري جا ماهر ئي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.