خاص

ھر حال ۾ ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آھي ته پاڪستان ۽ ڀارت تعلق وچ ۾ ڪشمير ھڪ اهم مسئلو آھي ۽ اسان ڀارت جي 5 آگسٽ وارن قدمن کي رد ڪريون ٿا. جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ يومِ دفاع ۽ شهيدن جي حوالي سان مرڪزي تقريب ٿي گذري، جنھن ۾ صدر عارف علوي خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. جڏھن ته تقريب ۾ ٽنھي سروسن جا چيف ۽ ڪابينا جا ميمبر شريڪ ٿيا. صدر مملڪت آرمي چيف سان گڏجي شهيدن جي يادگار تي گل چاڙھيا ۽ فاتح خواني ڪئي. ان کان علاوه قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شھباز شريف ۽ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي به تقريب ۾ موجود ھئا، تقريب ۾ شهيدن جا وارث، غازي، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ حاضر سروس فوجي آفيسر به شريڪ ٿيا. تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته ھر آزمائش ۾ پاڪستاني فوج ثابت قدم رهي آهي ۽ ھر حال ۾ ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، انھيءَ لاءِ ھر قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آھيون. ھن چيو ته اڄ جي ڏينھن شھيدن ۽ انھن جي وارثن جي عزم ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ انھن پيارن جيڪا ملڪ ۽ قوم لاءِ قرباني ڏني پوري قوم سندن مقروض آھي. آرمي چيف جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن ڪوبه دشمن اسان کي آزمائڻ چاھي ٿو ته ھر لمحي ۽ ھر محاذ تي اسان کي سامھون ڏسندو، اسان ھر دشمن جو سختي سان مقابلو ڪيو ۽ سڀني اندرين ۽ ٻاھرين سازشن کي ناڪام بڻايو. جنرل قمر جاويد باجوه وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ۽ قوم جي رشتن دشمن جي چالن کي ناڪام بڻايو، عوام جي تعاون کان بغير ڪابه فوج ريت جي ديوار ثابت ٿيندي آھي. آرمي چيف جو چوڻ ھو ته اسان سڀني جي لاءِ فڪر جي ڳالھ اھا آھي ته ڪجھ ماڻھو دشمنن سان ملي انھن جي ھٿان استعمال ٿي رھيا آھن، انھيءَ جو مطلب پاڪستان جي پاڙن کي کوکلو ڪرڻ آھي، اھڙن منفي ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.