عالمي بينڪ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي، اسد عمر

خزاني واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عالمي بينڪ جي صدر پاڪستان سان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي. واشنگٽن ۾ اسد عمر جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي سالانه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جتي اسد عمر آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي اڳواڻن کانسواءِ ٻين اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون. پاڪستان جي وفد عالمي بينڪ جي صدر سان هڪ خاص ملاقاقت پڻ ڪئي. وزير خزانه اسد عمر جو چوڻ آهي ته عالمي بينڪ جي صدر پاڪستان ۾ اصلاحاتي عمل کي ساراهيندي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف کان نئين پروگرام جي لاءِ هلندڙ مذاڪرات تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. حڪومت ڪاروباري ماڻهن لاءِ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي فوڪس ڪري رهي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments