خاصنئون

سنڌ حڪومت کي ڪراچي پئڪيج مان هڪ رپيو به نه ملندو، گورنر

گورنر هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته وفاقي حڪومت پاڻ ترقياتي ڪم مڪمل ڪندي. سنڌ حڪومت پهريان اين ايف سي جي مليل رقم ته خرچ ڪري پوءِ ٻين فنڊن جي ڳالهه ڪري. وزير اعظم کي ڪنهن به صوبي ۾ ڪم ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. وزيراعظم عمران خان هميشه پنهنجي بيانن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي نظرين جي هڪجهڙائي جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته 18 ترميم وزيراعظم کي ڪنهن به شهر ۾ ڪم ڪرڻ کان نٿي روڪي. ترقياتي ڪم ڪرڻ سان ته عوام جي زندگي ۾ بهتري ايندي آهي. اسان وفاق پاران آيل سنڌ جي پئڪيج مان هڪ رپيو به سنڌ حڪومت کي نه ڏينداسين. اهي پئسا وفاقي حڪومت پاڻ ئي خرچ ڪندي. وزيراعظم عمران خان جيئن چاهي ملڪ ۾ ڪم ڪري. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي جڏهن حڪومت ملي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو هو. پهريون آءِ ايم ايف پنهنجي شرطن تي قرض ڏيندي هئي هاڻي اسان آءِ ايم ايف کان پنهنجن شرطن تي قرض وٺنداسين. حيدرآباد يونيورسٽي مان جنهن کي به تڪليف ٿي رهي آهي اهو عدالت وڃي. ڪراچي ترقياتي پئڪيج جا 6 منصوبا ايندڙ 6 مهينن ۾ شروع ٿيندا.