سعودي عرب جو نالو دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ ملڪن ۾ شامل
يورپي يونين پاران سعودي عرب جو نالو دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن قسم جو اعلان سعودي صحافي جمال قاشقجي جي قتل جي ڪري ڪيو ويو آهي. يورپي يونين اها فهرست فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) طرفان مقرر ڪيل معيار مطابق تيار ڪندي آهي ۽ موجوده فهرست کي ايندڙ هفتي ئي نئين سر تيار ڪيو ويو آهي. ان فهرست ۾ ايران، عراق، شام، افغانستان ۽ اتر ڪوريا کانسواءِ 16 ٻيا ملڪ شامل آهن. سعودي عرب جو نالو هن فهرست ۾ قانون وڌيڪ سخت ٿيڻ بعد شامل ڪيو ويو آهي ان جو سبب استنبول ۾ موجود سعودي ڪائونسل خاني ۾ شاهي خاندان جي خلاف ڳالهائيندڙ صحافي جي قتل ٿيڻ ٻڌايو پيو وڃي. ٻئي طرف سعودي عرب ان فهرست ۾ نالو شامل ٿيڻ بعد ڪنهن به قسم جي تبصري کان پاسو ڪيو آهي.