بريگزٽ جي ڊيل نه ٿي ته مارشل لا جو آپشن موجود آهي: برطانوي وزير
برطانوي صحت واري وزير چيو آهي ته بريگزٽ ڊيل نه ٿي ته حڪومت وٽ مارشل لا جو آپشن به موجود آهي، پر اميد آهي ته ان جي ضرورت نه پوندي. برطانوي ميڊيا مطابق ذريعن جو چوڻ آهي ته بريگزٽ ڊيل نه ٿيڻ سبب سول نافرماني ڪئي وئي ته شر پسندن تي قابو آڻن لاءِ مارشل لا يا ڪرفيو ۽ فوج کي استعمال ڪرڻ تي سوچي سگهجي ٿو. برطانوي وزير صحت ان باري ۾ چيو آهي ته حڪومت وٽ آپشن ته موجود آهي پر اهو استعمال نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته برطانيه يورپي يونين کان 29 مارچ تي الڳ ٿي رهيو آهي جڏهن ته ان عليحدگي جو ڪوبه معاهدو نه ٿي سگهيو آهي.

