سپريم ڪورٽ، پنجاب ۽ آرمي جي ڊاڪٽرن کي شرجيل ميمڻ جي بيماري چڪاسڻ جو چئي ڇڏيو

شرجيل انعام ميمڻ جيڪو 5.76 ارب رپين جي ڪرپشن الزام هيٺ ڪيس کي منهن ڏيئي رهيو آهي. ڇنڇر ڏينهن سپريم ڪورٽ پاران هڪ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ پنجاب ۽ آرمي جا نيورو سرجنز شامل هوندا جيڪي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صحت بابت رپورٽ ڏيندا. شرجيل انعام ميمڻ جيڪو 5.76 ارب رپين جي ڪرپشن جي الزام کي منهن ڏيئي رهيو آهي، سندس جيل مان اسپتال ڏانهن منتقلي تي سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پاران سوئو موٽو ايڪشن کنيو ويو هو. هن نئين بورڊ جا ڊاڪٽر جنهن ۾ آغا خان يونيورسٽي جو اطهر انعام ۽ آرمي جو هڪ ميڊيڪل اسپيشلسٽ گڏجي اها چڪاس ڪندا ته شرجيل انعام ميمڻ کي جيل ۾ رکيو وڃي يا اسپتال ۾ رهڻ ڏجي. هن قسم جي رپورٽ ايپڪس ڪورٽ کي 15 ڏينهن ۾ پيش ڪئي ويندي. واضح رهي ته شرجيل انعام ميمڻ جي معاملي تي اسپتال جي انچارج سان مخاطب ٿيندي جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان کي خبر آهي ته شرجيل ميمڻ کي رهائش لاءِ ٻه ڪمرا ڏنا ويا هئا ۽ هڪ ڪار پارڪنگ به هن کي الاٽ ڪيو ويو هو، جنهن جي جواب ۾ ڊاڪٽر سيمي جمالي چيو ته ڪار پارڪنگ الاٽ ڪرڻ واري خبر ۾ ڪابه صداقت ناهي، باقي هن اسپتال ۾ 8 هفتا گذاريا ۽ هن کي ٻه ڪمرا ڏنا ويا.

Pakistan Railway Deficit 20 Billion

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments