پاڪستان ريلوي طرفان 20 ارب 60 ڪروڙن جي نقصان جو اعتراف
پاڪستان ريلوي پاران چيو ويو آهي ته جولاءِ 2017 کان جنوري 2018 تائين اداري کي 20 ارب 60 ڪروڙ رپين جو خسارو ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم اين اي شيخ روحيل اصغر طرفان لکت ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ ريلوي جي اهلڪارن ٻڌايو ته اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته ريلوي جو ساليانو بجيٽ 90 ارب رپيا آهي جنهن مان 62 سيڪڙو 56 ارب پگهارن ۽ پينشن تي خرچ ٿي ويندو آهي جنهن کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته باقي 34 ارب 20 ڪروڙ رپين مان 13 ارب 40 ڪروڙ رپين جي وڏي رقم سال 18-2017 لاءِ فيول لاءِ رکي وئي آهي جيڪو پڻ قابو کان ٻاهر رهيو. ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ ريلوي جي پارلياماني سيڪريٽري راجا محمد جاويد چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبي هيٺ حڪومت ريلوي تي 8 ارب 20 ڪروڙ ڊالر سيڙپڪاري جو منصوبو تيار ڪيو آهي.

