جڏهن آئون سائوٿ ڪوريا ۾ نوڪري ڪندو هئس، سيئول اسٽيشن کان زير زمين ريل يعني سب وي ذريعي فاجو اسٽيشن وڃڻ لاءِ ريل جو انتظار ڪري رهيو هئس ته هڪ بزرگ ڪورين هايونگ يوگسن مونکي “پاڪستان سارام” چئي سڏ ڪيو، مون کي ان مهل تمام گهڻي خوشي ٿي ته هڪ بزرگ ڪورين، مون سان سيئول اسٽيشن تي ٽوٽي ڦوٽي اردو ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ان جي دل ۾ ڪراچي شهر لاءِ ايتري تهِ اڪير هئي جو مون محسوس پئي ڪيو ته ڪورين بزرگ کي منهنجي روپ ۾ ڄڻ ڪو خزانو ملي ويو هجي. هن مون کان پڇيو، ڇا توهان ڪوريا گهمڻ آيا آيو، مون کيس وراڻيو نه آجا شي يعني بزرگ آئون ڪوريا ۾ نوڪري ڪرڻ آيو آهيان، چورانوي سالن جي بزرگ هايونگ يوگسن منهنجي نوڪري ڪرڻ واري ڳالھ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، وڏو ساھ کڻي چيائين توهان جو ملڪ پاڪستان دنيا جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ قدرتي وسيلن سان تمام گهڻو مالامال آهي. ڀلا ان ملڪ جي باشندن کي ٻين ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، آئون ڪورين بزرگ کي حيراني سان ڏسندو رهيس, آءُ کيس ڪراچي جي متعلق موجوده حقيقت ٻڌائڻ به نه پئي چاهيم ڇو ته مونکي تمام گهڻي شرمساري محسوس ٿي رهي هئي. ڪورين بزرگ کي ڇا ٻڌايان ته موجوده ڪراچي شهر جي فضائن ۾ گدلاڻ ڪراچي جي روڊن رستن تي بيگناھ انسانن جي خون جي نشانن ڪراچي شهر کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي. ڪورين بزرگ مسڪرائيندي وراڻيو ڪراچي شهر کي مون پنهنجين اکين سان چمڪندي ڏٺو هو، ڪراچي شهر جي روڊ، رستن ۽ پارڪن ۾ بنا خوف خطري اسين واڪ ڪندا هئاسين، ڪراچي جي پرسڪون هوائن ۾ منھنجي زندگي جا ٻارنهن سال ڪي پي ٽي شپنگ ڪارپوريشن ۾ هڪ فيول ٽيڪنيشن طور ڊيوٽي ڪندي گذريا آهن. مونکي ٻڌايو ته ايمپريس مارڪيٽ اڃان به ساڳي حال ۾ موجود آهي، اسين سبزيون ۽ گوشت وٺڻ هر هفتي ايمپريس مارڪيٽ ويندا هئاسين، صدر جي ڪشادا بازارن ۽ کليل روڊ رستن جو ڪهڙو حال آهي. مون پنهنجو چهرو پشيماني مان هيٺ ڪري ٿوري دير تائين سوچيم ته آئون هن بزرگ ڪورين کي ڇا جواب ڏيان، هي هڪ چورانوي سالن جي هايونگ يوگسن جا مون کان 1955 کان 1967 واري ڪراچي متعلق لڳاتار سوال هئا. بحرحال هي هڪ ڪورين بزرگ جو ڪراچي سان پيار هو جيڪو آئون مختصر بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ڇا ڪراچي واقعي روشين جو شهر هو، بيروزگارن لاءِ روٽي روزي جو ذريعو هو، غير ملڪين سميت ڪراچي جي رهاڪن لاءِ امن ۽ سڪون جو مرڪز هو، واپارين لاءِ اڻميو خزانو هيو، ڪراچي کي ڪاروباري عالمي منڊي طور دنيا جي مڙني ملڪن ۾ سڃاتو ويندو هو، هتان جي رهاڪن ۾ مزو، محبت، ڀائيچاري ۽ رواداري جو تمام گهڻو ڏانءَ هوندو هيو، ڪراچي جا روڊ، رستا ڪشادا، کليل ۽ هوا دار گهرن جو سلسلو دل کي لڀائيندو هو، ڪراچي جا رهاڪو سياسي چالبازين ۽ چالاڪين کان وانجهيل يعني اڻواقف هوندا هئا. اهڙين خوبين واري ڪراچي شهر کي ڀلا ڪنهن جي نظر لڳي وئي جو ايڪيهين صدي جي دور ۾ به ڪراچي شهر اونڌاھين ۽ گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي، پراڻي وقتن جي ڳالھين مان ڪا به هڪ نشاني موجوده ڪراچي شهر ۾ نظر نٿي اچي. ڪراچي جي سونهن ۽ بربادي جا ذميوار سياستدانن سان گڏوگڏ پاڪستاني ادارا به اوترائي قصوروار آهن، جن پنهنجي عدم دلچسپي جي ڪارڻ ڪراچي کي ترقي ڏيارڻ بجاءِ ڦرلٽ ڪري هن ماضي جي روشنين واري شهر کي انڌيرن ۾ هميشه لاءِ گم ڪري ڇڏيو آهي، ڇا ڪراچي شهر جي تباهي ۽ بربادي ايم ڪيو ايم جي نسلي فسادن ۽ غنڊا گردي جي ڪري ٿي آهي يا ايم ڪيو ايم جي ڀتا خوري، ٻوري بند لاشن شهر کي نفرتن جي ڄار ۾ هميشه لاءِ جڪڙيو ڇڏيو آهي. يا وري ائين کڻي چئجي ته ڪراچي شهر جي بربادي جو ڪارڻ پاڪستان پيپلز پارٽي زرداري دور جي ناقص پاليسين جي ڪري ٿيو آهي، يا مذهبي گروپن ڪراچي جي سڪون تي ڌاڙو هڻي شهرين کي خوف وحراس جي ذهني ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي شهر قدرتي وسيلن سان مالامال صوبي سنڌ جي گانڌي جو قلعو ۽ سنڌين جي سڃاڻپ آهي، ڪجھ امن دشمن قوتون اردو ميڊيا ذريعي سنڌين تي نفسياتي ڌٻاءُ وجهڻَ لاءِ پنهنجي ناپاڪ زبان سان ڪراچي اور سنڌ، ڪراچي ۽ اندرون سنڌ جهڙا لفظ استعمال ڪندا رهيا آهن ته جيئن سنڌين جي غيرت جو تخمينو لڳائي سگهجي. ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي. اهي شاطر پنهنجن ڪنن مان ڪپھ ڪڍي ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ته سنڌ جا والي وارث سنڌي جوڌا، جوان، علمي ادبي باذوق، ادبي ۽ باشعور سنڌي ئي آهن. مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون هي سنڌ جي بهادر جرنيل هوش محمد شيدي جو نعرو انگريزن سان ڌٻيءَ واري جنگ دوران ايستائين گونجندو رهيو، جيستائين سنڌ جي لڄپال هوشو شيدي شهادت نه ماڻي، هي ڌرتيءَ بزرگن، صوفين، عالمن، شاعرن، اديبن ۽ غيرتمند سنڌين جي ماءَ آهي. شاھ عبداللطيف لطيف ڀٽائي جي هنن سٽن جيان.