آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، اتحادي فوجون داخلا لاءِ تيار
افغانستان ۾ امن جي راهه واضح نظر اچي رهي آهي، هن حوالي سان قطر جي شهر دوحا ۾ افغان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ 6 ڏينهن تائين ٿيندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن. پرڏيهي خابرو ادارن مطابق ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ شرطن تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن مطابق پرڏيهي فوجون 18 مهينن اندر افغانستان مان نڪري وينديون. جڏهن ته افغان طالبان آمريڪا جا مطالبا مڃيندي داعش کي افغانستان جي زمين آمريڪا خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جو يقين ڏياريو آهي. افغان طالبان چيو آهي ته هاڻي افغان حڪومت سان به ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جنهن بابت اڳتي هلي ٻڌايو ويندو.

