پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

ڪراچي جي هڪ استاد جو نالو ڪيمبرج يونيورسٽي فهرست ۾ شامل

برطانيه جي ڪيمبرج يونيورسٽي ڪراچي جي پاڻ ارپيندڙ هڪ اسڪول ٽيچر احمد سايا جو نالو پنهنجي هڪ انعامي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي. ان فهرست ۾ دنيا جي بهترين استادن جا نالا ڏنا ويندا آهن. ان فهرست ۾ پاڪستان کان علاوه ڀارت، سريلنڪا، آسٽريليا، فلپائن ۽ ملائيشيا جي استادن جا نالا به ڏنا ويا آهن. بهترين ٽيچر جي نالي جو اعلان آچر ڏينهن آن لائين ووٽنگ ذريعي ڪيو ويندو ۽ ايوارڊ کٽيندڙ ٽيچر کي ڪيمبرج يونيورسٽي جو دورو پڻ ڪرايو ويندو.