جمال قاشقجي قتل جي تحقيقات لاءِ ٽي رڪني يو اين ڪميشن قائم
سعودي صحافي جمال قاشقجي جي قتل جي تحقيقات لاءِ گڏيل قومن جي اداري ٽي رڪني ڪميشن قائم ڪري ڇڏي. خبرن موجب ايگنيز ڪيلا مارڊ اهڙن ڪيسن جي لاءِ خصوصي ماهر طور سڃاتي وڃي ٿي. ايگنيز ڪيلا مارڊ، قاشقجي قتل واري ڪيس جي لاءِ ٺهندڙ ڪميشن جي قيادت ڪندي. ڪميشن ۾ ان کان علاوه برطانوي بيئريسٽر هيلينا ڪينيڊي ۽ پيٿالوجسٽ دوارتي نونو وائرا به شامل آهن. خبرن موجب ڪميشن 28 جنوري کان 3 فيبروي تائين استنبول جو دورو ڪندي. جنهن بعد ڪميشن پنهنجي رپورٽ 19 فيبروري تي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن ۾ پيش ڪندي. واضح رهي ته سعودي صحافي جمال قاشقجي کي گذريل سال آڪٽوبر ۾ استنبول ۾ سعودي ڪائونسل خاني ۾ قتل ڪيو ويو هو.