نئون

سنڌ ٽيڪسٽائل سٽي کي منتقل ٿيڻ نه ڏيندو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران چيو ويو آهي ته سنڌ صوبو پورٽ قاسم ۾ پاڪستان ٽيڪسٽائل سٽي کي صوبي کان منتقل ٿيڻ نه ڏيندو. هن چيو ته وفاق پنهنجي ورتل هڪ ارب رپين جي قرض جي ادائگي لاءِ  ٽيڪسٽائل سٽي کي منتقل ڪري، ان 1250 ايڪڙ زمين کي وڪڻڻ چاهي ٿو. هن اهي ڳالهيون هڪ ميٽنگ دوران نيشنل اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي سان ڪيون. ان ڪاميٽي پاران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ان ڪاميٽي PTC پاڪستان ٽيڪسٽائل سٽي جي نئين جوڙجڪ جي سفارش ڪئي آهي. جنهن جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هڪ سازش تحت پورٽ قاسم تباهه ڪيو پيو وڃي ته جيئن ان کي صوبي کان ٻاهر منتقل ڪيو وڃي پر اسان ان جي منتقلي ٿيڻ نه ڏينداسين. اهو عمل سنڌ جي فائدي نه آهي ۽ اهو ته صوبي جي ماڻهن لاءِ 80 هزار نوڪريون پيدا ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت هن اداري کي ختم ڪري قرض ادا ڪرڻ جو هڪ غلط فيصلو ڪيو آهي. وفاق اهڙي زمين ڪيئن ٿو وڪڻي سگهي، جيڪا ان جي نه پر سنڌ جي آهي. هن چيو ته اسان ٽيڪسٽائل سٽي کي بهتر بنائڻ لاءِ تيار آهيون ان خاطر 16 سيڪڙو قرض ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون باقي قرض وفاقي حڪومت کي ادا ڪرڻو آهي اهو ان کي ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته PTC جو پروجيڪٽ 2004 ۾ شروع ٿيو پر ان جو اصل ڪم 2007 ۾ شروع ڪيو ويو هو. جنهن کي 1.1 ارب جي رقم سان شروع ڪيو ويو هو جنهن لاءِ 1250 ايڪڙن جي زمين سنڌ حڪومت ڏني هئي. جنهن کان پوءِ ڪمپني 458 ملين رپيا خرچ ڪري زمين جي ليولنگ ڪرائي. جنهن کان علاوه 471 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا جنهن سان 3.2 ڪلو ميٽر جي پائپ لائين وڇائي وئي، جنهن کي اڃان 1.5 ارب رپيا گهرجن ته جيئن ان جو ڪم مڪمل ڪرائي سگهجي.