چين پاران بلوچ ويڙهاڪن سان ڳالهين جي ترديد

چين پاران اقتصادي راهداري جي منصوبن جي سيڪيورٽي لاءِ بلوچ ويڙهاڪن سان  ڳالهين جي ترديد ڪندي چيو آهي ته چين سي پيڪ جي منصوبن ۽ چين جي شهرين جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي کنيل قدمن کان مطمئن آهي.

چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گينگ شوانگ پاران بيجنگ ۾ پريس ڪانفرنس دوران ان حوالي سان ڪجهه خبرن بابت سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته هن کي ان باري ۾ ڪا به خبر ڪانه آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان سي پيڪ منصوبي لاءِ ملڪ جي بنيادي ڍانچي ۽ ان جي منصوبن جي سيڪيورٽي ۽ چيني شهرين جي تحفظ لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن اسان انهن مان مطمئن آهيون.

هن چيو ته چين جي شهرين جي تحفظ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ  ۾ مشاورت  جاري آهي. چين کي اميد آهي ته پاڪستان  هن مقصد لاءِ ڪو فول پروف پلان واضح ڪري. واضح رهي ته هن کان پهريان بيجنگ سيڪيورٽي ايسوسي ايشن جي عيوضي چيانگ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وڌندڙ تعاون لاءِ سيڪيورٽي نظام طرف وڌيڪ توجهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو هو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments