ڪي پي ڪي حڪومت پاران حقانيه مدرسي کي 27 ڪروڙ رپين کان مٿي ڏيڻ جو اعلان

ڪي پي ڪي حڪومت پاران مولانا سميع الحق جي مدرسي کي رقم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سمري وڏي وزير پرويز خٽڪ ڏانهن اماڻي وئي آهي.

واضح رهي ته سال 17-2016 جي صوبائي بجيٽ ۾ هن مدرسي کي 30 ڪروڙ ڏيڻ لاءِ رقم رکي وئي هئي ۽ هاڻي 27 ڪروڙ 70 لک رپيا ڏيڻ کانپوءِ اها ڪل رقم 57 ڪروڙ 70 لک ٿي ويندي. پهرين دفعي ڏنل رقم کانپوءِ ان تي ٿيل تنقيد کانپوءِ تحريڪ انصاف ان قدم کي مدرسي کي قومي وهڪري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڄاڻائي. خبرن موجب اڳ ۾ ڏنل 30 ڪروڙن مان هن وقت به مدرسي جو تعميراتي ڪم جاري آهي. جنهن کانپوءِ هاڻي 27 ڪروڙن جي سمري وڏي وزير کي اماڻي وئي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments