فرانسيسي خبر رسائيندڙ اداري اي ايف پي جي رپورٽ مطابق طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته هڪ طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ ڪُنڙ صوبي ۾ تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو آهي، جنهن ۾ 8 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 2500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته ننگرهار ۾ 12 ماڻهو فوت ۽ 255 زخمي ٿيا آهن.
زلزلي جا جهٽڪا ڪابل کان وٺي پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد تائين محسوس ڪيا ويا. ڪنڙ صوبي ۾ سوين گهر ڊهي پيا، طالبان حڪومت ۽ اقوام متحده متاثره علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪي جيولاجيڪل سروي مطابق زلزلي جو مرڪز ننگرهار صوبي جي شهر جلال آباد کان 27 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي هو ۽ ان جي گهرائي صرف 8 ڪلو ميٽر هئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گهٽ اونهائي واري زلزلي جو نقصان وڌيڪ ٿيندو آهي. سڄي رات پنج آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا ويا جن ۾ 5.2 ريڪٽر اسڪيل شدت جا جهٽڪا شامل هئا. اتان جي مقامي ماڻهن هن زلزلي کي ملڪ ۾ اچڻ واري سڀ کان وڌيڪ طاقتور زلزلن مان هڪ قرار ڏنو آهي. افغستان ۾ زلزلا معمول جي ڳالهه آهن.
خاص طور تي هندوڪش جابلو سلسلي ۾ جتي يوريشين ۽ انڊين ٽيڪٽونڪ پليٽون پاڻ ۾ ملن ٿيون. جون 2022ع ۾ به اوڀر سرحدي صوبي پڪتيڪا ۾ 5.9 شدت جو زلزلو آيو، جنهن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا ۽ هزارين بي گهر ٿي ويا. افغانستان جيڪو اڳ ئي مسلسل جنگين، بيروني مداخلتن، سياسي بحرانن ۽ سماجي ناانصافين جي ور چڙهيل آهي هاڻ هڪ ٻئي المناڪ باب مان گذري رهيو آهي.
جڏهن ماڻهو پنهنجن اجهن ۾ 31 آگسٽ 2025ع جي رات آرامي هئا تڏهن ڪُنڙ ۽ ننگرهار صوبا زلزلي جي جهٽڪن سان لڏي ويا. زلزلي جي شدت 6.0 ريڪٽر اسڪيل رڪارڊ ڪئي وئي. اهو زلزلو صرف تباهيءَ جو سبب ناهي بڻيو، پر انسانيت، رياست ۽ عالمي ضمير لاءِ به هڪ امتحان بڻجي ويو آهي. اهي علائقا جتي زندگي اڳ ئي صدمن جو داستان بڻيل هئي هاڻ هڪ نئين الميي سان منهن ڏئي رهيا آهن. ماڻهن کي ملبي هيٺان ڪڍڻ لاءِ افغانستان وٽ نه وسيلا آهن، نه مشينري، زخمين لاءِ اسپتالون به پوريون سوريون آهن.
اسان جي خطي ۾ خاص طور تي ڀارت، افغانستان، پاڪستان، بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ اهو ئي رجحان رهيو آهي ته آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ اسان وٽ ڪابه تياري ٿيل نه هوندي آهي. ان ڪري نقصان تمام گهڻو ٿيندو آهي ۽ اهو عام ماڻهن جو ئي ٿيندو آهي جن کي وري وسندي سال لڳي ويندا آهن. جن علائقن ۾ گهڻيون ٻوڏون اچن ٿيون يا زلزلا اچن ٿا انهن کي پنهنجن قومي پاليسين ۾ انهن جي تياريءَ جي لاءِ قانون ٺاهڻ گهرجن، افغانستان هڪ اهڙي خطي ۾ آهي جتي زلزلا عام طور تي ايندا رهن ٿا. افغانستان جي حڪومت کي گهرجي ته ان جي لاءِ هو اڳ ۾ ئي تياري ڪري رکي ته جيئن عوام جو گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي.
وزيراعظم شهباز شريف افغانستان ۽ پاڪستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيڻ واري مالي ۽ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم پنهنجي ايڪس ٽائيم لائين تي لکيو آهي “اوڀر افغانستان ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي تي شديد ڏک ٿيو آهي، جنهن ڪابل کي لوڏي ڇڏيو آهي ۽ ان جا جهٽڪا اسلام آباد سميت پاڪستان جي مختلف حصن ۾ به محسوس ڪيا ويا آهن.” فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ هڪ هزار کان مٿي چڙهي ويو آهي. ڪابل ۾ طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اها پرڏيهي امداد بند ڪئي وئي هئي، جيڪا افغانستان جي طويل مدتي ترقيءَ لاءِ گهربل هئي.
افغانستان جا اربين ڊالرن جا ذخيرا به منجمد ڪيا ويا. طالبان عالمي برادريءَ کي امداد جي اپيل ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن انساني امداد جو واعدو به ڪيو آهي، جن مان ڪجهه پهچي رهيا آهن. جڏهن ته بين الاقوامي امدادي ادارا به مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اقوام متحده جي عهديدارن ۽ پاڪستاني ذريعن جو چوڻ آهي ته ترڪيا ۽ پاڪستان جون ٽيمون به امداد لاءِ تيار آهن.
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان طرفان فراهم ڪئي ويندڙ هنگامي امداد جا تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان طرفان موڪلي ويندڙ امداد ۾ ايمرجنسي دوائون، ٽينٽ ۽ ڪمبل شامل آهن. ان کان علاوه شديد زخمي ماڻهن کي علاج لاءِ پاڪستان اچڻ لاءِ غلام خان ۽ انگور اڏا جو سرحدون کوليون ويون آهن. وزير اعظم پاڪستان موثر سرحدي انتظامن ذريعي تجارت ۽ ماڻهن جي اچ وڃ کي آسان بنائڻ لاءِ پاڪستان جي کنيل قدمن تي به روشني وڌي.