ادبنئون

ڪهاڻي: منهنجي من جو ڪورو ڪپڙو

هن کي ڀرت ڀريندي ڏسي، منهنجي من ۾ ڪي اڻ ڏٺا هٿ، هن جي پيار جو ڀرت ڀرڻ لڳندا هئا

…ٽانڪي سان ٽانڪو…ڌاڳي سان ڌاڳو…ڪا صورت جڙي رهي هئي…!

هوءَ

اڀ سان ڳالهيون ڪندڙ پپل جو وڻ

۽

ڀرت…!

…ڀرت هن جي ڪرت هئي ۽ جنون به!

هن جي خوبصورت آڱرين ۾ جادو هو، ماڻھو هن جي ڀرت کي ويٺا ڏسندا هئا.

ڪي ماڻھو ائين به چوندا هئا، اهڙو صاف ڀرت ڪا سهڻي من واري ڇوڪري ئي ڀري سگھي ٿي!

ڀرت محنت سان ڀربو آهي، پر هن کي ڏسي لڳندو هو ته هوءَ عقيدت سان ڀرت ڀريندي هئي!

ڀرت ڀريندي هوءَ پاڻ به وساري ويهندي هئي!

ماسي ڪيترا ئي ڀيرا سڏ ڪندي هئس پوءِ وڃي ٻڌندي هئي… ۽ جواب اهڙو ڏيندي هئي… ڄڻ ڏور ڪٿي، ڪنهن ٻي دنيا ۾ ويٺي هجي… هن کي ڀرت جا انيڪ نت نوان نمونا ايندا هئا.

هوءَ اهڙي مصوره هئي، جيڪا رنگين ڌاڳن سان ڪوري ڪپڙي تي گھڻو ڪجھ ٺاهي وٺندي هئي…

گل

پوپٽ

وڻ

پکي

سهڻا ڪارٽون

ننڍڙن ٻارڙن جون تصويرون

۽

ڪي گُڏيون…!!!

ڀرت سان سهڻي نموني نالا به چٽي وٺندي هئي!

هن کي ڪوري ڪپڙي، رنگين ڌاڳن ۽ سٽ سان پيار هو!

هن کي سئيٽر به سهڻا اڻڻ ايندا هئا.

هڪ ڏينهن هن واعدو ڪيو هو..”ايندڙ سياري لاءِ مان توکي سهڻو گرم سئيٽر اڻي ڏيندس….!“

هن هڪ ننڍڙو سئيٽر اڻيو هو، جنهن تي هڪ پکي به هو…

”ھي تولاءِ ناهي…سونهن لاءِ آھي!“ هن مرڪندي چيو هو، سونهن هن جي ننڍڙي ڀائٽي هئي!

مونکي اداس ڏسي چيائين:

”ٻارن سان ريس نه ڪبي آھي!!“

۽ هن هڪ خوبصورت ٽھڪ جو ڪبوتر اڏاريو هو…جيڪو پنهنجي چنهب ۾ منهنجي اداسي کڻي هليو ويو هو!

”تون ڀرت ڀريندي هورڙيان چپن ۾ ڪهڙو گيت جهونگاريندي آھين!؟

تنهنجي چهري تي نور پکڙجي ويندو آھي!“

منهنجي پڇڻ تي ڏور ڏسندي وراڻيائين:

”اهو هڪ ٿري گيت آھي، جنهن ۾ ٿر جي اڃايل واري کي مينهن لاءِ ڏاڍي اڪير ڏيکاريل آھي! ان ۾ هڪ عجيب انتظار جي ڪيفيت به سمايل آھي!“

ھوءَ چپ ٿي وئي هئي ۽ انتظار جي اها ڪيفيت هن جي سهڻين اکين ۾ به لهي آئي هئي…!

سيارو اچي ويجهو پهتو هو…پر هوءَ منهنجو سئيٽر اڃا اڻي نه سگهي هئي!

ماسي بيمار ٿي پئي هئي… هن کي پئسن جي ضرورت ٿي پئي هئي! هن وڌيڪ ڀرت جا آرڊر ورتا هئا، هن جي محنت اڳي کان به وڌي وئي هئي…!

منهنجي زور ڀرڻ باوجود به هن مون کان پئسا وٺڻ قبول نه ڪيا، پئسا واپس ڪندي چيائين:

”منهنجي آڱرين اڃا ڀرت ڀرڻ ۽ سئيٽر اڻڻ نه وساريو آھي!“

مونکي اداس ڏسي چيائين:

”چريو نه ٿي، ڳالھ کي سمجھ… مدد جو آسرو ڪلر وانگر هاڃيڪار آھي، اهو ارادي ۽ حوصلي جي زرخيز زمين کي بنجر بڻائي ڇڏيندو آھي!“

هوءَ اڃا به گھڻي مصروف ٿي وئي هئي… ماسي کان گھڻا مٽ مائٽ پڇڻ آيا ٿي، هن جو سئوٽ به آيو هو! سندس طبيعت عجيب هئي… هن جي ڀرت مان گھڻيون وِڏُون ڪڍيائين… مونکي بنھ به نه وڻيو هو، کيس ڪنهن جي دل رکڻ لاءِ به تعريف نه ٿي آئي، هن جي طبيعت جي سخت گيري مان لڳو پئي ته کيس حڪم هلائڻ جي عادت ھئي!

ماسي جي طبيعت ٺيڪ ٿي وئي هئي ته هن ڪجھ سک جو ساھ کنيو هو!

هن خوشي مان چيو هو:

”هاڻي مان پنهنجي مرضي موجب ڀرت ڀريندس…. جائي سيارو به صفا ويجهو اچي پهتو آھي، تولاءِ سئيٽر اڻي وٺان….!

ان ڏينهن هن ڪپڙي، ڀرت، ڌاڳن ۽ سئيٽر تي گھڻيون ڳالهيون ڪيون….!!

ڌاڳي جو ڌاڳي سان ۽ ٽانڪي جو ٽانڪي سان ڳانڍاپو به سمجهايو هو..!

هن پنهجي اندر جون ڳالهيون اورڻ شروع ڪيون ته مان حيران رهجي ويس… هن جي من ۾ هڪ سهڻو سنسار هو…

هن جي ڳالهين ۾

وڻن جي ساوڪ

گلن جي خوشبوءِ

پوپٽن جا رنگ

پهاڙن جي اڏولتا

۽ 

سمنڊ جي گهرائي هئي!

هن چيو هو:

”ڀرت ڀريندي مان ڏاڍو سوچيندي آھيان… ڪائنات جي ذري ذري تي!“

(منهنجي من ۾

هن جي پيار جو ڀرت 

ڀريندڙ ھٿن ۾ 

تيزي اچي وئي هئي!)

ڳالهيون ڪندي ڪندي هن اچانڪ چيو:

”تون ڏاڍو صابرين آھين… تو ۾ انتظار جي قوت به آھي!“

ھيڪر ئي اداس ٿي وئي ھئي!

”چريو به آھين…. ايڏو انتظار نه ڪبو آھي ۽ ايترو صبر به صحيح نه آھي!“

ڏور ڏسائن ۾ ڏسندي چيائين:

”سيارو ته هاڻي صفا مٿان آھي، مونکي سئيٽر اڻڻ گھرجي!“

ماسي سڏ ڪيو هئس ته ويندي ويندي چيائين:

”جيترو خيال ڪنهن ٻي جو رکين ٿو ايترو خيال پنهنجو به رکندو ڪر…!“

مان پنهنجو خيال رکڻ لڳو هئس…! سيارو شروع ٿي ويو هو…. هڪ ڏينهن وڃي چيو مانس:

”منهنجو سئيٽر….!!؟

”اهو ته مان اڃا ناهي ٺاهيو“ چيائين”هاڻي شروع ڪندس!“

”ڀوڳ نه ڪر… مان توکي سئيٽر اڻندي ڏسندو رهيو آھيان…!!!“

”اڙي ها…. اهو…. بيھ ته کڻي ٿي اچان…!“

هو سئيٽر کڻي اچي خوشي مان ڏيکارڻ لڳي هئي… ائين پئي لڳو هن پنهنجو سڄو هنر ان تي کپايو هو…!!!

”منهنجي ڀرت کي پسند ناهي ڪندو ۽ ٺٺول ڪندو آھي پر هي سئيٽر ڏسي ضرور منهنجي هنر جو قائل ٿيندو…!“

”ڪير….!“

 وائڙائپ مان پڇيو هيومانس.

”اهو منهنجو نخريل سوٽ ٻيو ڪير… هو بلڪل تنهنجي ابتڙ آھي، تو وانگر خيال رکڻ به نه ايندو اٿس، پوءِ به هن لاءِ…“

هن جي لهجي ۾ ڪا انوکي خوشي ۽ اکين ۾ رنگ ئي رنگ هئا….

مسڪرائيندي چيائين:

”منهنجو ڀرت پسند نه اٿس… پر مان پسند آھيانس… عجيب آھي هو به… سڀاڻي چاچا وارا رشتو پڪو ڪرڻ ايندا…!“

(منهنجي من ۾

سَٽَ اچي وئي….اڻ ڏٺا هٿ ڀرت ڀريندي رڪجي ويا…۽

سڀ ڌاڳا 

پاڻ ۾ الجهي ويا….!)

***