سنڌ سرڪار طرفان ايئرپورٽ تي اسڪريننگ لاءِ ڌار ڊيسڪ لاءِ انتظام مڪمل

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار ڪراچي ايئرپورٽ تي وفاق طرفان مسافرن جي اسڪريننگ تي بي اطميناني جو اظهار ڪيو. صحت کاتي ۽ وڏي وزير جي صدارت ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو هو ته ايئرپورٽ تي سمورن مسافرن جي اسڪريننگ لاءِ سنڌ سرڪار طرفان الڳ ڊيسڪ قائم ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي انتظامن جو جائزو ورتو. صحت واري وزير ۽ ايئرپورٽ انتظاميه ۾ سنڌ سرڪار جي ڊيسڪ قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٿيون. ان ڊيسڪ تي پرڏيهه مان ايندڙ سمورن مسافرن جي سنڌ سرڪار طرفان اسڪريننگ ڪئي ويندي. صحت کاتي ڊيسڪ لاءِ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن