خاص

اقتصادي رابطا ڪاميٽي اجلاس ۾ ڪڻڪ جي قيمت 1400 رپيا في مڻ منظور

اقتصادي رابطا ڪاميٽي ڪڻڪ جي امدادي قيمت 1400 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جو اگھ 1400 رپيا في مڻ ھوندو. ڪڻڪ جي ايندڙ مند ۾ سرڪاري کاتن جي ڪڻڪ جي خريداري جي عمل کي بھتر بڻائڻ لاءِ ھڪ اعليٰ سطحي ويٽ پروڪيورمينٽ مانيٽرنگ گروپ جوڙيو ويو آھي. ناڻي واري صلاحڪار عبد الحفيظ شيخ جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿيو. اقتصادي رابطا ڪاميٽي وفاقي وزير خسرو بختيار، ريلوي واري وزير شيخ رشيد، اقتصادي معاملن واري وزير حماد اظھر ۽ خاص معاون نديم بابر تي ٻڌل ڪڻڪ جي خريداري بابت مانيٽرنگ گروپ جوڙيو ويو. اجلاس ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي گھٽجندڙ قيمتن ۽ ان جي اثرن جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته عالمي منڊي ۾ تيل جي گھٽجندڙ قيمتن جو فائدو پاڪستان ۾ صارفن کي پھچايو ويندو