خاصنئون

ابراهيم حيدري، کپريال والا جزيري جي ماحولياتي جائزي جو فيصلو

مهاڻن جي ٻئي وڏي مرڪز ابراهيم حيدري کان ڏيڍ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي کپريال والا جزيري جي ماحولياتي جائزي مان معلوم ٿيندو ته اتان جي ماحولياتي صورتحال ڪيئن آهي ۽ قدرتي ذريعا ڪهڙي نوعيت جا آهن ۽ ان ۾ بهتري ڪيئن آڻي سگهجي ٿي ته جيئن جزيري کي سياحتي جاءِ طور تي اندروني ۽ ٻاهرين دنيا ۾ متعارف ڪرائي سگهجي. سيڪريٽري ماحوليات کاتي، موسمياتي تبديلي ۽ سامونڊي ترقي حڪومت سنڌ، خان محمد مهر جي زير صدارت اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته کپريال والا جزيري جي ماحولياتي جائزي جي لاءِ گهربل تقاضائن جا تفصيل ترتيب ڏنا ويندا ته جيئن انهن جي روشني ۾ ڄاڻايل سرگرمي جو اثرائتو منصوبو ٺاهي ان جي مجاز ادارن کان منظوري وٺي سگهجي. اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته پنجويهه اسڪوائر ڪلو ميٽر ايراضي تي ٻڌل جزيري سان گڏ مهاڻن جي آبادين جي ماحولياتي صورتحال کي به نظر ۾ رکيو ويندو ۽ اتي جي مجموعي ماحولياتي صورتحال جي بهتري لاءِ گهربل عمل کي به غور هيٺ آندو ويندو