ٻه ٽي ھفتا اڳ جڏھن مون اسحاق انصاري صاحب جو ناول خالي بينچ پڙھي ان تي مختصر تجزيو فيسبڪ تي رکيو ته ڪنھن دوست مونکي ٻڌايو ته انصاري صاحب جو پيار درياھ جي نالي سان ھڪ ٻيو به ناول لکيل آھي. ڪتاب گھرائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ڪتاب ڪٿان به ملي نه سگھيو. ان وچ ۾ انصاري صاحب سان به رابطو ٿي ويو. سائين جن جا لک ٿورا جو انھن نه صرف ناول، پر پنھنجو لکيل سفرنامو نڪري پيس نيپال ڏانھن به موڪلي ڏنو. سفر نامو به ھڪ ڏينھن ضرور پڙھبو، پر خير سان اڄ ناول پڙھي پورو ڪيم.
ھي ناول ٻن پيار ڪندڙ دلين عائده ۽ آيان جي ڪھاڻي آھي. رومانيا يونيوسٽي ۾ پڙھندڙ البانيا جي من مھڻي نوجوان سندري عائده ۽ خيرپور يونيورسٽي ۾ پڙھائيندڙ وچولي عمر جو ماستر آيان پراگ جي ويجھو زھرادگي علائقي ۾ ھڪ ورڪشاپ ۾ ملن ٿا. اھو ھڪ مختصر دورانيئي جو ورڪشاپ آھي جنھن ۾ ٻين ملڪن جا شاگرد ۽ پروفيشلز به آيل آھن. ٿورئي عرصي ۾ ورڪشاپ ۾ ايندڙ شاگرد ھڪ ٻئي سان راحل ماحل ٿي وڃن ٿا. اھڙي طرح آيان ۽ عائده به ھڪ ٻئي جي ويجھو ٿي وڃن ٿا.
ورڪشاپ کان واندو ٿيڻ کانپوءِ شام جي ٽائيم تي يا موڪل وارن ڏينھن ۾ سمورا شاگرد گھمڻ ڦرڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ وقت گذارين ٿا. بيئر ۽ شراب پيئڻ کانپوءِ نچڻ ڪڏڻ سڀني شاگردن جو پسنديده مشغلو آھي، ڇو ته گھڻائي اھڙن شاگردن جي آھي جيڪي يورپ سان واسطو رکن ٿا. ھڪ رات حد کان وڌيڪ شراب پيئڻ جي ڪري آيان ۽ عائده جي درميان غلط فھمي پيدا ٿي پئي ٿي جنھن جي ڪري ھو ٿوري وقت لاءِ ھڪ ٻئي کان راھون جدا ڪري وٺن ٿا.
ان غلط فھمي جو سبب اھو آھي ته عائده سمجھي ٿي ته آيان نشي جي حالت ۾ ساڻس سنجوڳ ڪيو آھي، پر ھڪ ڏينھن آيان کيس يقين ٿو ڏياريس ته اھڙي ڪابه ڳالھه ناھي ۽ ھو روحاني محبت ۾ يقين رکڻ وارو ماڻھو آھي. عائده، آيان کي اھو ٻڌائي ٿي ته ھن پنھنجو الباني دوست فقط ان ڪري ڇڏي ڏنو ھو جو ھو به ساڻس سنجوڳ ڪرڻ چاھيندو ھو جيڪو سندس انڪار کانپوءِ ڇڏي ويو. ھوءَ چاھي ٿي ته ھو پنھنجي ڪنوراپ پنھنجي ٿيڻ واري مڙس لاءِ بچائي رکي.
وقت ھلندو ٿو رھي ۽ ورڪشاپ به پورو ٿي وڃي ٿو. ان پوري عرصي دوران عائده ۽ آيان گڏ گھمن ۽ ڦرن ٿا، ايتري قدر جو ھڪ ٻئي کي پنھنجا ننگا جسم به ارپي ڇڏين ٿا، پر اگر نٿا ڪن ته فقط سنجوڳ نٿا ڪن. بھرحال ورڪشاپ ختم ٿيڻ کانپوءِ ھر ڪوئي پنھنجي پنھنجي ملڪ واپس ھليو ٿو وڃي.
پنھنجي پنھنجي ملڪ پھچڻ شرط عائده ۽ آيان انتھائي بيچين رھڻ ٿا لڳن. ھڪ ٻئي سان رابطي ۾ رھڻ لاءِ خط، اي ميل ۽ ٽيليفون جو سھارو ٿا وٺن. ان سڄي رابطي ۾ ھڪ ٻئي کي پيار ۽ ميارون ڏين ٿا. عائده جذباتي ٿي آيان کي چوي ٿي ته آيان سان سنجوڳ نه ڪري ھن سان زيادتي ڪئي آھي، پر آيان اھڙي ڳالھه کي گھڻو وزن نه ٿو ڏئي ۽ چويس ٿو ته اھا تنھنجي مڙس جي امانت آھي. ھو ھڪ ٻئي سان ملڻ جو وچن ٿا ڪن ۽ ائين ساڳيو ادارو پھرئين ورڪشاپ ۾ شامل سمورن شاگردن کي وري ھڪ دفعو ٻيھر گھرائي ٿو.
ائين آيان ۽ عائده ڏھن سالن جي عرصي کانپوءِ ھڪ دفعو ٻيھر ھڪ ٻئي سان ملن ٿا. اھو ڏسجي ٿو ته وقت گذرڻ سان گڏ ٻئي جذباتي طور وڌيڪ مظبوط ۽ بردبار لڳن ٿا ۽ پيار ۾ شھوانيت کي پوئتي رکي روحانيت طرف وڌن ٿا ۽ ناول ختم ٿو ٿئي.
بنيادي طور ھي رومانوي ناول آھي جنھن ۾ آيان ۽ عائده جي ڪھاڻي آھي. ناول ۾ سنھا سڪا ٻيا به سياسي يا سماجي مسئلا گڏوگڏ ھلن ٿا، پر پيار جو موضوع نمايان آھي. شروع کان آخر تائين ڪھاڻي ھڪ تسلسل سان ھلي ڪري پنھنجي اختتام تي پڄي ٿي. تسلسل باوجود ڪھاڻي جي اندر آيان جي پراگ ۾ شروعاتي پڙھائي دوران جرمن ڇوڪري سان پيار جي ھڪ ٻي ڪھاڻي به آھي جنھن کي آيان پڻ ساريندو رھي ٿو. خير ناول جي ٻين جزن جھڙوڪ منظر نگاري ۽ ڪردار نگاري جو جيڪڏهن ذڪر ڪجي ته ناول ۾ ڪافي سارا ڪردار آھن، پر نمايان ڪردار صرف آيان ۽ عائدہ جا آھن، پر ناول جااھم ڪردار ھئڻ باوجود ايترا مضبوط ۽ جاندار ڪردار ناھن جو پڙھندڙ تي انھن جو ڪو نمايان اثر پوي. ناول جي منظر نگاري ڪافي حد تائين بھترين ۽ مناسب آھي. سڀني جاين، جڳھين ۽ ڪردارن کي اھڙي سٺي ۽ صاف نموني بيان ڪيو ويو آھي ڄڻ اھي جايون ۽ ڪردار پڙھندڙن جا ڏٺل ھجن.
ناول ۾ سسپينس يا تسلسل وغيره پيدا ڪرڻ جي لاءِ ليکڪ ٽي چار اضافي ڪردار جھڙوڪ: فھد، حميرا ۽ سبينا جا ڪردار رکيا آھن جيڪي غير ضروري لڳن ٿا ڇو ته آيان سان ٽريننگ ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو تعداد اڳ ۾ ئي ڪافي آھي. فھد ھڪ سنڌي ڇوڪرو آھي جيڪو آيان جو دوست آھي ۽ پراگ ۾ رھي ٿو. حميرا، آيان جي سڃاڻڻ واري ڇوڪري آھي ۽ سبينا وري خيرپور يونيورسٽي ۾ آيان جي نه صرف سڃاڻ واري، پر آيان جي ويجھي دوست ۽ رازدار پڻ آھي. مون کي ھي سڀ ڪردار غير ضروري لڳن ٿا ۽ جيڪڏهن ناول ۾ نه ھجن ھا ته به ڪو فرق نه پيو پوي، پر لکندڙ جي ھڪ پنھنجي دنيا آھي تنھنڪري اسان ڪجھه نٿا ڪري سگھون..
ھن ناول ۽ سائين انصاري صاحب جي پھرئين ناول خالي بينچ ۾ ڪھاڻي ۽ ڪردارن جي حساب سان ڪو خاص فرق ناھي. ٻنھي ناولن ۾ ڪنھن حد تائين پيار يا روحانيت کان وڌيڪ، شھوانيت آھي. ٻنھي ناولن جا ٻئي اھم ڪردار ھڪ ٻئي سان ملڻ کانپوءِ وري خط ۽ فون جي سلسلي سان جڙيل رھن ٿا ۽ ٻنھي ناولن جا ائين کڻي چئجي ته ھيرو ۽ ھيروئن ھڪ ٻئي کي حاصل ڪرڻ جي بدران حالات سان سمجھوتو ڪن ٿا . “خالي بينچ” جي ساحره ۽ ثاقب جيڪي سنڌ ۾ رھن ٿا ته به ھڪ ٻئي کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن ته “پيار درياھ” جا ٻئي ڪردار عائده ۽ آيان به ائين ئي ڪن ٿا.. جيڪڏھن لاحاصلات تي ئي ڪھاڻين کي ختم ڪرڻو آھي ته ڪردارن کي اگھاڙو ڪري بسترن جي سيج بڻائڻ ڪھڙي قسم جو روحاني پيار آھي. بھرحال ليکڪ کي اھو سوچڻو پوندو ته پيار ۽ شھوانيت ٻه الڳ دنيائون آھن.!
ھن ناول ۾ به ٻه چار ڇپائي جون غلطيون آھن. جيئن کلڻ جي بدران لکڻ لکجي ويو آھي. صحيح (درست) جي بدران صحي لکجي ويو آھي ۽ پنھنجو يا پنھنجي، جيڪو گڏيل لفظ ھجڻ کپي، پر اھو الڳ ڪري پنھن جو يا پنھن جي ڪري لکيو ويو آھي جيڪو پڙھڻ ۾ مونجھارو پيدا ڪري ٿو .
ھن ناول ۾ ڪافي لفظ ۽ جملا انگريزي جا استعمال ڪيا ويا آھن، پر اڪثر لفظن يا جملن جي متبادل سنڌي معنيٰ نه ڏني وئي آھي، جيڪا انگريزي جي ڄاڻ نه رکندڙن لاءِ پڻ مونجھارو پيدا ڪري سگھي ٿي.
مجموعي طور تي تمام سٺي ۽ ساراھ ڪرڻ جھڙي ڪوشش آھي. اسان ته مڙئي ٻه پنا لکي حوال ھڻي ٿا وڃون، پر جيڪي ھيڏو سارو ناول لکن ٿا، انھن جي لاءِ ايترو آسان ناھي، جنھن جي لاءِ سائين سميت سمورا ليکڪ جس لھن. باقي منھنجو ذاتي خيال آھي ته سائين محبت جي موضوع کي ڇڏي، ٽريجڊي يا تاريخي ناول تي طبع آزمائي ڪري ته ممڪن آھي ڪھاڻي جو انجام پنھنجي فطرتي انجام يعني خوشي يا غم تي ختم ٿئي يا پڙھندڙن کي ڪو مثبت سبق ملي.