بلاگنئون

ورهاڱي کان اڳ لاڙڪاڻي جو عظيم شاعر، صحافي هوند راج دکايل

منھنجو ڏاڏاڻو ۽ تاريخ جو دادلو شھر لاڙڪاڻو مون ننڍپڻ کان عمر جي هن حصي تائين پنھنجي عزيزن، دوستن سان گڏجي تمام گهڻو گهميو آهي. هن شھر بابت سڪندر عباسي ڪٿي لکيو هو ته، “لاڙڪاڻو پنھنجي عمر کان وڌيڪ پوڙهو لڳي رهيو آهي، جنهن جا رهواسي سندس حالت بھتر بنائڻ جي بھاني ڪوڙن واعدن سان ووٽ وٺي ايوانن ۾ ويھن ٿا ۽ اتي پھچي سندس ئي پاڙون ڪمزور ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبي وڃن ٿا.” هي ته عباسي صاحب جي هڪ جائز شڪايت هئي، پر ان کان علاوه ڪيترين ئي تاريخي شخصيتن لاڙڪاڻي تي تمام گهڻو ڪجھه لکيو آهي، جن مان مير علي شير قانع پنھنجي تاريخي ڪتاب “تاريخ تحفة الڪرام” ۾ مرزا قليچ بيگ “قديم سنڌ” نالي ڪتاب ۾ صحافي غلام تقي جعفري پنھنجي ھڪ طويل مضمون ۾، پير علي محمد راشدي پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب “هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو” ۾ ذڪر ڪيو آهي، پر ڪلھوڙا دور کان اڳ جي تاريخ جھڙوڪ: “چچ نامه”، “آئين اَڪبري”، “تاريخ معصومي” ۽ “تاريخ مظھر شاهجھاني” ۾ هن شھر جو ذڪر نٿو ملي. ان مان ظاهر آهي ته لاڙڪاڻو شھر ڪلھوڙن جي دور ۾ پنھنجي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي اهميت سان نمايان ٿيو، پر ٿي سگهي ٿو ته اڳ ۾ هي شھر موجود نه هو، جي هو ته ننڍي وستي، وسندي يا ڪا مياڻي هجي، جنھن کي ڪا اهميت حاصل نه هئي. هڪ رَوايت موجب لاڙڪاڻو شھر لاڙڪ قوم ٻڌايو وري تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان اها ڳالھه معلوم ٿي ٿئي ته ميان نور محمد ڪلھوڙي جي دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ آبپاشي جو نظام قائم ٿيو ۽ زراعت کي ترقي ملي،  لاڙڪاڻي کي بندر جي حيثيت پڻ حاصل هئي ۽ اهو تجارت جو مرڪز بڻيو. جنھنڪري صنعت ۽ حرفت ترقي ڪئي ۽ خوشحالي آئي. ڪلھوڙن جي زماني ۾ گهاڙ واهه کي نئين سر کوٽائي آبپاشيءَ جي ذريعن کي بھتر ڪيو ويو. اهڙي پيدا ٿيل شادابي ۽ خوشحالي تي ڪيترائي خوبصورت پھاڪا ٺاهيا ويا، جيئن ڪلهوڙن جي دور ۾ خوشحاليءَ سبب پھاڪو جڙيو هو ته “هجنئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو”، ٽالپرن جي دور ۾ باغات، گلن ڦلن ۽ محبتي ماڻهن سبب “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” سڏجڻ لڳو. انگريزن جي دور ۾ هي شهر علم، ادب، امن امان، تفريح ۽ سٺي انتظام سبب “لاڙڪاڻو راڄ راڻو” سڏجڻ لڳو.

انهيءَ لاڙڪاڻي لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو جو خواب هو ته “لاڙڪاڻي کي پيرس بڻائيندو”، پر ڀٽو جنهن لاڙڪاڻي کي پئرس بنائڻ جو خواب ڏٺو هو، اهو خواب سندس بند اکين جو سپنو ئي بڻيل رهجي ويو. منھنجي خيال مطابق جيڪڏهن هن شھر کي زنده رکيو آهي ته اهي لاڙڪاڻي جون تاريخ ساز شخصيتون لاڙڪاڻي جا اديب، نظرياتي سياستدان ۽ شاعر ئي آهن جن جي ڪري لاڙڪاڻو شھر ادب جو مرڪز به سڏجندو هو. لاڙڪاڻي ۾ ورهاڱي کان اڳ جي اديبن جون ڪاوشون ۽ ڪوششون هيون جن جي ادبي پورهئي جي ڪري ڪيترائي ماڻهو صاحب ڪتاب بڻيا، جن جا نالو رهندي دنيا تائين قائم رهندا، جن ۾ ڪهاڻيڪار جيئل اوڏ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ذوالفقار راشدي، ذوالفقار سيال، مختيار سمون، امان راهي، قدير شيخ، ممتاز عباسي، جھانگير عباسي، محمد علي پٺاڻ، غلام مصطفى مشتاق، اياز گاد، منظور جوکيو، شبنم موتي، ٻن مجموعن جيتريون ڪھاڻيون سرجيندڙ مرحوم غلام سرور منگي، سوڀو گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، ملڪ آگاڻي، اخلاق انصاري، ڪيھر شوڪت، طارق عالم ابڙو (بنيادي طور قمبر جو هو)، سليم ڪورائي، زيب سنڌي، جھان آرا سومرو کان علاوه ماضيءَ ۾ لاڙڪاڻي جي اَدبي شخصيت سنڌ توڙي هند ۾ ناماچاري ماڻي آهي، اُنھن ۾ عثمان فقير سانگي، فقير نانڪ يوسف، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، هري دلگير، ڪشنچند “بيوس”، پروفيسر رام پنجواڻي، هوند راج دکايل. منھنجو ذاتي خيال آهي ته لاڙڪاڻي جي شاعرن مان هوند راج دکايل جو نالو نھايت مٿانھون آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي بانين مان هن عوامي ۽ مقبول شاعر ۽ راڳي، هوند راج  دکايل  16 جنوري 1910ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾، ليلا رام ماڻڪ کتريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پھرين ٽِڪاڻي ۾ ٻاراڻو، ميونسپل اسڪول لاڙڪاڻي ۾ چار درجا سنڌي ۽ ڪجهه عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. سندس تعليم صرف ست درجا سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزي هئي. مائٽن سندس ڏهن ورهين جي عمر ۾ شادي ڪرائي. هن کي شاعري ۽ سنگيت سان ننڍپڻ کان وٺي گھرو لڳاءُ هو. هڪ ڀيري ننڍيءَ عمر ۾ ئي پيءُ جي اوطاق ۾ پنهنجو شعر جهونگاري رهيو هو ته وٽن اوطاق جي ٻئي ڪمري ۾ رهيل ورند رام “ربابي”، هوند راج جو آواز ٻُڌي سندس پيءُ کي چيو ته اوهان جو نينگر ڪو “دُکايل” ٿو ڏسجي، ائين هوند راج کي درويش ورند رام وٽان  “دکايل” تخلص ملي ويو. اڳتي هلي هوند راج دُکايل، گيت ۽ سنگيت ۾ خاص مهارت حاصل ڪري ورتي. هن 1924ع کان شاعريءَ جو باقاعدي آغاز ڪيو، ڀڄن، گيت ۽ غزل لکيائين سندس پهريون شعر “ستيه پرڪاش” مخزن لاڙڪاڻي ۾ ڇپيو. شاعريءَ جي دنيا ۾ ڇِڪي آڻڻ ۾ ڪشنچند بيوس سان گڏ دادا ميلا رام واسواڻيءَ ۽ دادا فتح چند واسواڻي جيڪي سندس ماسات پڻ هئا. سندس شاعريءَ تي سڀ کان وڌيڪ اثر ڪشنچند بيوس جو ئي آهي، ان ڪري هي ۽ هري دلگير درياڻي، بيوس سنگ جا شاعر سڏيا ويندا آهن. هوند راج دکايل 1930ع کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ آزاديءَ جا گيت کنجريءَ تي ڳائيندو رهندو هو. انگريز سرڪار جي راڄ ۾ ڪيترا ڀيرا جيل ياترا به ڪيائين. جڏهن مهاتما گانڌي “هندستان خالي ڪريو” جو نعرو هنيو ۽ “ستيا گرهه” جو اعلان ڪيو ته هوند راج “دکايل” گانڌيءَ جو سنيهو کڻي، ڊفلي وڄائيندو، سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهمندو رهيو. هي گانڌي وادي ويچارن جو حامي ۽ پرچارڪ هو. “سوديشي” ۽ “کاڌي تحريڪ” جو به خوب پرچار ڪيائين. قيام پاڪستان جي اوائلي ڏينهن ۾ به جيل ويو. آزاد ٿيڻ تي ڀارت ۾ وڃي گانڌيڌام ۾ مقيم ٿيو. شاعريءَ جو پهريون مجموعو “سنگيت ڦول” 1946ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ قومي گيتن سان گڏ ڪيترا ٻاراڻا گيت به شامل آهن. هو هڪ صحافي به رهيو هو. دکايل 1958ع کان 1982ع تائين “ڌرتي ماتا” ۽ 1964ع کان 1984ع تائين “گانڌيڌام سماچار” اخبارن سان واڳيل رهيو. هوند راج دکايل جون تعليمي خدمتون به وسارڻ جوڳيون نه آهن. سنڌ مان لڏي گانڌيڌام وسڻ کانپوءِ 1952ع ۾ هڪ تعليمي سوسائٽي “گانڌيڌام مئتري منڊل” نالي قائم ڪيائين، جنھن طرفان اڳتي هلي ڪيترا تعليمي ادارا قائم ٿيا، جن کي سندس دوست هري دلگير هلي سنڀاليو.

هوند راج دکايل جو آواز ڏاڍو مٺو ۽ سريلو هو. سندس قومي گيتن ۽ ڀڄنن جون ڪيتريون ئي ڪيسٽون سندس آواز ۾ جاري ٿيل آهن،  دکايل جي شاعريءَ جا ڪيترا مجموعا ڇپيا جن ۾ سنگـيـت ڦـول، جهـونگار،  قـومـي لـلـڪــار،  لاهوتي لھرَ،  سنگيت ورکا،  پڙلاءُ،  گل ٿا روئن تنھنجي ياد جا، سنگيت انجلي. ان کانسواءِ سندس نثر ۽ نظم جي ڇپيل ٻين ڪتابن ۾ سرووديه گيت، سوامي ڌرم داس جيون ڪٿا گرمکي ۽ عربي سنڌي لپيءَ ۾  شرڌ انجليون  مشاهدو،  اڪ جون ڦلڙيون، هوت هِردي ۾ وڃايم (ڪهاڻيون)،  زندگي هڪ، روپ انيڪ، سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسڻ جھڙا يادگار ڪتاب اڄ لائبريرين ۾ اڻ لڀ ٿي چڪا آهن. هوند راج دکايل کي ادبي قدر شناسيءَ طور ڪيترائي ايوارڊ ملي چـڪـا آهـن، جـن ۾:  سـاڌو واسـواڻـي ايوارڊ “زنـدگـي هڪ روپ انـيـڪ” ڪـتاب تـي مـرڪـزي سـرڪـار جي تعليم کاتي طرفان انعام،  ڀارت جـو وڏي ۾ وڏو ادبـي پـدم شـري ايوارڊ،  راجسٿان سنڌي اڪيڊميءَ پاران “دکايل رات” ۽ “سنڌي رتن ايوارڊ” گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران “سنمان ۽ پُرسڪار” ايوارڊ  گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمـيءَ پاران دکايل جي زندگي ۽ ڪم تي “وڊيو فلم” جو اجراءُ “سـرو ڀـارت سـنڌي ٻـولـي سـاهـتيـه وڪـاس سڀا” پاران ايوارڊ، مـڌيـه   ممـبـئيءَ ۾ رام پـنــجـواڻـــي “فرينڊس آف انٽرنيشنل سنڌيز” طرفان “مئن آف دي ييئر” طور “ايشوري ٻائي بختاڻي ايوارڊ” سھيوڳ فائونڊيشن ممبئيءَ پاران “سھيوڳ يادگار ايوارڊ” راڌي شيام مندر مدراس “جـشـن سـوڀـراج مـل مـوقـعـي تـي خـاص گڏجاڻيءَ ۾ “ومل ايوارڊ” “سدائين گڏ سنڌي تنظيم” طرفان انٽرنيشنل لطيف ايوارڊ ۽ سونو ٻلو “اسين سنڌي سنسٿا” پاران دهليءَ ۾ ڀارتي ڪـائونسل طرفان سنمان سھيوڳ فائونڊيشن طرفان “نارائڻ شيام” روڪ انعام، “پريه درشني اڪيڊميءَ” پاران ممبئيءَ ۾ رام پنجواڻيءَ جي ياد ۾ ٽرافي ۽ روڪ انعام، ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران 11 لک رپيا روڪ ۽ ايوارڊ مليا. هند جي هن نامور شاعر 3 ڊسمبر 2003ع تي گانڌيڌام ۾ وفات ڪئي.

دکايل جا ڪيترائي گيت سنڌي شاعريءَ ۾ شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا، انهن گيتن مان هيٺين گيت جو ته ڪو مَٽ ئي ناهي:

“پھتم نياپا ڍير!

آءٌ اچان ڪيئن؟

ٿيون بند راهون،

ٻيا سوڙها گهٽ گهير!

پھتم نياپا ڍير.

هوليءَ اڌ گوليءَ جون راتيون تڙپائن ٿيون جيءُ،

هڪ ڏڪڻيءَ جو ملڻ مسافر! ٻيو ڏاٽن جو سيءُ،

ماٽيل چارن جي چِڪَ ۾ ٿي،

پوندم پڌرا پير!

پھتم نياپا ڍير.”