منھنجو ڏاڏاڻو ۽ تاريخ جو دادلو شھر لاڙڪاڻو مون ننڍپڻ کان عمر جي هن حصي تائين پنھنجي عزيزن، دوستن سان گڏجي تمام گهڻو گهميو آهي. هن شھر بابت سڪندر عباسي ڪٿي لکيو هو ته، “لاڙڪاڻو پنھنجي عمر کان وڌيڪ پوڙهو لڳي رهيو آهي، جنهن جا رهواسي سندس حالت بھتر بنائڻ جي بھاني ڪوڙن واعدن سان ووٽ وٺي ايوانن ۾ ويھن ٿا ۽ اتي پھچي سندس ئي پاڙون ڪمزور ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبي وڃن ٿا.” هي ته عباسي صاحب جي هڪ جائز شڪايت هئي، پر ان کان علاوه ڪيترين ئي تاريخي شخصيتن لاڙڪاڻي تي تمام گهڻو ڪجھه لکيو آهي، جن مان مير علي شير قانع پنھنجي تاريخي ڪتاب “تاريخ تحفة الڪرام” ۾ مرزا قليچ بيگ “قديم سنڌ” نالي ڪتاب ۾ صحافي غلام تقي جعفري پنھنجي ھڪ طويل مضمون ۾، پير علي محمد راشدي پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب “هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو” ۾ ذڪر ڪيو آهي، پر ڪلھوڙا دور کان اڳ جي تاريخ جھڙوڪ: “چچ نامه”، “آئين اَڪبري”، “تاريخ معصومي” ۽ “تاريخ مظھر شاهجھاني” ۾ هن شھر جو ذڪر نٿو ملي. ان مان ظاهر آهي ته لاڙڪاڻو شھر ڪلھوڙن جي دور ۾ پنھنجي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي اهميت سان نمايان ٿيو، پر ٿي سگهي ٿو ته اڳ ۾ هي شھر موجود نه هو، جي هو ته ننڍي وستي، وسندي يا ڪا مياڻي هجي، جنھن کي ڪا اهميت حاصل نه هئي. هڪ رَوايت موجب لاڙڪاڻو شھر لاڙڪ قوم ٻڌايو وري تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان اها ڳالھه معلوم ٿي ٿئي ته ميان نور محمد ڪلھوڙي جي دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ آبپاشي جو نظام قائم ٿيو ۽ زراعت کي ترقي ملي، لاڙڪاڻي کي بندر جي حيثيت پڻ حاصل هئي ۽ اهو تجارت جو مرڪز بڻيو. جنھنڪري صنعت ۽ حرفت ترقي ڪئي ۽ خوشحالي آئي. ڪلھوڙن جي زماني ۾ گهاڙ واهه کي نئين سر کوٽائي آبپاشيءَ جي ذريعن کي بھتر ڪيو ويو. اهڙي پيدا ٿيل شادابي ۽ خوشحالي تي ڪيترائي خوبصورت پھاڪا ٺاهيا ويا، جيئن ڪلهوڙن جي دور ۾ خوشحاليءَ سبب پھاڪو جڙيو هو ته “هجنئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو”، ٽالپرن جي دور ۾ باغات، گلن ڦلن ۽ محبتي ماڻهن سبب “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” سڏجڻ لڳو. انگريزن جي دور ۾ هي شهر علم، ادب، امن امان، تفريح ۽ سٺي انتظام سبب “لاڙڪاڻو راڄ راڻو” سڏجڻ لڳو.